بلاگ

عمراني دور جي ”رڪارڊ ٽوڙ ترقي“ جو تحقيقي ۽ تاريخي اڀياس شوڪت لوهار| # مارچ 2022

هونئن ته منهنجي عادت ناهي جو ڪنهن جي تعريف ۾ قصيدا گوئي ڪريان يا ان جي مدح سرائي ڪريان، پر سچ پڇو ته موجوده مرڪزي حڪومت جي ڪارڪردگي ڏسي دل باغ و بهار ٿي ويئي آهي ۽ دل مڇي جيان ڦٿڪي ٿي ته ان جي ثنا خاني جيڪڏهن هاڻي نه ڪئي ته ان جو حق ڪيئن ادا ڪري سگهندي؟

گذريل ٽن سالن کان هيءَ حڪومت منهنجو مطلب آهي عهد عمراني ۾ اسين سڀ موجون ماڻي رهيا آهيون، اتهاس ۾ ڪيترا عهد آيا ويا، پر عهد اهي ئي ياد رکيا ويا جن ڪو ٻوٽو ٻاريو، جن ۾ عوام، عام ماڻهن لاءِ ڪجهه ڪري ڏيکاريو ويو، ساڳي ريت عهد عمراني ۾ جيترو وطن عزيز ”ترقي“ ڪئي آهي، جهڙي عوام جي حالت تبديل ٿي آهي، ان جو پوري تاريخ ۾، پوري دنيا ۾ نه مَٽ آهي، نه ثاني آهي ۽ نه ئي ڪا نشاني آهي. اها صرف ۽ صرف هن حڪومت جي فهم، فراصت، فصاحت آهي. توهان پاڻ ئي کڻي انصاف ڪريو ته تحريڪ انصاف جهڙو انصاف اوهان کي ڇا پوري عالم ۾ ڪٿي ملي سگهندو؟ مون ته مُغلن جي سڄي تاريخ ترڪي ٽوپي پائي ڪاني واري قلم هٿ ۾ جهلي ورق گرداني ڪئي، پر مون کي پهرين مغل بادشاهه کان ويندي آخري بادشاهه بهادر شاهه ظفر تائين اهڙو انصاف ۽ هڪ هڪاڻي ڪٿي نظر ئي ڪونه آهي. بلڪه اڪبر بادشاهه جي انصاف ۾ به کوڙ کوٽ نظر آئي، جو ان ۾ بئريسٽر اڪبر جون خدمتون شامل ئي ڪونه هيون ته ڀلا انصاف خاڪ ٿئي ها! ڀلا اڪبر بادشاهه جي نورتن ۾ جڏهن بابر اعواڻ شامل ئي نه هو ته ڪهڙو انصاف ٿئي ها؟ ۽ پارلياماني پوري رعايا تائين ڪهڙي ريت پهچي سگهي ٿو. تنهنڪري پي ٽي آءِ جي حڪومت وڻ ئي وڄائي ڇڏيا آهن، اصل اهڙو ڪم ڪيو اٿائين جو هن وطن عزيز جو عوام ايندڙ نسلن تائين کين وساري ڪونه سگهندو! باقي حڪومتون مڙئي اينديون وينديون رهنديون آهن. آهي ڪا اهڙي حڪومت جنهن ۾ صدر ايترا صدارتي آرڊيننس ڪڍيا هجن جو خود هو پاڻ ئي رٽائرمينٽ کانپوءِ آرڊيننس جي ڪنسلٽيشن جو ماهر بڻجي سگهي. اهي سڀ ڪم هن تبديلي سرڪار جي طُفيل ٿيا آهن. جنهن جي تبديلي هر شيءِ کي تبديل ڪري رکيو آهي. ملڪ ۾ امن امان لڳو پيو آهي، ماڻهو ٿورو کائين ٿا، ٿورو پائين ٿا، ٿورڙو گاڏين تي هل ها، اصل صفا هن حڪومت ماڻهن جي زندگي ۾ وڏو ڦيرو آندو آهي. ائين سمجهو سڄي ملڪ جو عوام هڪ موت جي کوهه ۾ ڦري رهيو آهي. اهو اصل ۾ ايندڙ ڏکئي يا سکئي وقت لاءِ تيار ٿي رهيو آهي. ارطغرل غازي ڊرامي تي اجائي تنقيد ڪئي پئي ويئي. اهو ته هن ملڪ جي ظِل الاهي جو ذهن هو جنهن ايڪيهين صدي ۾ به ماڻهن کي گهوڙن تي هلڻ، گهوڙي سواري ڪرڻ، گڏهه، خچر جي سواري ڪرڻ جو اڻ سڌي ريت درس پئي ڏنو. جيڪو هاڻي ڪم پيو اچي، هونئن اوهان ڪنهن گهوڙا رائيڊنگ سينٽر ۾ سواري سکو ها ته ڪيترو نه اوهان، عوام جو خرچ ٿئي ها، اهو به ته بچيو نه؟ انهيءَ کان علاوه هن ملڪ ۾ پي ٽي آئي جيڪي کير ۽ ماکي جو نهرون، نديون، واهه، نئيون وهائي ڇڏيون آهن، ان تي قلم لکڻ کان قاصر آهي. بلڪه قاصر نواز به هاڻ ان حڪومت جي مڃتا تي شعر لکڻ کان ٿڪجي پيو آهي. لفظ ساڻا آهن، اکر ڪاڻا آهن، جملا جڏا آهن، مضمون منڊا ٿي پيا آهن، جيڪي عهد عمراني جي تعريف ۽ توقير ۾ استعمال ڪجن. بلڪه سڄو سارو توقير ناصر ئي وٺي اچجي تڏهن به تحريڪ انصاف جي حڪومت جي ڪيل ڪارڪردگي کي بيان ڪرڻ کان کٽي پوندو.

