بلاگ

1996ع کان 2022ع تائين: سياسي سفر، نظريو ۽ مقصد   شهريار رحمان کوسو  

هن کان ڪنهن سوال ڪيو ته توهان سياست ڪندو؟ هن جواب ڏنو ته سياست منهنجي وس کان ٻاهر آهي ۽ مون کي سياست ناهي ايندي مان سياست نٿو ڪري سگهان، پر هڪ ڏينهن هن جي روحاني پير هن کي چيو هو ته تون سياست ۾ ضرور ايندين. جڏهن ته ان وقت سندس پري پري تائين سياست ۾ اچڻ جو ڪو ارادو نه هو، عمران خان جي پير جو ڪمال هو يا هو عمران جي شخصيت کي مڪمل سمجهي ويو هو، اها ته خبر ناهي، پر عمران ايندڙ وقت ۾ سياست ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته عمران پنهنجي ڪرڪيٽ ۽ پنهنجي شخصيت جي ڪري توجهه جو مرڪز رهيو آهي. ان جي شخصيت ۾ هڪڙي سپر اسٽار جهڙي ڪشش رهي آهي، دنيا ۾ ڪي انسان اهڙا پيدا ٿيندا آهن جيڪي مائينڊ گيم جا ماهر هوندا آهن، جيڪي پنهنجي ڪاميابي کان وڌيڪ ڪاميابي جو تاثر پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن. عمران خان انهن مان هو، هو ايڏو وڏو ڪرڪيٽر نه هو جيترو هن تاثر پيدا ڪيو دنيا ۾ عمران خان کان وڏا ڪرڪيٽر پيدا ٿيا آهن، پر انهن ايتري شهرت حاصل نه ڪئي جيتري عمران حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. پاڪستان ۾ ظھير عباس، ماجد خان، جاويد ميانداد، سعيد انور اهي ڪرڪيٽر پنهنجي ڪرڪيٽ رڪارڊ جي حساب سان عمران خان کان گهڻا وڏا ڪرڪيٽر رهيا آهن، پر عمران پنهنجي ڪرڪيٽ جي محدود ڪاميابين جو وڏو تاثر ڏيڻ ۾ ڪامياب ويو. اهڙيءَ طرح عالمي سطح تي به عمران خان کان گهڻا وڏا ڪرڪيٽر پيدا ٿيا آهن جڏهن ته عمران خان تاثر اهو ٺاهيو ته هو ڪرڪيٽ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو ڪرڪيٽر آهي جڏهن ته حقيقت ائين ناهي اسان کي علم آهي ته دنيا ۾ گهڻا وڏا ڪرڪيٽر پيدا ٿيا آهن جيئن سر ڊان بريڊمين، ويوين رچرڊز، گارفيلڊ سوبرز، سچن ٽنڊولڪر وغيره اهي ڪرڪيٽر عمران خان کان ڪرڪيٽ رڪارڊ کان گهڻا وڏا ڪرڪيٽر هئا، پر انهن ايترو وڏو تاثر نه ڇڏيو جيترو عمران خان ڇڏيو. ان لاءِ عمران خان ۾ اها خوبي آهي ته هو تاثر پيدا ڪرڻ ۾ ماهر آهي ۽ هن فن تي هو گرفت رکي ٿو. هو جڏهن پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان ٿيو ۽ هن جي ڪپتاني ۾ پاڪستاني ٽيم 1992 جو ورلڊ ڪپ کٽي آئي ته هن پنهنجي سوچ ۽ طبيعت جي عين مطابق اهو تاثر ڏنو ته پاڪستان جي ٽيم هن جي ڪري ئي ورلڊ ڪپ کٽي سگهي آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ٽيم جي ڪاميابي ۾ ڪپتان جو ڪردار هوندو آهي، پر فتح جو سڄو ڪارڻ ئي پاڻ کي ظاهر ڪرائڻ نا انصافي آهي. ڇو ته ڪرڪيٽ ۾ سڄي ٽيم کيڏندي آهي ۽ فتح سڄي ٽيم جي هوندي آهي، پر هو وڏي مهارت سان 92ع جو ورلڊ ڪپ پنهنجي ئي نالي سان ڪيش ڪرائيندو رهيو ۽ هن جي زندگي ۾ ورلڊ ڪپ وڏي اهميت جو حامل رهيو. ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ گهڻا ئي ورلڊ ڪپ ٿيا آهن ۽ مختلف ٽيمن ورلڊ ڪپ کٽيا آهن، پر عمران جي زندگي ۾ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جو وڏو عمل دخل رهيو آهي. ڇو ته جيڪر عمران خان جي زندگي مان ورلڊ ڪپ کي ٻاهر رکيو وڃي ته شايد ڪجھ نه بچي سگهي. بهرحال! ورلڊ ڪپ کان بعد عمران خان شهرت جي بلندين تي وڃي پهتو. عمران خان ورلڊ ڪپ کان پهرين ئي ڪينسر اسپتال جو سوچي ڇڏيو هو جيڪو پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ هڪ مشڪل فيصلو هو، پر هن فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته هي اسپتال ٺاهيندو ۽ ان ۾ ڪينسر جي مريضن جو مفت علاج ڪيو ويندو. عمران خان جو اهو ڪم هڪ عظيم ڪم هو، عمران جو ڪينسر اسپتال ٺاهڻ جو سبب ان جي ماءُ هئي ڇو ته سندس ماءُ ڪينسر جي ڪري گذاري وئي هئي. ان کانپوءِ هن کي احساس ٿيو ته پاڪستان ۾ غربت گهڻي آهي ۽ گهڻا ئي ماڻهو ڪينسر جو علاج نه ڪرائي سگهندا آهن، ان لاءِ هڪ اهڙو ادارو ٺاهيو وڃي جيڪو غريبن کي مفت علاج مهيا ڪري. عمران خان جي شخصيت کي جيڪر ڏٺو وڃي ته هو هڪ محنتي ماڻهو رهيو آهي ۽ هن هميشه هڪ مقصد ٺاهيو آهي ۽ پوءِ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ لڳي ويندو آهي ۽ پوءِ ڇا به ٿي پوي هو پنهنجي مقصد کان نه هٽندو آهي. هن اسپتال لاءِ پئسا گڏ ڪرڻ جي مهم هلائي ۽ هن کي عوام کان وڏي موٽ ملي. جڏهن هو پاڪستان لاءِ ورلڊ ڪپ کٽي آيو ته هن ٽيم کي مليل انعامي رقم به اسپتال جي فنڊ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.

