ادبڪهاڻيون

آزاد صحافي

ڪهاڻي

جاويد شيخ

فريد هڪ اسڪول جو پٽيوالو آهي، سندس ننڍي ڀاءُ جو گهر جي سامهون ڪرياني جو دُڪان آهي، جنھن ۾ هلڪو ڦلڪو سامان رکيل آهي، جيئن ٺپ ٻھراڙيءَ ۾ ڪو هٽ هجي. تيل، ميٽ، گيھه، صابڻ، اٽو وغيره. فريد اسڪول جي ڊيوٽيءَ کانپوءِ گهر اچي ماني کائي ننڍي ڀاءُ جو هٿ وَنڊرائيندو آهي. هي ٻئي ڀائر سومھڻيءَ تائين دُڪان تي ويھندا آهن. فريد کي اوڙي پاڙي وارا فريد ڦــِــڪـــو ڪري سڏيندا آهن، جنھن جو سبب فريد جي هاٺي ۽ صحت آهي. هـُـو غــُــربــت ۽ غريباڻي هاٺيءَ سبب ائين ئي ڏِسڻ ۾ ايندو آهي جيئن کيس پاڙي وارا ڏِسندا پــَــســنـدا ۽ سڏيندا آهن. هـُــو واقعي لڳندو به ڦــِــڪـــو ئي آهي، رَت ته سندس جسم کان ڄڻ رُسي ويل لڳندو آهي. فريد گهڻين ئي خوبين جو مالڪ آهي. هـُــو نه رُڳو پنھنجي شھر پر پـُــوري تـــَــــر ۾ غزل جو تمام سـُــٺـــو شاعر پڻ ليکيو ويندو آهي. هـُــنـن جي گهر سان ته ڪي رَب جا گهڻا ئي ڀال ڀــَــلايــل لڳندا آهن. فريد جو ڀائيٽو به تمام سـُــٺـــو شاعر آهي. هر اخبار ۽ رسالي ۾ ڇپبو آهي. وڏي ڳالهه ته فريد جو مرحوم ڏاڏو جمعو خان به نالي وارو شاعر هو پنھنجي وقت جو 80ع واري ڏهاڪي ۾ ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تان سندس ڪلام به نشر ٿيندا هئا. تڏهن پرائيويٽ چئنلن جو نالو نشان به نه هو پر غربت سبب فريد جي ڏاڏي مرحوم جمعي خان جو ڪلام ڇپجي نه سگهيو.

هڪ ڏينھن شام ڌاري فريد ۽ سندس ننڍو ڀاءُ اڪبر ٻئي ڪرياني جي هٽ تي ويٺا هـُــئـــا ته سندن دُڪان تي شھر جو ڄاتل سـُــڃــاتــل صحافي جنھن کي شھر وارا آزاد صحافيءَ جي نالي سان سڏيندا هئا اچي وارد ٿئي ٿو.

آزاد صحافي: اسلام عليڪم!

ٻئي ڀائر گڏيل آوازن ۾ وَراڻي ڏينس ٿا.

فريد ۽ اڪبر: وعليڪم اسلام!

آزاد صحافي پھريان فريد ۽ پوءِ سندس ننڍي ڀاءُ اڪبر سان هٿ ملائي ٿو. هٿ ملائڻ کان پوءِ ٽئي حالي حوالي ٿين ٿا ۽ اُن کان پوءِ فريد آزاد صحافيءَ کان هٽ تي اچڻ جو سبب پـُــڇـــي ٿو.

فريد: سائين آزاد صاحب! ڏيو احوال اڄ اسان جي غريباڻي دُڪان تي ڪيئن اچڻ ٿيو؟ هونئن ته شھر جي ڪنھن ادبي پروگرام، ورسيءَ يا مشاعري تي ملڻ ٿيندو آهي! شايد توهان اسان جي هٽ تي اڳ ڪڏهن نه آيا آهيو!

آزاد صحافي: ڀاءُ فريد! صحيح ٿو چوين! پنھنجي ميل ملاقات ته ٿيندي آهي! توهان جو موبائل نمبر به مون وٽ آهي پر اڄ توهان سان ڪا ڳالهه ڪرڻي هـُــئـــي! پوءِ سوچيم ته پريس ڪلب کان گهر ڏانھن ويندي توهان سان هٽ تي ملندو ويندس…..

