مَين جو دڙو يا ميين جو دڙو حافظ عبدالستار ڪوريجو | # فيبروي 2022
ڪتاب ”قديم سنڌ“ ص: 65 ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي موجب، ”لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي ڏوڪري ۾ لاڙڪاڻي شھر کان 22 ڪلو ميٽر پري ڏکڻ طرف هڪ ويرانو آهي جيڪو عام طرح ”مھن جو دڙو“ سڏجي ٿو. آرڪيالاجي کاتي وارن انھيءَ جي معنيٰ ڄاڻائي آهي“Mound of the dead” هن مان ظاهر آهي ته هو سمجهن ٿا ته اهو نالو اصل ۾ ”مئن جو دڙو“ آهي ۽ رڳو چُڪَ کان ”مئن“ بدران ”موهن“ لکيو اٿن، جيڪو سر زمين تي وڃي پڇا ڪندو ته پڪ ٿينديس ته صحيح اچار آهي ”مھن جو دڙو“ ۽ ڪي وري ”مھين جو دڙو“ به چون ٿا.“
ڪتاب ”سنڌو سؤوير“ ص: 115،116 گنگا رام سمراٽ موجب، ”آرڪيالاجي کاتي جي شري راکلداس بئنرجي 1918ع کان 1922ع تائين ڏکڻ پنجاب، بيڪانير، بھاولپور ۽ سنڌ ۾ اليگزينڊر (يعني سڪندر اعظم) جي يادگارن جي ڳولا ڪري رهيو هو. اهڙي طرح اهو موهن جي دڙي مٿان اچي بيٺو. کوٽائي ڪرائڻ کانپوءِ مٽي جي بيجان دڙن مان مليل شين جي ڪري ”سنڌ“ ٻرندڙ جبل جي لاوا جيان ڌرتي ڏاري ٻاهر نڪري آئي.“ هن دڙي کي شُھرت ”سر جان مارشل“ ذريعي مليل آهي.“
سنڌ جي هن کنڊر جو نالو ڇا آهي؟ عام طرح ”موهن جو دڙو“ مشھور آهي پر ”موهن“ نالي نه ڪو سنڌ ۾ راجا ٿيو ۽ نه وري ڪنھن پراڻي تاريخ ۾ اهو نالو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. ان ڪري صحيح ايئن ٿو لڳي ته اهو نالو ”مئن، جو دڙو“(Mound of the dead) مري ويلن جو دڙو هجي! جيئن اوائلي سنڌي چوندا هوندا! پر ٻين ٻڌڻ وارن ان اچار کي ”موهن“ چيو ۽ سمجهيو هوندو! ايئن ئي تاريخي طور تي ”موهن جو دڙو“ مشھور ٿيو. ڇو ته هندو آباديءَ ۾ ”مئن“ کان وڌيڪ ”موهن“ ٺيڪ هوندو ۽ اهو سمجهي اپنايو ويو. ان مان ظاهر آهي ته مذڪوره ماڳ جا مختلف نالا مھن جو دڙو، مئن جو دڙو، موهن جو دڙو، مھين جو دڙو طور مختلف نالا رهيا آهن.
آئون هڪ تاريخ جي طالب علم هئڻ جي حيثيت سان ان دڙي جي نالي ”مَين جي دڙي يا ”ميين جي دڙي“ بابت تاريخي ۽ تحقيقي دليل ڏيان ٿو ته انسانيت جي شروعات ”ميرو پربت“(Meru parbat) جي نسبت سان ماڻهن جي سڃاڻپ ”مير“(Mer) لفظ طور رهي آهي. دليل لاءِ مير(Mer) لفظ قديم سنڌ هند، افغانستان، ايران، عراق، عربستان ۽ وچ ايشيا کان به وڌيڪ دنيا جي ٻين کنڊن ۽ ملڪن ۾ به ٿي آهي. ”ميرو پربت“ کي ”سُمير پربت“(Sumer parbat) يعني سھڻو پربت به چيل آهي. اهڙي طرح سميري تھذيب پڻ قديم ميري (ميه) تھذيب يعني ”مَين، ميين جي تھذيب“ جو حصو آهي.