عمران خان جي زندگي ۾ ورلڊ ڪپ ۽ جمائما سان شادي اهڙا ٻه واقعا هئا جن هن کي تمام گهڻي شهرت ڏني. عمران جي زندگي ۾ ڪئي عورتون آيون ۽ ويون، پر جمائما سان شادي کان پهرين عمران هڪ جرمن ڇوڪري ڪرسٽينا بيڪر جيڪا يورپ جي مشهور چئنل ايم. ٽي. وي سان منسلڪ هئي ان سان تعلق ۾ رهيو ۽ هوءَ پاڪستان به آئي هئي، عمران ان کي پاڪستان گهمايو. ان کانپوءِ عمران خان جي مدد سان هن اسلام کي پڙهيو ۽ پوءِ هوءَ مسلمان به ٿي. ڪرسٽينا پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته عمران ۽ هوءَ شادي ڪرڻ وارا هئا، پر عين وقت تي هن جمائما سان شادي جو فيصلو ڪيو، جيڪا برطانيا جي امير ترين يهودي خاندان سان تعلق رکندي هئي. گولڊ سمٿ برطانيا ۾ وڏي مقام وارو خاندان آهي، مذهبي لحاظ هي خاندان يهودي هو. دنيا جا تمام مذهب امن پسند آهن، پر پاڪستان ۾ يهودي هجڻ مطلب سازش. بهرحال عمران 1995 ۾ جمائما سان شادي ڪري ڇڏي.