فريد: سائين! ڀلي ڪري آيا! منھنجون اکيون ٿڌيون! اوهين حڪم ڪريو! اسان لاءِ ڪا خدمت جي گهڙي اچي وئي آهي ڇا؟

آزاد صحافي: ڀاءُ فريد! حڪم ڪرڻ يا هلائڻ جي ڳالهه نه آهي! مون سوچيو آهي ته توهان جو گهراڻو ادبي ۽ شعري گهراڻو آهي! سڄا سارا ٽي مرد هڪ گهر جا شاعر آهيو پر توهان مان ڪو به صاحبِ ڪتاب ناهي! هونئن ته مرحيات جمعو خان ڪنھن تعارف جو محتاج ئي ناهي! اوهان کي ۽ اڪبر کي به پـُــورو تر ســُــــڃــــاڻـــي پر يار! مان چاهيان ٿو ته اوَل اوهان جي ڏاڏي سائينءَ جي شاعريءَ جو ڪو ڪتاب ڇپرائجي! اوهان وٽ سندس ڪلام جا مسودا هوندا بلڪه اڄڪلهه ته مرتب ٿيل ٿو چئجي! اوهان مون کي مواد ڏيو! آئون ڪتابي صورت ۾ اُهو ڇپرائيندس!.

فريد: پر ڀاءُ آزاد! ڪتاب جي ڇپائيءَ جا ڏوڪڙ ڪير ڀريندو؟ اسان وٽ ته آڻيون ۽ چاڙهيون واري صورتحال لڳي پئي آهي! مان پٽيوالو، ننڍو ڀاءُ اڪبر هٽ هلائي! گڏجي سڏجي گهر ٿا هلايون! اڪبر ۽ مان پندرهن گهر ڀاتي ٿا کارايون! اسان وٽ ته واڌو رقم يا بچت جو ته تصور به حرام آهي!.

آزاد صحافي: فريد بابا! تون پئسن ڏوڪڙن جي پرواهه نه ڪر! تون مون تي ڇڏي ڏي! آئون جمعي خان جو ڪلام ضرور ڇپرائيندس! هونئن به توهان جي ڏاڏا سائينءَ جا مون تي ڪيئي ٿورا آهن! صحافت واريءَ دُنيا ۾ منھنجو تعارف ۽ لکڻ به هـُـن شخص ئي ته سيکاريو هو! آئون سندس احسان جيئري نه لاهي سگهيس ته مـُــئـــي پــُـــڄـــاڻــان ئي لاهڻ ڏيو! مون کي ڏاڍي خوشي ٿيندي! توهان رُڳو مواد ڏيو! پئسن جو بندوبست آئون ڪري وٺندس! مون لاءِ اِهو وڏو مسئلو نه آهي! آئون پنھنجي تڪ جي ميمبر سان ڳالهائي آيو آهيان ته مون کي ڪجهه رقم چندو ڪري ڏيو! آئون جمعي خان جو ڪلام پيو ڇپرايان! وزير مون سان هائوڪار ڪئي آهي! هو ڀلا ڪو توهان جي ڏاڏا کي نه سـُــڃـــاڻـنـدو هو ڇا؟ هـُـن مون سان توهان کان مسودو وٺي اچڻ واري شرط تي پئسن ڏيڻ جي حامي ڀري آهي! اِن ڪم ۾ گهڻو ناهي سوچبو! توهان جلدي ڪريو! ڪٿي دير نه ٿي وڃي ۽ ميمبر سڳورو ڦري نه وڃي!.

فريد: سائين! توهان هٽ تي ويھو! مان گهران مواد کڻي ٿو اچان! اِجهو ويس ۽ آيس!.

فريد آزاد صحافيءَ کي هٽ تي ويھاري پاڻ گهر وڃڻ لاءِ اُٿيو. فريد 10 منٽن اندر شعري مواد کڻي  آيو ۽ اچڻ شرط آزاد صحافيءَ کي هٿ ۾ ڏنو. هـُــو مواد ملڻ کان پوءِ ســَـــــرهــــو ڏِسڻ ۾ آيو.