رنگ لڳا پيا آهن، ڳاڙها نيرا، ساوا، اڇا جنهن کي جيڪو وڻي اهو پسند ڪري. مان لکي ڇا لکان؟

وزير اعظم عمران احمد نيازي صاحب جي فهم ۽ فرائض عوام جي خدمت ۽ هر مهانگي ٿيندڙ شيءِ جو اونو ۽ سندس نوٽيس وٺڻ جو انداز ڪيڏا نه سُندر ۽ من موهيندڙ آهن.

وزير اعظم پاڻ چيو ته هو سائيڪل تي پنهنجي دفتر ويندو، سيڪيورٽي خطرن ۽ خدشن جي ڪري ڀلا نه وڃي سگهبو ته ڇا ٿي پيو ڀلا عوام ته هڪ ڀيرو وري پيڪو سهراب سائيڪل جي سواري تائين پهچي ويو يا نه؟ اهو ڪارنامو ڪنهن جي نانءُ آهي، ظاهر آهي منهنجي محبوب وزير اعظم جي نانءُ آهي. گڏيل قومن جي اداري ۾ جهڙي تقرير هن ڪئي هئي اڄ تائين ڪو ڪري سگهيو آهي. بلڪه دنيا جا محقق سندس ڪيل تقرير جي هڪ هڪ حرف جي اندر موجود جوهر جي جاچ ۾ هم تن گوش لڳا پيا آهن، هو بيهوش آهن. آخر اها تقرير هن ڪئي ڪيئن؟

ڪرڪيٽ راند ئي اهڙي آهي جيڪو کيڏي ٿو اهو عقل جو اڪابر ٿيو وڃي، اهو پنهنجو برانڊ ٿو کولي، ورلڊ ڪپ ۾ مليل ٽرافي ملڪ جي عوام لاءِ اڃان ڪيتريون ”ڪيٽس ٽرافيون“ آڻيندي. اهو ته وقت ٻڌائيندو؟ بلڪه وقت ٻڌائي رهيو آهي. پن پن مان پڙلاءُ اچي ٿو، هر ڏساءُ ۾ سک ۽ سُڪار لڳو پيو آهي! هي واقعي تبديل جي سونامي آهي، جنهن ملڪ کي ڪٿان کان کڻي ڪٿي پهچائي ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ سرڪار جو نعرو ئي تبديلي آهي ته هن گهٽ به ڪونه ڪيو آهي نه ڪي وزير مٽائڻ ۾، ڪامورا مٽائڻ ۾، فيصلا مٽائڻ ۾ ۽ عوام جي تحرير مٽائڻ ۾ واهه واهه! خبر ناهي ته سوئيڊن وارن کي اسان جي حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ اورچائي نظر ئي ڪونه ٿي اچي، جو کڻي نوبل وارا انعام ٻين عام علو ولو کي ڏيئي ڇڏيا اٿن، توهان پاڻ فيصلو ڪيو ته شهباز گل کي ترجماني تي نوبل انعام نه ملڻ گهرجي ها يا وري فواد چوڌري کي تيل جي قيمتن جي وڌايل اگهه کي علائقائي ورڇ جي محنت تي نه ملڻ گهرجي ها يا زرتاج گل  کي، صرف ڪورونا جي سائنسي تشريح تي نوبل انعام ملڻ گهرجي ها! ادب جو وري الائي ڪهري تنزانيا جي عبدالرزاق کي ڏنو ٿو وڃي ڇا اهو عبدالرزاق دائود جو حق ڪونه هو؟ مئا ماريا، اسان جو حق به کائي ويا، خير اسان کي اهڙا نوبل انعام کپن ئي ڪونه اسان وٽ پاڻ نوبل پکن ٺاهڻ جي فيڪٽري آهي.