گولڊ سمٿ خاندان امير ترين خاندان ته آهي، پر انهن جي شهرت به گهڻي آهي ۽ برطانيا سميت دنيا جي شاهي خاندانن سان انهن جا تعلقات آهن اڄ به برطانيا ۾ اهو خاندان سياست پيو ڪري. ظاهر آهي ته عمران کي ان جو فائدو ٿيڻو هو جيڪو ٿيو به، جمائما سان شادي کان اڳ عمران محض هڪ ڪرڪيٽر هو، پر گولڊ سمٿ خاندان جو ناٺي ٿيڻ کانپوءِ عمران خان جي قد ڪاٺ ۾ فرق اچي ويو ۽ هو هاڻي ڪرڪيٽر سان گڏوگڏ هڪ وڏي خاندان جو حصو پڻ ٿي ويو، ان خاندان سان جڙڻ کانپوءِ عمران جا تعلقات ٻين عالمي خاندانن سان به قائم ٿيا ۽ ان جي شهرت ۾ اضافو پڻ ٿيو. ظاهر آهي ته هي سڀ ڪجھ هن کي ڪرسٽينا بيڪر کان نه ملي سگهي ها. عمران شادي کانپوءِ پنهنجي تعلقات کي ڪينسر اسپتال لاءِ استعمال ڪيو، جمائما هن جي اسپتال لاءِ فنڊز جمع ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڪئي. گولڊ سمٿ خاندان سان تعلق هجڻ جي ڪري مغربي دنيا جي ماڻهن عمران جي گهڻي مدد ڪئي بعد ۾ ليڊي ڊائنا به جمائما جي ڪري ئي پاڪستان آئي هئي. هن سياست ۾ اچڻ جو فيصلو اسپتال جي فنڊز جمع ڪرڻ واري مهم جي ڪاميابي کانپوءِ ڪيو. ڇو ته پاڪستان ۾ ماڻهن فنڊز مهم ۾ سندس سوچ کان وڌيڪ موٽ ڏني. ان کانپوءِ کيس احساس ٿيو ته هو تمام گهڻو مقبول ماڻهو آهي ۽ کيس سياست ۾ اچڻ کپي. هن کي ان وقت ٻين گهڻن سياسي ليڊرن پنهنجي پارٽي ۾ شموليت جي دعوت ڏني، پر هن جو خيال ڪجھ ٻيو هو. ان وقت جنرل حميد گل سان به عمران خان جي وابستگي هئي. ياد رهي ته حميد گل انتها پسند ماڻهو هو ۽ هو طالبان جي نظرئي جي حمايت ڪندو رهيو. جڏهن ته عمران ان وقت مغربي معاشري جو حصو هو، عمران جي ان وقت جي حمايتي ماڻهن جو خيال هو ته عمران ڪرڪيٽر آهي ۽ روشن خيال آهي تنهنڪري هو سياست ۾ اچي پاڪستان کي جديد دنيا سان همڪنار ڪرائيندو، پر جنرل حميد گل جهڙي انتها پسند مسلمان ۽ طالبان جي حمايتي جو عمران سان سياسي طور گڏ هجڻ سمجھ کان ٻاهر هو، پر اها حقيقت به آهي ته هن کي سياست ۾ اچڻ لاءِ حميد گل تيار ڪندو رهيو. حميد گل جي سياسي نظرئي جو هن ڪيترو اثر ورتو، پر پي ٽي آءِ ٺاهڻ کان پهرين عمران خان حميد گل جي گھڻو ويجهو هو ۽ حميد گل هن کي گهڻا مشورا به ڏيندو هو. تحريڪ انصاف جي شروعاتي ڏينهن ۾ حميد گل، جاويد غامدي جيڪو هن وقت مذهبي عالم آهي، نعيم الحق شامل هئا. شروعات ۾ يا هاڻي تائين به اهو طئي نه ٿي سگهيو آهي ته تحريڪ انصاف ڪهڙي سياسي اسپيڪٽرم ۾ ڪم ڪندي آهي ۽ هو ڪهڙي نظرئي تحت سياست ڪندا آهن. ڇو ته انهن جي ليڊرشپ جي طرفان هر دفعي نئين ڳالھ ۽ نئين سوچ سامهون ايندي رهي آهي. بهرحال! عمران خان، حميد گل ۽ ڪجھ ٻين ساٿين اهو فيصلو ڪيو ته هاڻي سياسي پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو وڃي، پر حميد گل سان ٿيو ائين جو عمران خان ان جي تجربي ۽ معلومات کان فائدو ته ورتو، پر جڏهن پارٽي جي اعلان ڪرڻ جو وقت آيو ته هن حميد گل کي نظر انداز ڪري پارٽي جو اعلان ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ان وقت حميد گل ملڪ کان ٻاهر ويل هو، جڏهن ته عمران خان ۽ حميد گل ۾ طئي اهو ٿيل هو ته جڏهن هو پاڪستان ايندو ته پارٽي جو گڏجي اعلان ڪيو ويندو، پر عمران خان واعدي خلافي ڪندي ان جي غير موجودگي ۾ پارٽي جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ وري حميد گل عمران سان نظر نه آيو. عمران خان سان بعد ۾ جواد احمد، اڪبر ايس. بابر، نجيب هارون جهڙا مخلص دوست به گڏ ٿيا جيڪي واقعي پاڪستان لاءِ ڪجھ ڪرڻ ۾ عمران خان جي مدد ڪرڻ چاهين پيا، اهڙيءَ طرح پاڪستان کان ٻاهر به جيڪي پاڪستاني رهندا هئا انهن به عمران خان سان گڏ هلڻ جو عزم ڪيو. ڇو ته انهن کي يقين هو ته ڪينسر اسپتال ٺاهڻ وارو عمران خان سياست ۾ اچي پاڪستان جي خدمت ڪندو ۽ پاڪستان کي تبديل ڪندو ۽ پاڪستان جا بحران ختم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪندو. بهرحال! 1996 کانپوءِ عمران اهو مقصد ٺاهيو ته هو وزير اعظم ٿيندو هن پنهنجي ايندڙ زندگي پنهنجي هن مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ لڳائي ڇڏي.

عمران خان سياست ۾ ايندي ئي اهو اعلان ڪيو ته هن غريب پاڪستانين لاءِ پارٽي ٺاهي آهي، جنهن ۾ خانداني سياست نه هوندي ۽ تحريڪ انصاف جي ٽيڪٽ عام پاڪستانين کي ملندي، جيئن هو اسيمبلي ۾ اچي پاڪستان لاءِ ڪجھ ڪري سگهن. عمران خان اعلان ڪيو ته اسان پاڪستان کي نواز شريف ۽ بينظير جي پارٽي کان نجات ڏيارينداسين. ڇو ته اهي ٻئي پارٽيون ڪرپٽ آهن ۽ تحريڪ انصاف حڪومت ۾ اچي ڪرپشن کي ختم ڪندي. هن اعلان ڪيو ته سندس پارٽي نوان سياسي ليڊر پيدا ڪندي، جيڪي ڪنهن به سياسي پارٽي جو حصو نه هوندا. عمران خان پنهنجي سياسي منشور ۾ هر اها ڳالھ ڪئي جيڪا هر انسان ۽ هر پاڪستاني کي دل تي لڳي پئي. ان ۾ هن عدليا کي آزاد ڪرڻ، ملڪ مان غربت جو خاتمو، ملڪ ۾ سرمائيدار مافيا کان نجات، ملڪ جا قرض گهٽ ڪرڻ، وي آءِ پي ڪلچر کي ختم ڪرڻ. مطلب ته ملڪ جي هر بنيادي مسئلي کي ختم ڪرڻ يا ان ۾ بهتري آڻڻ جا دعويٰ ڪئي. عمران خان مسلسل چوندو رهيو ته هو پاڪستان کي هڪ عظيم ملڪ ٺاهيندو. بهرحال! هن جيئن ئي پارٽي جو اعلان ڪيو ته کيس احساس ٿيو ته هڪ مشهور ماڻهو هجڻ جي ڪري ماڻهو سندس لاءِ ڪنهن جاءِ تي گڏ به ٿين ٿا ۽ اسپتال لاءِ چندو به دل کولي ڏين ٿا، پر مشهور شخصيت هجڻ ۽ ماڻهن جو چندو ڏيڻ ۽ سياست ۾ وڏو فرق آهي. مشهوري کي ۽ چندي کي ووٽ ۾ تبديل ڪرڻ وڏو ڏکيو ڪم آهي. ڇو ته ايڏو وڏو چندو جمع ڪرڻ ۽ روڊن تي عمران لاءِ ماڻهن جي رش باوجود به 1997 جي اليڪشن ۾ عمران خان کي پنهنجي حلقي ميانوالي ۾ 17859 ووٽ مليا. عمران خان جي مقابلي ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ ق ليگ کي وڌيڪ ووٽ مليا. ان سيٽ تي مسلم ليگ (ن) جو اميدوار محمد مقبول احمد خان کٽي آيو هو.

