اسٽيبلشمينٽ ٽي آڇون ڪيون: وزيراعظم عمران خان
وزيراعظم عمران خان نجي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ کيس ٽي آڇون ڪيون. وزيراعظم جو چوڻ هو ته اسٽيبلشمينٽ بي اعتمادي رٿ، استعيفيٰ يا وقت کان پهرين اليڪشن جي آڇ ڏني. هن چيو ته ترقي پذير ملڪن کي مير جعفر ۽ مير صادق ذريعي ڪنٽرول ڪيو ويو، ملڪ فتح ڪرڻ جي ضرورت ناهي، اهڙو ماڻهو ويهاري ڇڏيو جيڪو اوهان چئو اهو ڪري، اهڙو شخص ويهاريو جيڪو ذاتي مفاد لاءِ ملڪ جو مفاد قربان ڪري ڇڏي. سندس چوڻ هو ته مون کي آگسٽ کان اندازو ٿي ويو هو ته اها راند هلي رهي آهي، لنڊن مان منصوبابندي ٿي رهي هئي، ايجنسين جي رپورٽ هئي، مان ڪڏهن فوج جي خلاف نه ڳالهائيندس، پاڪستان کي مضبوط فوج جي ضرورت آهي، جيڪڏهن مضبوط فوج نه هجي ته دشمن اسان جا ٽي ٽڪر ڪري سگهي ٿو. نواز شريف بابت هن چيو ته نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ کليل نموني فوج کي گهٽ وڌ چيو، ججن کي خريدڻ ۽ پلاٽ ڏيڻ اهو سڀ هنن شروع ڪيو، هنن جي ڪوشش آهي ته اقتدار ۾ اچن، نيب کي ختم ڪن، اها نواز شريف جي نااهلي ختم ڪندا ۽ نواز شريف کي بحال ڪندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ آڇ ڏني ته ٽي شيون آهن، بي اعتمادي جو ووٽ، استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو يا اليڪشن، پر اسان چيو ته اليڪشن سڀ کان بهتر طريقو آهي، استعيفيٰ مان ڪڏهن سوچي به نٿو سگهان. هن چيو ته بي اعتمادي کٽي وڃان ٿو ته ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوندو.