آزاد صحافي: ڀاءُ فريد! هاڻي آئون هلان ٿو! پريس ڪلب تي ڪافي ڪم ڇڏي آيو آهيان! هتان سـِــڌو گهر ۽ پوءِ وري پريس ڪلب تي ويندس! پاڻ واري تڪ جي چـُــونــڊيــل نمائندي صبح جو 10 هين وڳي ڌاري پنھنجي بنگلي تي بلدياتي چونڊن جي حوالي سان شھر جي معزز ماڻهن کي گهرايو هو! اها خبر اڳتي ڪرڻي آهي! سو انشاءَ الله تعاليٰ ٻن اڍائن مھينن ۾ ڇپيل ڪتاب ۽ مھورتي تقريب واري دعوت نامي سان گڏ تو وٽ اچبو!.

آزاد صحافي فريد کان موڪلائي هٽ اڳيان بيٺل موٽرسائيڪل تي ويھندي، فريد ڏانھن الوداعي هٿ لوڏيندي اُن دُڪان ۽ گهٽيءَ مان غائب ٿي ويو. آزاد جي وڃڻ کان پوءِ فريد ۽ اڪبر خوش نظر اچڻ لڳا. هـُــنـن جي پـُــراڻــي خواهش پـُــوري ٿيڻ تي هئي. وقت گــُــذرڻ لاءِ ئي خلقيو ويو هو. سو ٻه اڍائي مھينا خير سان پـُــورا ٿيا. هڪ ڏينھن فريد ڦــِــڪـــي جي هٽ تي هڪڙو همراهه ڪـُــجـهــه ڪتاب ۽ هڪڙو ڪارڊ هٿ ۾ کڻي داخل ٿئي ٿو. عليڪ سليڪ کان پوءِ همراهه وَراڻي ٿو:

همراهه: ادا! توهان مان فريد ڪھڙو آهي؟ ۽ هي ڪتاب ۽ ڪارڊ توهان لاءِ آزاد موڪليا آهن! هي وٺو!.

فريد همراهه کان ڪارڊ ۽ ڪتاب وٺي ٿو ۽ مھرباني مڃي ٿو. همراهه ڪتاب ڏئي واپس موٽ کائي ٿو. فريد خوشيءَ مان ۽ ڏَڪندڙ هٿن سان ڪتاب کڻي سر ورق کان وٺي آخري پـَــنــــي تائين جاچي ٿو. خوشي به ٿئيس ٿي ته حيرانگي به. خوشي اِن ڪري جو هـُــو غريب ڪڏهن به اهڙو ڪتاب ڇپرائي نه سگهن ها پر ڏُک ۽ افسوس اِن ڳالهه جو ٿيس ته ڪتاب جي مرتب طور آزاد صحافيءَ جو نالو پڙهي ٿو. فريد سوچي ٿو:

اِن ۾ هـُــن جو ڪھڙو ڪارنامو هو؟ هـُــن کي ته پاڻ ترتيب ڏئي مواد ڏنو هو! پوءِ پنھنجو نالو ڇو استعمال ڪيائين…… ۽ ڇڙيون 10 ڪاپيون ڏئي ويو! باقي ڪاڏي ڪندو؟ ڪو احوال ئي نه ڏياري موڪليائين!.

فريد ڪتاب هٽ تي رکي ڪارڊ کولي پڙهڻ ويھي ٿو. هـُــو ڪارڊ ۾ مھورتي تاريخ پڙهي ٿو جيڪا ايندڙ جمعي تي پريس ڪلب ۾ رکيل آهي. خير! ڪتاب جي مھورت وغيره ٿي وئي. ائين وقت گذرندو رهيو. هڪ ڏينھن فريد کي اسڪول ۾ ڊيوٽيءَ دوران ڪـَــن ۾ سـُــور پيو. هـُــن کان ڊيوٽي وِسري وئي. هـُــو هيڊ ماستر کان موڪل وٺي سـِــڌو اسپتال ڏانھن ڀڳو. قطار ۾ بيھي، پرچي ڪٽرائي، پنھنجي واري اچڻ تي ڊاڪٽر کي ڪـَــنُ ڏيکاري اُتان نسخي واري پرچي وٺي سـِـڌو دوائن واريءَ دَريءَ تي اچي بيٺو. هـُــن دريءَ اندر ويٺل همراهه کي دوائن جي پرچي ڏئي دوائن ڏيڻ جو چيو جنھن تي همراهه کيس ايم ايس کان لکرائي اچڻ جو چيو. فريد اُتان سـِــڌو ايم ايس جي آفيس  ويو! جيڪوکيس  فريد کي شاعر واريءَ حيثيت سان سـُــڃـــاڻـنـدو هو. هـُــن سندس ڪمري ۾ وڃي سلام ڪري کيس دوائن واريءَ پرچيءَ تي صحيح ڪرڻ لاءِ چيو. ايم ايس پرچيءَ تي صحيح ڪرڻ لڳو ته فريد جي نظر اوچتي صاحب جي ڪمري جي ڪــُـــنــڊ ۾ فرش تي پيل سندس ڏاڏي مرحوم جي شاعريءَ وارن بنڊلن تي پئي. هـُــن جي حيرانگيءَ جي حد نه رهي. سمجهي نه سگهيو ته اِهي ڪتاب دوائون ته ناهن جو اسپتال ۾ پيا آهن. هوڏانھن ايم ايس صاحب فريد جي پرچيءَ تي صحيح ڪري ڇڏي هـُــئـــي ۽ ڏانـھــُـــنــس وڌائي پر فريد جا خيال ۽ نظر ٻئي، ٻئي طرف هـُــئـــا.