ڪجھ ڳالهيون جيڪي ان جا ناراض ۽ هن کان مايوس ٿيل دوست ڪندا آهن ته عمران محض پنهنجي ذات لاءِ سوچيندو آهي، ان ۾ هو پنهنجي لاءِ واھ واھ ٻڌڻ سميت پنهنجي شخصيت جي سحر ۾ گم رهندو آهي. ان ۾ هو عام ماڻهن کي پنهنجي ٻي شخصيت ڏيکاريندو آهي، جڏهن ته حقيقت ائين ناهي ۽ وقت سان اهي شيون سامهون به آيون آهن، جن کي سمجهڻ ڏکيو ناهي. عمران 1996 کانپوءِ اهو فيصلو ڪيو ته ان کي وزيراعظم جي ڪرسي حاصل ڪرڻي آهي، ان لاءِ هن سياسي پارٽي جو به اعلان ڪيو. ان کي خبر هئي ته عوام کي خواب ڏيکارڻ کانسواءِ هن کي ووٽ نه ملندا، ان لاءِ هن هڪ آئيڊيلزم جو پرچار شروع ڪيو. ان ۾ هن باقي سڀني پارٽين کي چور ڊاڪو چوڻ شروع ڪيو ۽ اهو ظاهر ڪيو ته هو انهن سڀني سياستدانن کان پاڪ آهي. هن عام ماڻهو کي اهو تاثر ڏنو ته هو هڪ پڙهيل سياستدان آهي، باقي سڀ جاهل ۽ ڪرپٽ آهن. هن اهو به تاثر پيدا ڪيو ته کيس اقتدار جي بک ناهي ۽ اهو ظاهر ڪيائين ته سندس اڳيان اقتدار جي ڪا اهميت ئي ناهي ۽ هو هڪ اصول پسند سياستدان آهي. هن ايڏو ته پنهنجو پاڻ کي مسٽر ڪلين ظاهر ڪيو جو لڳڻ ائين شروع ٿيو جو پاڻ هڪ فرشتو آهي. عمران خان هڪ طرف ته پنهنجي حوالي سان اهڙو ته تصوراتي پهاڙ ٺاهيو جو ماڻهو هن کي ائين سمجهڻ لڳا ته هو مري ويندو، پر اصولن تي سمجهوتو نه ڪندو، پر حقيقت ائين ناهي، عمران خان هڪ نه پر گهڻين شخصيتن جو مالڪ آهي.