وري مٿان ظلم ڏسو هينئون ٿو سڙي سائين! امن جو ايوارڊ، صحافين کي کڻي ڏنو اٿو ڀلا اهو انعام خود اسان جي ظِل الاهي جو حق ڪونه هو، جنهن پاڪستاني طالبانTTP  لاءِ عام معافي جو اعلان ڪيو هو ۽ اڀي نندن کي به چانهه پياري هندستان واپس ڪرايو هو، ڀلا پرائي ملڪ ۾ ائين لوڙها لتاڙيندڙ کي ڪو عام معافي ڏيندو آهي. اڀي نندن جي زبان تي اڄ به اهي لفظ آهن؛ ٽي واز فن ٽاسٽڪ، واهه جي چانهه هئي!!!.

ملڪ ۾ ٽن سالن ۾ جيڪا مهانگائي، مهانگائي ۽ ميگا مهانگائي ٿي آهي، ان پٺيان به عهد عمراني جو وڏو لاجڪ ۽ منطق آهي، جيڪي عام ماڻهو کي سمجهه ۾ ڪونه ايندو. ڀلا اچي به ڪيئن عام ماڻهو، عام اسڪولن جو پڙهيل اسان جي حڪومت جا ڪارندا وڏن وڏن ڪنگ سائيز شاهي اسڪولن جا پڙهيل مٿان آءِ ايم اين ورلڊ بئنڪ ۽ ٻين آمريڪي ۽ يورپي ٻارن جي ٽيوشن جو ساٿ پوءِ هو عقل ڪُل ٿيندا يا عام ماڻهو؟ فيصلو توهان پاڻ ڪري وٺو؟

مهانگائي جي اصل وجهه اها آهي ته دنيا ۾ نو ملڪ اهڙا آهن، جن سان اسان صفا ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ ٿا چاهيون، سوڊان، يمن، افغانستان، شام، وينزويلا، زمبابوي، روانڊا، صوماليه، انگلولا، اتر ڪوريا ۽ ٻيا به آهن، پر اوهان جي سمجهه ڪارڻ اهي کوڙ آهن، چوندا آهن ته سمجهڻ واري لاءِ اشارو ئي ڪافي آهي.

ماڻهو اٽو کائي کائي ٿلها متارا ٿي ويا هئا، هر ڪنهن جي پيٽ اڳيان ٿولهه اهڙو حشر ڪيو هو ڄڻ ديڳ اونڌي پئي هجي، ان ڪري حڪومت کي لک شاباس آهي جو اٽو اڻ لڀ ڪيو اٿن! ماڻهو مٺي پيشابن ۾ ورتا پيا هئا، هر ٻيو ماڻهو شگر جو مريض اهڙي صورت ۾ ته کنڊ تي پابندي هجڻ گهرجي ها، پر وري به حڪومت ٿورڙو عوام جي سهولت لاءِ ان کي اڻ لڀ بنائڻ بجاءِ بس ان جي قيمت ٻيڻي ڪري ڇڏي آهي. هاڻي ماڻهو روزانو ايترا بيضا کائيندا ته ڪڪڙيون ڪيئن وڌنديون، ان ڪري انصاف واري حڪومت انصاف ڪري بيضن جي اگهه ۾ به ڪجهه واڌارو ڪيو آهي جيئن ماڻهو روزانو ايترا بيضا نه کائي سگهن. کاڄرو تيل کائي کائي اڌ عوام کي سڻڀ جي ڪري (ڪوليسٽرول) جي بيماري ٿي پئي هئي، جو کاڄرو تيل صاف سستو هو هاڻ ماڻهو ٿورو کائيندا ان ڪري ان جي قيمت ۾ ٻه چار سئو رپيا ڪلو تي واڌارو ڪيو آهي. ٻئي ڳالهه ته اسان وٽ هر دفعي دال ۽ سبزي پچائڻ تي ٺٺوليون ڪيون وينديون هيون، سبزين ۽ دال جي عزت نفس مجروح ٿي رهي هئي، هن حڪومت جي تبديلي انهن جي عزت ۾ اچي اضافو ڪيو آهي. هاڻ اوهان، ساوا مرچ ۽ ڌاڻا مفت ۾ وٺي ڏيکاريو؟ هي وڏا ڪارناما آهن، جيڪي ائين اوهان جي سمجهه ۾ ڪونه ايندا، جيئن ڪجهه ڏينهن اڳ اميدوار کي هڪ نوڪري جي امتحان ۾ فعل ”اڪرترڪ“ ۽ ”وياڪرڻ“ سمجهه ۾ ڪونه آيا هئا. هونئن به پئٽرول، گئس، انهي ڪري مهانگو ڪيو ويو آهي ته عوام هاڻ پنڌ هلي جيئن ارطغرل ۾ پنڌ ۽ گهوڙي سواري تي جنگجو پاڻ کان وڏي لشڪر کي مات ڏني.