ايم ايس: اَبا فريد! فريد! ڇا ٿيو؟ خير ته آهي؟ ڪيڏانھن گم ٿي وئين؟ هيءَ وٺ پرچي!

فريد: سائين! ڏيو!

فريد پرچي ورتي پر وري سوچن ۾ گــُــم ٿي ويو. دل ۾ سوچڻ لڳو، ته ڊاڪٽر صاحب کان پـُــڇــان ته هي ڪتاب هتي ڪيئن پھتا ۽ ڪير رکي ويو آهي؟

هـُــو نيٺ دل جهلي صاحب کان پـُــڇــڻ لڳو.

سائين ڊاڪٽر صاحب! هڪڙي ڳالهه پـُــڇـــانءَ؟ اوهان ناراض ته نه ٿيندئو؟

ڊاڪٽر: نه پـُـــٽ! پــُـــڇ!

فريد: سائين! هـُــو ڪـُــنــڊ ۾ رکيل منھنجي ڏاڏا سائينءَ جي ڪلام جا ڇپيل ڪتاب ڇا لاءِ رکيل آهن ۽ ڪير رکي ويو آهي؟ اسپتال ۾ يا ته مريض، نرسون، ڊاڪٽر ۽ دوائون هونديون آهن پر هي ڪتاب وري ڪيئن پھتا؟.

ڊاڪٽر: اَبا فريد! هي ڪتاب مون کي اِهو ڇا نالو اَٿس؟….. پنھنجي شھر جو صحافي آزاد ڏئي ويو آهي! هـُــن هي ڪتاب ڏنا آهن ۽ اُنهن عيوض مون کان ڏَهه هزار رپيا وٺي ويو آهي! چيائين مون هيءُ ڪتاب ڇپرايو آهي جنھن تي منھنجا چاليھه هزار رُپيا خرچ آيا آهن! جمعو خان غريب شاعر آهي! مون اِها رقم پنھنجي کيسي مان ڪڍي آهي! اوهان سرنديءَ وارا آهيو! اسپتال جي بجيٽ به خاصي آهي! اوهان ايڊجسٽ ڪجو! مون کيس ڏهه هزار ڏئي ڇڏيا! هاڻي هيءُ ڪتاب آئون ڪو وِڪرو ٿورئي ڪندس! ڏئي ڇڏيندس ڪنھن ڊاڪٽر يا نرس ٻرس کي! اسان جو اَبل! ڇا لڳي شاعريءَ سان؟.

فريد ڊاڪٽر جي ڳالهه ٻــُــڌي حيران ٿي ويو. مٿو چڪرائجي ويس. هاڻي هو ايم ايس جي آفيس مان سوچيندو ٻاهر نڪري ٿو. دوائن واري پرچي هٿ مان ڪـِــرِي ٿي پويس. ڪـَــن جو سـُــور ئــي وِســـري ويو اٿس. اڃان ته دوا به نه کاڌي اَٿائين. فريد اسپتال کان سـِــڌو گهر ويو ۽ وڃي کٽ تي سـُــمـهـــي پيو. سوچي سوچي کيس ننڊ وٺي وئي…… شام جو معمول موجب دُڪان تي ويو. ائين ڊاڪٽر واري ڳالهه وِسارڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو پر هَرَ هَرَ آزاد صحافيءَ جون ڳالهيون ذهن تي تري پئي آيــُــــس.