پرويز مشرف جڏهن آئين جي ڀڃڪڙي ڪندي ملڪ ۾ مارشل لا نافذ ڪئي هئي، تڏهن عمران ان جي حمايت ڪئي هئي. عمران مشرف سان 2 سال گڏ هليو، عمران کي اهو آسرو هو ته مشرف هن کي وزير اعظم ڪندو، پر ائين نه ٿيو. واقعو ائين آهي ته مشرف پنهنجي انٽرويو ۾ چيو ته عمران خان کي مان حڪومت ۾ شامل پيو ڪرڻ چاهيان، پر عمران جي خواهش هئي ته مان وزيراعظم ٿيان، مشرف چيو ته مان عمران کان پڇيو ته توهان جي پارٽي اليڪشن ۾ گهڻيون سيٽون کٽي ايندي؟ پر هن عجيب جواب پر اعتماد ٿيندي ڏنو ته 70 کان 90 سيٽون! مشرف جڏهن هي جواب ٻڌو ته ان کي احساس ٿيو ته هي شخص حقيقت بجاءِ خيالي دنيا ۾ رهي ٿو. مشرف وڌيڪ ٻڌايو ته هن عمران کي چيو ته اسان 50 کي 100 ڪري سگهون ٿا، 40 کي 70 ڪري سگهون ٿا، پر 0 کي 100 ڪيئن ڪيون؟؟ مشرف چيو ته عمران ان کانپوءِ ناراض ٿيو. اليڪشن ٿي وئي ۽ عمران جيڪو 70 کان 90 سيٽون کٽڻ جي دعويٰ ڪري رهيو هو، هو مشڪل سان ميانوالي جي هڪ سيٽ کٽي آيو، اهو به هن جي مخلص دوستن اڪبر ايس بابر، حفيظ الله نيازي ٻين دوستن جي مهربانين سان، جن صورتحال کي منهن ڏيندي محنت ڪئي ۽ هن کي سيٽ کٽرائي. مشرف سان عمران جي اختلافن ۽ ڳالهين جو اکين ڏٺو شاهد اڪبر ايس. بابر به آهي. ڇو ته ان وقت اڪبر ايس. بابر ئي هن جي پارٽي جا معاملا ڏسندو هو. هن ٻڌايو ته عمران ڪوشش ڪندو رهيو ته مشرف ق ليگ کي تيار ڪري عمران کي وزيراعظم ڪرائي، پر مشرف هڪ سيٽ واري کي ڪيئن وزارت ڏئي ها. اهو مشرف لاءِ مشڪل هو، پر مشرف کيس ڪيبينيٽ ۾ اچڻ جي آڇ ڪئي، جنهن تي هنن ق ليگ کي چور چئي آڇ کي ٺڪرائي ڇڏيو. ڏسو هتي ڇا ٿو ظاهر ٿئي؟ مطلب ته جيڪر اها ساڳئي ق ليگ توهان جي مدد ڪري توهان کي وزيراعظم طور ووٽ ڪري تڏهن اهي چور ناهن، پر جڏهن توهان جو مطالبو نٿو مڃجي ته پوءِ توهان انهن کي چور چئو ٿا! هڪڙي ٻي ڳالھ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ته عمران پنهنجي سياسي پارٽي هڪ جمهوري ملڪ ۾ ٺاهي ۽ دعويٰ ڪندو رهيو ته هو هڪ آئين تي هلڻ وارو سياستدان آهي، باقي سڀ چور آهن. پوءِ هن 1999 کان وٺي 2002 تائين مشرف جي سپورٽ ڇو ڪئي؟ جڏهن ته مشرف آئين کي لتاڙيندي مارشل لا هنئي هئي. ڇا ڪو اصول پسند سياستدان يا شخص مشرف جي اهڙي ڪم جي حمايت ڪري سگهي ٿو؟ پر عمران دل کولي ان جي مدد ڪئي ۽ مشرف جي ڪرايل ريفرنڊم ۾ هن مشرف جي حق ۾ ووٽ ڏنو ۽ ان جي مدد ڪئي. ڇو ته ان کي محسوس ٿي رهيو هو ته ريفرنڊم جي حمايت ڪرڻ سان مشرف هن کي وزارت اعظميٰ جي ڪرسيءَ تي ويهاريندو، پر مشرف ايئن نه ڪيو ۽ حسب معمول هو انقلابي ٿي ويو ۽ مشرف جو ايترو سخت مخالف ٿي ويو، جو لڳي ئي نه پيو ته هي ساڳيو عمران آهي جنهن 1999 کان 2002 تائين مشرف جي دوستي تي فخر ٿي ڪيو. پوءِ هن مشرف جي خلاف سياست ڪئي ۽ تاثر اهو ڏيندو رهيو ته مشرف هن کي وزرات لاءِ چوندو رهيو، پر هن پاڻ وزارت اعظميٰ قبول نه ڪئي. عمران خان جي سياست اڄ به ايئن ئي هلي ٿي جيڪو سندس مقصد لاءِ صحيح آهي اهو قابل قبول آهي، پوءِ ڀلي ڇا به هجي ڪير به هجي، پر جڏهن مقصد پورو نٿو ٿي سگهي ته پوءِ هو چور آهي، غدار آهي. عمران خان جي سياست 1996 کان 2002 تائين مشرف جي حمايت ۾ گذري پوءِ وزارت نه ملڻ تي هن مشرف خلاف ڳالهائڻ شروع ڪيو، ايتري تائين جو هن مشرف جي مخالفت ۾ فضل الرحمان کي به ووٽ ڪيو. ياد رهي ته عمران خان جي ماڻهن حمايت به ان لاءِ ڪئي هئي جو ان ۾ ماڻهن کي هڪ جدت پسند ۽ روشن خيال سياستدان نظر ايندو هو، پر اصل ۾ ائين نه ٿيو جڏهن مشرف سان عمران جو وزارت تي اختلاف ٿيو ته هي مشرف جي مخالفت ۾ ايترو اڳتي نڪري ويو جو هن مشرف جي دهشتگردي خلاف جنگ کي ناجائز قرار ڏنو ۽ طالبان جي علائقن ۾ وڃي انهن جي حق ۾ تقريرون ڪيون ۽ آمريڪا خلاف بيان ڏيڻ شروع ڪيا، اهو سڀ ڪجھ هو مشرف جي مخالفت ۾ ڪري رهيو هو. هو مشرف جي هر پاليسي تي تنقيد ڪرڻ لڳو هو ۽ هن آمريڪا پاڪستان اتحاد تي به مسلسل تنقيد ڪئي، پر جڏهن 2000 ۾ مشرف سان گڏ هو ته آمريڪي پاليسين جي تعريف ڪندو هو. سندس ساٿي اڪبر ايس. بابر جو چوڻ آهي ته هن 2000 ۾ ٿيندڙ آمريڪي صدارتي الڪيشن دوران چيو هو ته اڪبر! اڄ صبح مان ٻه نفل پڙهيا آهن ته بش اليڪشن کٽي وڃي. ڇو ته بش خاندان جو تعلق روٿس چائيلڊ خاندان سان آهي ۽ وري روٿس چائيلڊ جو تعلق گولڊ سمٿ خاندان سان آهي، جيڪو اسان کي فائدو ڏئي سگهي ٿو. هاڻي سوچڻ جي ڳالھ آهي ته هي ڪهڙي قسم جو شخص آهي؟ هڪ طرف هن جو اهو موقف آهي ۽ ٻئي طرف هن مشرف جي مخالفت ۾ انهي آمريڪا خلاف بيان ڏنا ۽ پنهنجو پاڻ کي آمريڪا مخالف ظاهر ڪيو. حقيقت اها هئي جيڪا هن اڪبر کي چئي هئي. ياد رهي ته اڪبر ايس. بابر تحريڪ انصاف جو ڪيترن سالن تائين اهم عهديدار رهيو ۽ عمران خان جو ويجهي ۾ ويجهو ساٿي رهيو آهي. اڪبر تحريڪ انصاف لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. اڪبر آمريڪا مان پڙهيو آهي، هن کي آمريڪا ۾ نوڪري به ملي پئي، پر هن نوڪري نه ڪئي ۽ پاڪستان موٽي آيو. هن جو مقصد سياست ۾ حصو وٺي پاڪستان ۾ حقيقي تبديلي آڻڻ هو. پوءِ هو پاڪستان آيو ۽ 1996 ۾ هو تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيو.

