ٻوڏ جو پاڻي اچڻ جو خطرو: اين ايڇ اي پاران قومي شاهراهه تي سفر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت
نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۽ موٽر وي پوليس قومي شاهراهن جي تازه ترين صورتحال جاري ڪندي چيو آهي ته اتر ۽ ڏکڻ پنجاب جون سموريون قومي شاهراهون بحال آهن، سنڌ جي سمورين قومي شاهراهن تي ٽريفڪ روان دوان آهي، ترجمان اين ايڇ اي طرفان آچر ڏينهن جاري بيان موجب بلوچستان جي قومي شاهراهه ايم 8 ۽ اين 65 ٻوڏ سبب بند آهن، جن جي بحالي لاءِ ڪوششون جاري آهن. اين ايڇ اي ترجمان چيو ته ايم 8 خضدار، قبول سعيد خان سيڪشن کان قومي شاهراهه بند آهي ۽ ڪوئيٽا، سبي، ڊيره الهيار هاءِ وي اين 65 تي پل ڪرڻ سبب متاثر آهي، اين ايڇ اي ترجمان موجب آرمي انجنيئر اين 65 تي بيلي ٽائپ برج انسٽال ڪرڻ لاءِ سروي شروع ڪري ڇڏيو آهي، سڀاڻي آڱاري تائين قومي شاهراهه اين 65 مڪمل طور تي ٽريفڪ لاءِ کولي ويندي.
ٻئي طرف موبائل فون ذريعي جاري ڪيل پيغام ۾ نيشنل هاءِ وي ۽ موٽر وي پوليس چيو آهي ته اين فائيو قومي شاهراهه تي ڪنڊيارو، مورو، سڪرنڊ ۽ مٽياري ويجهو هٽڙي، مياڻي ٻيلو، ڇلگري، باهو ديرو، سيکاٽ ۽ کنڊو وٽ ٻوڏ جو پاڻي شاهراهه تي اچڻ جو خطرو آهي، ان ڪري ان سيڪشن ۾ ڪنهن به قسم جي سفر کان پاسو ڪيو وڃي.