پئسا ته پنھنجو چـُــونـڊيــل نمائندو ڀريندو!.

فريد: پوءِ هي 100 ڪاپيون ايم ايس کي ڏئي پئسا ڇا لاءِ وٺي آيو؟…..

فريد کي آزاد صحافيءَ جي نيت تي شڪ پوَڻ لڳن ٿا…… مٿينءَ ڳالهه کي هاڻي ڪافي ڏينھن ٿي ويا. هـُــن کي هڪ ڏينھن ڪنھن دوست سان شھر جي ٿاڻي تي وَڃڻو پيو. سندس دوست جو ڪمپيوٽرائيزڊ شناختي ڪارڊ ڪٿي گم ٿي ويو هو. سو اُن جي اين سي ڪٽرائڻي هـُــئـــس. هـُــو ٻئي ٿاڻي ۾ داخل ٿي سـِــڌو ايس ايڇ او صاحب جي آفيس جي در تي ويٺل اَردليءَ کي صاحب سان ملڻ جو ٻـُــڌائــن ٿا. اَردلي صاحب جي آفيس اندر وڃي ٿو ۽ گهڙيءَ ۾ موٽي اچي ٿو ۽ ٻنهي کي اَندر وڃڻ جو چئي ٿو. فريد ۽ سندس دوست اَندر وڃن ٿا. اَندر وڃڻ شرط ئي فريد کي ايس ايڇ او صاحب جي آفيس ۾ سائيڊ واريءَ ٽيبل تي رکيل سندس ڏاڏي واري ڪلام جا ڪافي بنڊل نظر اچن ٿا.

فريد: هي ڇا؟

هـِــن ڀيري هـُــن کان ڇرڪ نڪري ويو.

فريد: مار! ڪتاب ته هـِــتـــي به پيل آهن! ڇا مسئلو آهي؟

هوڏانھن فريد جي دوست تيستائين ايس ايڇ او صاحب کان مـُــنــشـــيءَ لاءِ نياپو ڪرايو ته کين اين. سي ڪـَــٽــي ڏين. هاڻي ٻئي ايس ايڇ او صاحب جي ڪمري مان ٻاهر نڪري مـُــنـشـــيءَ جي آفيس ڏانھن وڃن ٿا جتي فريد جو دوست وارتا ٻـُــڌائـــي اين. سي ڪٽرائڻ ۾ لڳي ٿو وڃي. هوڏانھن فريد وري سوچن ۾ سوگهو ٿيندو پئي ويو. ڪا گهڙي ته فريد زمان مڪان جي حدبندين کان به آجو ٿي ٿي ويو. ڪڏهن ايم ايس جي ڳالهه ته ڪڏهن آزاد صحافيءَ ۽ ايس ايڇ او جي ڳالهه سندس مٿو ڦيرائي رکيو…… جيستائين اين سي ڪٽجي فريد رڳو سوچن ۾، فڪرن ۾ گهيريل هو. اين. سي ڪٽجي وئي ۽ ٻئي اُتان اُٿيا. شھر جي وِچ مان فريد کان دوست سندس مھرباني مڃيندي موڪلايو. هـُــو پنھنجي گهر ڏانھن وَريو ته فريد ســِــڌو دُڪان ڏانھن ويو. هٽ تي پھچي فريد ٻيھر سوچن جي قبضي ۾ اچي ويو. سندس گمشدگيءَ ۽ وائڙائپ کي سندس ننڍو ڀاءُ اڪبر ماپي ويو. هـُــن کانئس پـُــڇــڻ جي ڪئي پر فريد سوچن جي قبضي ۾ ئي رهيو. هـُــن وري سندس ڪـُــلـهــي کان پڪڙي کيس لوڏيو جنھن تي فريد جي سوچن ۾ هلڪائي آئي. هـُــن ڀاءُ کي وَرَندي ڏني:

فريد: ڇا ٿيو اَڪبر؟

اڪبر: ادا! خير ته آهي؟ ٿاڻي تي ڪو خوفناڪ منظر ڏسي آيو آهين ڇا يا ڪو چور ڌاڙيل پڪڙيل ڏسي يا خون ڪيل ڏسي آيو آهين جو سوچن کان ٻاهر نڪرين ئي نه ٿو؟.