2002 کانپوءِ عمران خان کي ڪنهن مشورو ڏنو يا هن کي پاڻ خيال آيو ته سندس گولڊ سمٿ خاندان سان وابستگي ۽ تعلق شايد وزارت اعظميٰ اڳيان رڪاوٽ بڻجي. ڇو ته پاڪستان ۾ يهودي خاندانن بابت منفي سوچ موجود آهي جيڪا صحيح ناهي، پر اها حقيقت آهي ته هتي اسرائيل ۽ يهودي مذهب لاءِ نفرت موجود آهي ۽ اها ڪنهن به شخص ۾ ٿي سگهي ٿي. ٻيو ان وقت ڪجھ اهڙا مذهبي ليڊر هئا جيڪي عمران جي گهرواري ۽ يهودي هجڻ تي گهڻي تنقيد ڪندا هئا ۽ اهو به تاثر ڏنو ويندو هو ته عمران جو گولڊ سمٿ سان تعلق هڪ سازش تحت آهي. جنهن تحت عمران فيصلو ڪيو ته هو جمائما کي طلاق ڏيندو. ان کان علاوه به عمران ڇو ته پنهنجي شهرت ۽ پنهنجي حق ۾ تاثر پيدا ڪرڻ جي حوالي سان گهڻو شوقين آهي ان لاءِ هن جو اهو به خيال هو ته پاڪستان ۾ جذباتي مسلمان سندس انهيءَ قدم تي واھ واھ ڪندي چوندا ته عمران پاڪستان خاطر هڪ امير يهودي زال کي طلاق ڏئي ڇڏي.

عمران خان جي سياسي سفر کي ڏسندي اهو ئي محسوس ٿيندو آهي ته هن وٽ ڪابه سياسي آئيڊيالاجي ناهي بلڪه شايد هو پوليٽيڪل سائنس بابت ايتري ڄاڻ ئي نٿو رکي. مثال طور هو ڪابه ڳالھ حتمي طور نه ڪري سگهندو آهي بلڪه پنهنجي ڪيل هر ڳالھ مان يوٽرن وٺي ويندو آهي. هو جلسن ۾ ڪڏهن چيني نظام جي تعريف ڪندي نظر آيو ته ڪڏهن آمريڪا، يورپ ۽ ايراني ماڊل جي تعريف ڪندي نظر آيو. بنيادي طرح سمجهڻ جي ڳالھ اها آهي ته عمران خان پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجھ به ڪري سگهي ٿو. ايم ڪيو ايم پهرين دهشتگرد پارٽي هئي، پر جڏهن انهن عمران کي ووٽ ڪيو ته پوءِ اها نفيس ماڻهن جي پارٽي ٿي وئي.

ڪرڪيٽ ۾ ته خبر ناهي باقي سياست ۾ عمران خان جي اندر منافقت نظر ايندي آهي. هو مطلب پورو ٿيڻ تي انهن دوستن کي لت ڏئي گذري ويندو آهي، جن مشڪل وقت ۾ سندس مدد ڪئي. جهانگير ترين جنهن اربين رپيا عمران تي خرچ ڪيا، ايتري تائين جو بني گالا جو خرچ به ترين ڀرڻ لڳو. ان کان علاوه عمران خان کي گاڏيون گفٽ ڪرڻ ۽ وري گاڏين جي تيل ڀرائڻ جا پئسا ڏيڻ تائين ترين ڏيندو رهيو. ان کانپوءِ 2018 جي اليڪشن ۾ ترين رپيا ڏنا ۽ ماڻهن کي عمران جي پارٽي ۾ شامل ڪرائي عمران کي وزير اعظم ڪرايو، پوءِ ڇا ٿيو؟ اهو ٿيو جيڪو نعيم الحق سان ڪيو ويو، جڏهن ضرورت پوري ٿي وئي ٻيا خوشامدي اچي ويا ته پوءِ ترين بار بڻجي ويو ۽ پوءِ ان خلاف انتقامي ڪارروائي ڪرائي وئي ۽ ايتري تائين جو ان کي گرفتار به ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. شگر ڪميشن ته هڪ بهانو هو ائين ته ترين کان وڌيڪ مِلن وارا به هئا جيڪي عمران سان پوءِ گڏ به ٿيا ۽ ائين ئي عون چوڌري، عليم خان سان ڪيو ويو.