قديم ۽ جديد سنڌي ٻوليءَ جي قانون پٽاندر ڪن ڪن لفظن ۾ ”ي“ مجھول کي ”ھ“ ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي. ان لاءِ ڏسو قديم سنڌ جي موجوده ڪڇي (ڪشي) واري علائقي ۾ اهم ماڳ ”مير ڳڙھ“ (Mergarah) جو اچار ”مهر ڳڙھ“ انھن ئي ماڻهن جو آباد ڪيل هو. سنڌو درياءَ جو نالو به ”مير“(Mer) ماڻهن جي مٿس آبادي ڪري اصل ۾ ”ميران“(Meran) درياءُ نالو اٿس، پر پوءِ مٿي بيان ڪيل ٻوليءَ جي قانون موجب ”مهراڻ“(Mehran) نالو رواج ۾ مشھور رهيو آهي. اهڙيءَ طرح پڻ ”مير“(Mer) قديم قبيلي جو نالو ”مهر“ رواج ۾ رهندو آيو آهي ۽ رني ڪوٽ اندر ”ميري ڪوٽ“(Meri kot) ۽ خان قلات جي رهائش کي ميري قلات(Meri kalat) چوندا آهن. وڌيڪ ”مير“(Mer) لفظ سان ”قبيلا ۽ ماڳ“ هن طرح بيان ڪجن ٿا:
ڪتاب سنڌو سلطنت جا نگر ۽ ڪوٽ ص: 172 موجب ميراڻي (Merani)، ميرواڙي (Merwari)، ڪشمير (Kashmer)، اجمير (Ajmer)، ٻاڙمير (Barmer)، جيئيسرمير(Jeasirmer) وغيره، اهڙي طرح سنڌي ٻوليءَ جي سرائيڪي لھجي موجب ”ر“ اکر کي ”ل“ ۾ تبديل ٿيڻ سان ”مير“(Mer) لفظ ”ميل، مل“ طور به مشھور رهيو آهي. اڄ به سناتن ڌرم جي ماڻهن جا نالا دانو مل، بچو مل، شيوڪ مل وغيره آهن. اهڙي طرح ماڳ ۽ قبيلا ”ملتان“ (مل+آستان)، مالي، ملوها، ميلوها، ملهو، ملاڻا (مل+آڻا) وغيره به آهن.
تحقيقي روءِ سان قديمي مير(Mer) لفظ جو اختصار ”ميه“(Meya) آهي. ”ميه“(Meya) قديمي قبيلي جي نسبت سان ”مين، ميين جو دڙو“ (Meyan-jo-Daro) آهي، ان نسبت سان ”ميه“(Meya) راجپوت آهن. ”ميڻا“ (ميه+آڻا) (مينا)، مينگل (ميه+مين+گال=ڳالهه)، ”ميد“ (ميد=قديم سنڌي قبيلو+دا=جا) يعني ”ميه جا“ ايران ۾ قديم قائم ڪيل سنڌي قبيلي جي ”ميديا سلطنت“ (ميه+دا=جا+يا=وارا) يعني ميه قبيلي وارن جي سلطنت.
ڪلي ۽ ميھي ثقافت جا نالا لکيل آهن. ص: 52 تي ”ڪلي“ جي وضاحت (ڪولواھ) يعني ”ڪورواھ“ طور ڪيل آهي ۽ ”ميھي“ اصل ۾ (ميه+ئي طور آهي. ڪتاب مڪران (عھد قديم سي عھد جديد تڪ) ص: 53
عربن جي حملن وقت ايران جي گاديءَ جي شھر جو نالو ”مدائن“ (ميه+دا) ميدن جو شھر. ڪتاب رجال السنڌ و الھند موجب، محمود غزنوي جي حملن وقت مڪران جو حاڪم عيسيٰ بن معدان (ميد+آن) نالي هو جنھن کي مڪراني مقامي زبان ۾ ”مھراج“ (مھا+راجا) چيو ويندو آهي. اڄ به ”سنڌي سمنڊ“ جي ساحل سان ”ميدن“ (ميه+دا) جون آباديون موجود آهن.
”ميد“ (ميه+دا) لفظ سان ٻيا بگڙيل اچار وارا قبيلا ۽ ماڳ: مند، مند، ميند، مينڌرا (مين+دا+راؤ)، مامِداڻي (مھا+ميد+آڻي)، مندراڻي (مند+راؤ+آڻي)، مھميند (مھا+ميند)، هلمند (هري+مند) وغيره وغيره. ماڳ ۽ قبيلا ”ميرو پربت“ (Meru parbat) جي نسبت سان مير ڳڙھ(Mer garah) سان گڏوگڏ دنيا جي قديم تھذيبن جي ماءُ ”مَين، ميين جي دڙي“ جي نالي کي صحيح سڃاڻڻ ۾ ڪمزور نظر واري کي هيءُ مواد صحيح نمبر واري عينڪ پائڻ سان صاف ۽ چٽو نالو نظر ايندو رهندو.“