فريد: نه نه! اهڙي ته ڳالهه ناهي! بس ڪنھن ڳالهه اچرج ۾ وِجهي ڇڏيو آهي! سوچيان ٿو ماڻهو ماڻهوءَ سان ڪيئن راند ٿا کيڏن! سندن جذبن ۽ احساسن سان اکٻوٽ ٿا ڪن! ماڻهو ايترو هوشيار ۽ چالاڪ ٿي ويو آهي! پاڻ ته اڃان شرافت کي پڪڙيو ويٺا آهيون نه ته ماڻهو الائي ڪٿي وڃي پھتا آهن؟ ماڻهو ڪيئن ٿا ڪنھن جي احساسن ۽ جذبن سان ويڙهه ڪن؟…..

اڪبر ۽ فريد جون ڳالهيون، شڪوا شڪايتون جاري ئي هيون ته فريد جي موبائل تي رِنگ ٿي وَڄي.

گــُــل اهڙيءَ طرح ٿا هوا ۾ لــُــڏن

ڪو ها ٿو ڪري، ڪو نه ٿو ڪري

گــُــل اهڙيءَ طرح ٿا هوا ۾ لــُــڏن

رِنگ پئي ٿي وَڄي. بار بار ساڳيو مصرعو/بند پيو ٿو وَرجائجي پر فريد آزاد جو نالو اسڪرين تي ڏِسي فون کڻڻ گوارا نه ٿو سمجهي. فون / رِنگ بند ٿي وڃي ٿي….. تقريبن ٻه منٽ رکي وَري رِنگ وَڄي ٿي.

گــُــل اهڙيءَ طرح ٿا هوا ۾ لــُــڏن

ڪو ها ٿو ڪري، ڪو نه ٿو ڪري

گــُــل اهڙيءَ طرح ٿا هوا ۾ لــُــڏن

هـِــن ڀيري به فريد فون اٽينڊ نه ٿو ڪري جنھن تي سندس ننڍو ڀاءُ اَڪبر هلڪي ڪاوَڙ ڪندي

اڪبر: ادا فريد! آزاد جو فون اَٿوَ! ڇو نه ٿا کڻوس؟ کڻوس نه! ڪٿي ناراض نه ٿي وڃي! هـُــن جا ته اسان تي ڪافي احسان آهن! ڪو ضرور ڪم هوندس! هاڻي توهان فون ڪيوس نه ته اچي ته کڻجوس!

اَڪبر جي ڳالهه هلندڙ آهي ته فون تي ٽيھر ساڳي رِنگ ٽيون ٻــُــڌڻ ۾ اچي ٿي.

دٻيل حالت ۾ فريد فون اَٽينڊ ٿو ڪري.

فريد: هلو!…. ها آزاد صاحب! مان خوش آهيان! ڏاڍو خوش آهيان! ڏيو خبر ڪيئن پيا فون ڪريو؟

آزاد (فون تان): ادا! مقصد جي ڳالهه ڪجي ته بھتر ٿيندو! آئون چاهيان ٿو ته توهان جي ڏاڏا سائين مرحوم جمعي خان جو هڪڙو ٻيو به ڪتاب ڇپرائجي! توهان هــِــن ڀيري به پئسن جي پرواهه نه ڪيو! مان بندوبست ڪري وٺندس! رُڳو اجازت ڏيو ۽ مواد به!

فريد آزاد جي ڳالهه ٻــُـــڌي چڪرائجي ويو. هـُــن کي ڪـُــجـهـه سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هـُــو آزاد کي ڪھڙو جواب ڏئي؟

فريد: هــِــن شخص ته منھنجي مرحيات ڏاڏي سائينءَ جي ڪلام معرفت ڪاروبار شروع ڪري ڏنو آهي! شھر جي شايد ڪنھن به بالا آفيسر کي هـُــن نه بخشيو هوندو! سڀني کان پنج ڏَهه هزار ڪري وَرتا هـُــونــدائــيــن.

هـُــو شخص ته جيڪو پاڻ آزاد آهي پر اسان جھڙن غريب، سادن ۽ اعتباري ماڻهن کي به پنھنجي شاطر سوچ ۽ اَٽڪل سان غــُــلام بڻائي ڇڏيو اَٿائين! اڄ کيس رُکو جواب ڏيندس! ڀلي ڏاڏا جو ڪلام نه ڇپجي پر آئون گهٽ ۾ گهٽ ماڻهن کي هـُــن جي هٿان بليڪ ميل ٿيڻ نه ڏيندس!.