هن قبائلي علائقن ۾ وڃي مذهبي ڪارڊ جو استعمال ڪيو ۽ آمريڪا خلاف تقريرون ڪيون ۽ جذباتي نعري بازي ڪرائي، پر حقيقت اها هئي ته هن 2001 کانپوءِ جڏهن هو مشرف سان گڏ هو هن پاڪستان آمريڪا اتحاد تي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ ان جي حمايت به ڪئي هئي. عمران خان پنهنجو پاڻ کي شڪست کان مٿانهون سمجهندو آهي. هن کي اهڙو ڪوبه نتيجو قبول ناهي جنهن ۾ کيس شڪست ملي هجي، هو پنهنجي شڪست کي پنهنجي سياسي نالائقي ۽ ناڪامي سمجهڻ بدران ان کي پنهنجي خلاف سازش سمجهندو آهي ۽ هي هر ان عمل جو بائيڪاٽ ڪندو آهي جنهن ۾ هن کي شڪست نظر ايندي آهي. سندس سياست مان ائين ئي لڳندو آهي ته هو پنهنجي ذات جي سحر واري بيماري ۾ مبتلا آهي.

2010 کانپوءِ صورتحال تبديل ٿي وئي ۽ جن نظرن لاءِ عمران 1996 کان ترسي رهيو هو اهي نظرون ان تي پئجي ويون، هڪڙو منصوبو ٺاهيو ويو ته ڪنهن اهڙي شخص کي حڪومت ڏني وڃي جنهن جي پنهنجي سياست ڪجھ نه هجي ۽ هو اسان جي رحم و ڪرم تي ڪم ڪري. ڇو ته پ پ ۽ نواز ليگ گهڻيون مضبوط ٿي چڪيون هيون ۽ انهن وٽ پنهنجي سياسي قوت به هئي انهن وٽ ماڻهو به هئا ۽ هو اکيون به ڏيکاري سگهن پيا ۽ پاڪستان جي عوام جا به مسئلا هئا. ڇو ته عوام به ڪنهن مسيحا جو انتظار ڪري رهي هئي ۽ عوام نواز ليگ ۽ پ پ کان ڪنهن حد تائين مايوس به ٿي چڪو هو. اهو طئي ڪيو ويو ته هاڻي ڪجھ ٻيو آزمائي ڏسجي ۽ ڪنهن اهڙي سياسي پارٽي کي طاقتور ڪيو وڃي جيڪا پ پ ۽ ن ليگ کي ڪمزور ڪري سگهي ۽ پاڪستان ۾ هڪڙي پارٽي اهڙي هجي جيڪا سياسي بنياد تي ايتري مضبوط نه هجي، پر اها پ پ ۽ ن ليگ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ استعمال ٿي سگهي. تنهنڪري ان لاءِ تحريڪ انصاف کي آندو ويو ۽ عمران خان جي برانڊنگ ڪئي وئي. 2010 کانپوءِ عمران خان جي حق ۾ ميڊيا کي استعمال ڪيو ويو ۽ ميڊيا مسلسل عمران خان جي جلسن کي ڪوريج ڏيندو رهيو ۽ ميڊيا اهو تاثر به ٺاهڻ شروع ڪيو ته تحريڪ انصاف ئي هن ملڪ جي مسئلن جو حل آهي ۽ عمران ئي پاڪستان کي هن بحران مان نجات ڏياري سگهي ٿو.

2010 کانپوءِ فيسبڪ به پاڪستان ۾ مشهور ٿيڻ لڳو ۽ سوشل ميڊيا جي ابتدا هئي. تحريڪ انصاف جي بنيادي اڳواڻ احمد جواد تحريڪ انصاف لاءِ سوشل ميڊيا سيل تيار ڪيو بعد ۾ هو ڇڏي ويو. ڇو ته پي ٽي آءِ 1996 واري منشور کان ٻئي طرف هلڻ لڳي. سوشل ميڊيا سيل لاءِ به تحريڪ انصاف کي ڪروڙين رپيا ملڻ شروع ٿيا ۽ ائين عمران جو ميڊيا سيل وڌندو ويو. عام ماڻهو کي شايد ان جو اندازو نه ٿيندو هجي، پر ميڊيا ۾ هڪ هڪ شيءِ هڪ فوٽو اتفاقي نه هوندو آهي بلڪه هر لمحي کي ٺاهيو ويندو آهي، ائين ئي عمران کي به ميڊيا ۾ ٺاهي پيش ڪيو ويو. عمران خان ۽ ان جي پارٽي کي ملڪ اندر فري هينڊ ڏنو ويو ته جيئن چاهي سياست ڪري ۽ وڏا وڏا جلسا عمران لاءِ ڪيا ويا جنهن ۾ پئسا ڏنا ويا ماڻهو آندا ويا. جلسن ۾ شاھ محمود قريشي، جاويد هاشمي ۽ اهڙا ڪيترائي ماڻهو عمران جي پارٽي ۾ شامل ڪرايا ويا ميڊيا کي مئنيج ڪيو ويو. ايئن لڳي رهيو هو ته 2013 جي اليڪشن ۾ عمران وزير اعظم ٿيندو. ياد رهي ته 1996 کان وٺي 2022 تائين عمران 2011 ۽ 2012 ۾ پاڪستاني سياست ۾ مقبول ترين ليڊر هو ۽ ان وقت ان جا جلسا به تاريخي ٿي رهيا هئا، جنهن ۾ ميڊيا جو ڪردار اهم هو. 2013 جا اليڪشن ٿيا، پر مقبوليت جي باوجود عمران اليڪشن ۾ شڪست کاڌي ۽ نواز شريف حڪومت ٺاهي وزير اعظم ٿي آيو. عمران جي شڪست جا ٻه سبب هئا هڪ ته ان نالائق ماڻهن کي ٽڪيٽون ڏنيون ۽ ٻيو ته طاقتور حلقن جي طرفان عين وقت تي فيصلو تبديل ڪيو ويو ۽ نواز سان معاملا طئي ٿي ويا، پر پروجيڪٽ عمران کي جاري به رکڻو هو ۽ وري ان کي 2014 ۾ آندو ويو ۽ عمران اچي اسلام آباد ۾ ويهي رهيو، هن جي ڌرڻي کي 126 ڏينهن 24 ڪلاڪ ڪوريج ڏني وئي. ظاهر آهي ايتري ڪوريج جيڪر ڪنهن بت کي ڏني وڃي ته هو به زنده انسان محسوس ٿيڻ لڳندو. ڌرڻو ڪنهن ٻي جاءِ تان مئنيج ٿيندو رهيو، عمران کي ڪجھ خبر نه هئي ته اڳتي ڇا ڪرڻو آهي. هن سول نافرماني جو اعلان ڪيو ان کي به برداشت ڪيو ويو. نيٺ 126 ڏينهن بعد آرمي پبلڪ اسڪول جي واقعي کانپوءِ هن کي چيو ويو ته هاڻي ڌرڻو ختم ڪيو، پر پروجيڪٽ عمران اڃان مڪمل ٿيڻو هو ان لاءِ اهو ضروري هو ته نواز شريف کي ڪمزور ڪيو وڃي ۽ پوءِ ائين ئي ڪيو ويو. پاناما ۾ نواز شريف نااهل ٿي ويو ۽ ائين پروجيڪٽ عمران جي ڪاميابي يقيني بڻجي وئي.