اوهان هڪ گڏهه وٺو، هڪ گهوڙو وٺو، هڪ خچر وٺو، اهي گهر جي فردن کي ڏيو، اهي اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي ان تي وڃن، ان جا نالا کڻي اوهان پنهنجي ڪار وارا رکو، ڪلٽس گڏهه، ڪرولا گهوڙو، جمني خچر، ٽول به بچندو ۽ اوهان جي زندگي ۾ نواڻ به اچي ويندي، هرو ڀرو پئٽرول جي ڳري خرچ کان به بچي پوندو. هونئن به هتي پئٽرول نه خالص آهي نه مقدار ۾ هڪ جيترو، ان جو نوٽيس وٺڻ ته هتان جي ڪامورن کي کپي، پر شايد اهو نوٽيس به ظل الاهي ئي نه وٺي ڇڏي. خيرن سان ڀر واري ملڪ/افغانستان ۾ بغير ويڙهه جي طالبان ڪابل فتح ڪيو رت جي هڪ ڦڙي به ڪونه ضايع ٿي، ان ۾ به اسان جي حڪومت جي دانش شامل آهي. جيڪا دانش مهدي کان ڪجهه وقت لاءِ اڌاري ورتي ويئي هئي.

هي مهانگائي عوام جي فائدي ۾ آهي، ماڻهو بک ڪاٽيندا، لنگهڻ تي هوندا ته انهن کي احساس ٿيندو، ٻيو ته ويلا ڪٽڻ وارو بيمار به گهٽ ٿيندو آهي. عهد عمراني ۾ سڄي ملڪ ۾ هڪ جهڙو نصاب لاڳو ڪيو ويو آهي، هاڻ شينهن ۽ ٻڪري هڪ ئي ڪتاب ۾ گڏ شامل ڪيا ويا آهن! ڪڏهن ائين تعليمي پاليسي ۾ ٿيو آهي؟ چنڊ ڏسڻ تي روز جهيڙا هوندا هئا، نيٺ انهيءَ مولوي کي انهيءَ خفت کان ئي سائيڊ ڪيو ويو آهي.

سوئي گئس ۽ اسٽيل ملز ۽ ٻيا لکين ماڻهو نوڪرين مان ان ڪري ڪڍيا ويا آهن جو هاڻ بس گهڻو ٿيو ۽ ٻين کي موقعو ڏجي يا اهي ادارا ٻاهرين ملڪ کي مسواڙ تي ڏجن، هنن کوڙ نوڪري ڪئي هاڻ وڃي ڪٿي ڪو ڌنڌو ڌاڙي ڪن. هڪ ڪروڙ جي جاءِ تي هڪ ارب نوڪريون عرب ۾ ماڻهن کي ملي ويون آهن. پنجاهه هزار گهرن جي جاءِ تي پنجاهه لک گهر هڪ ئي ڏينهن فيصل واوڊا ۽ قريشي ٺاهڻ لاءِ مستري ۽ سيمينٽ بجري وٺڻ لاءِ ويل آهن!

دوائون ان لاءِ مهانگيون ڪيون ويون آهن، جيئن ميڊيڪل اسٽورن تي رش نه ٿئي، ڪورونا آهي نه؟ آخرSOPs  تي عمل به ڪرائڻو آهي.

ميڊيا وارا به ڪانءُ وانگر رڳو لڙ ٿا ڪن، تنهنڪري ميڊيا جي وات ۾ ٿڌي برف جا ڳنڊا وڌا ويا آهن. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ مٿو هڻي اسان کي ڪهڙو بليڪ هول ڳولڻا آهن. اسان کي روحاني سائنس کپي جيڪا پنجاب جي وزير اعليٰ جي ڪردار ۽ شرافت ۽ خاموشي مان ملي ٿي. تحريڪ انصاف واقعي عوام سان انصاف ڪيو آهي، پر ماڻهو اڃان به کين مڃن ڪونه ٿا، ٿي سگهي ٿو ته انهن کي  پنهنجي اکين، ڪنن تي اعتبار نه ايندو هجي!.