2018 ۾ عمران وزيراعظم بڻجي ويو، پر هو ايترو ته نااهل ثابت ٿيو جو ايڏي مدد جي باوجود به هو اڪثريت کڻڻ ۾ ناڪام ويو. مجبورن ايم ڪيو ايم، مسلم ليگ ق ۽ بلوچستان جي پارٽي سان اتحاد ڪرڻو پيس. پنجاب ۾ به ائين ئي ٿيو ته حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ سيٽن جو فرق تمام گهٽ هو. ياد رهي ته عمران پروجيڪٽ 3 سالن لاءِ نه هو ان کي 10 سال هلائڻو هو، پر عمران جي ناڪامي، نالائقي، سوچ سمجھ جي بحران ادارن کي مجبور ڪيو ته پاڪستان کي هن کان نجات ڏياري وڃي. ادارن ٻيو ڪجھ نه ڪيو سڀ ڪجھ سياسي پارٽين ڪيو. ادارا عمران جي مدد لاءِ اڳتي نه آيا، عمران جي بيدخلي ان جي پنهنجي ناڪامي ۽ نالائقي جي سبب ٿي آهي. هو حڪومتي 3.7 سالن ۾ عوام کي ڪوبه رليف نه ڏيئي سگهيو ۽ ان ساڳيو بيانيو جاري رکيو جيڪو هو ڪنٽينر تي بيهي ڏيندو رهيو. عمران خان پنهنجي بيدخلي کانپوءِ جنهن سياست ۽ سوچ جو مظاهرو ڪيو آهي لڳي ايئن ٿو ته هو وري ڪڏهن به اقتدار جي ايوانن تائين نه پهچي سگهندو. جڏهن هي اقتدار کان لاٿو ويو ۽ بعد ۾ هن جنهن انداز سان پنجاب ۽ صدر جي مدد سان جيڪا سياست ڏيکاري آهي جنهن سان هن آمريت جو بد ترين مثال پيش ڪيو آهي. هو قوم کي پنهنجي ڪارڪردگي پيش ڪرڻ بدران هڪ هٿ ٺوڪيو سازشي ڊارمو پيش ڪري رهيو آهي. اسد مجيد سابقه آمريڪي سفير ان اصل ڪيبل ۽ عمران جي ٻڌايل ڪيبل مان فرق جي نشاندهي ڪئي آهي. مطلب ته پاڪستان ۾ ان ڪيبل ۾ تبديلي ڪئي وئي ۽ ان ۾ ڪافي شيون

شامل ڪيون ويون. يقينن پوءِ اهي تبديليون شاھ محمود قريشي جي مدد سان ڪيون ويون هونديون. پاڪستان ۾ عسڪري ادارا منظم آهن انهن سازش جي ترديد ڪئي آهي ته ڳالھ ختم ٿيڻ گهرجي باقي عمران جي سياست جو فلسفو اهو ئي رهندو ته جيڪڏهن هو اقتدار ۾ آهي ته سڀ جائز آهي نه ته نظام ئي نه رهي. پنهنجي ان سڄي تاريخي رويي جي تسلسل جي نتيجي ۾ عمران خان پنهنجي انجام تائين پهچڻ وارو آهي جنهن جي منزل جيل آهي. پوءِ ٿي سگهي ٿو ته هن جي پارٽي به ختم ٿي وڃي، هن جي پارٽي جا اهم ماڻهو وعدا معاف گواھ ٿي ڀڄي وڃن ۽ عمران پاڻ پاڪستان کان هليو وڃي اهڙي طرح هڪ تاريڪ دور ۽ شخص پنهنجي انجام تائين پهچندو.