بلاگ

آرٽيفيشل انٽيليجنس ڇا آهي؟

(حصو پهريون)

اي آءِ

AI جي لغوي معنيٰ آھي مصنوعي ذهانت، اچو ته ان ٽرم آرٽيفيشل انٽيليجنس کي سمجھڻ کان اڳ ۾ ذھانت کي سمجھون هونئن ته زمين تي اڪيچار جيوت ۽ ساھوارا رھن ٿا. انھن ۾ جانور، پکي پکڻ، جيت جڻيا سڀ اچي وڃن ٿا. انھن سڀني ساھ  وارن سان گڏ انسان پڻ ھڪ ساھوارو جيو آھي. انسان کي سماجي حيوان (Social Animal) جو نالو ڏنو ويو آھي. جانورن ۽ ساھوارن ۾ ڪجھ اھڙيون خصلتون آھن جن کي Basic Instincts بنيادي ۽ لازمي جبلتون ڪوٺجي ٿو. اھي ھيٺ ڄاڻايل آهن:

  1. ساهه کڻڻ
  2. کائڻ ۽ هضم ڪرڻ
  3. ڦوڳ يا اڻ گهربل بچيل غلاظت کي خارج ڪرڻ
  4. وڌڻ ويجهڻ، Grow ڪرڻ
  5. نسل وڌائڻ، Procreate ڪرڻ پنهنجي هم جنس Female سان تعلق ۾ اچڻ.

انھن سڀني جبلتن کان وڌيڪ ھڪ خوبي جيڪا انسان ذات ۾ اضافي ڏنل آهي ان کي اسين ذھانت ڪوٺيون ٿا. اھا ذھانت ھڪدم جڙي راس ڪونه ٿي آھي بلڪه ان ۾ انسان ذات جي ھزارن سالن جو مشاهدو، مطالعو ۽ تجربو موجود آھي ۽ انسان وقت بوقت ان کي وڌائيندو ۽ سکندو رھيو آھي. انسان ذات جي ماڻهو ھئڻ جو ثبوت ان مان پڻ ملي ٿو ته ھن ھر طرح جي ماحول اندر مطابقت پيدا ڪري پاڻ کي حالتن پٽاندڙ تبديل ڪري قبول ڪرڻ سکي ورتو آھي ۽ ھر طرح جي گرمي سرديءَ اندر پنھنجي سک ڪارڻ نت نيون ايجادون ڪندو نظر آيو آھي انساني ذھانت کي سمجھڻ کانپوءِ اچو ته مصنوعي ذھانت کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪريون. اڳي مصنوعي ذھانت کي مشيني ذھانت ڪوٺيو ويندو ھو ھڪ سائنٽسٽ مئٿميٽيڪس ۽ مشين ذريعي ڪمپيوٽنگ حساب ڪتاب رکڻ جو ماھر هو، ھن ھڪ مقالو شايع ڪيو جنھن جو عنوان Computing Machines and Intelligence هو، ان کان ڪجھ عرصو پوءِ سال 1956ع ۾ ھڪ ٻئي سائنٽسٽ جان ميڪارٿي John McCarthy ٽيورنگ ٽيورنگ جي نظريي جي تائيد ڪندي چيو ته اھو وقت دور ناھي جڏھن اسانIntelligent Machines  تيار ڪنداسين جيڪي اسان جي چوڻ تي اسان جي لاءِ ڪم ڪار ڪنديون انھن مشينن کي ھنIntelligent Machines جو نالو ڏنو.

انساني ذھانت ھڪ خودڪار نظام تحت وڌندي ويجھندي ترقي ڪندي  ھن ھنڌ تائين پھتي آھي، پنھنجن تجربن مان سکڻ سخت ۽ اڻ وڻندڙ حالتن اندر پنھنجي لاءِ سھولتون پيدا ڪرڻ ھر طرح جي خطري کان پاڻ کي محفوظ رکڻ لاءِ پنھنجو بچاءُ ڪرڻ ۽ پنھنجو آجپو يقيني بنائڻ اھو سڀ ڪجھ انساني ذھانت جي تعريف جو ھڪ حصو آھي. طبي ماھرن انسان جي Anatomy جي ڳوڙھي اڀياس کانپوءِ اھو ظاهر ڪيو ته انساني ذھانت جسم اندر ڪٿي محفوظ ٿيل آهي؟ ڊاڪٽرن جي تشريح مطابق انسان جو نروس سسٽم Nervous System ,Brain and Spinal Cord, جي ذريعي انسان جي سموري ذھني ڪارڪردگيءَ جو دارومدار انھن ٻن جسماني سرشتن جي ھڪ صلاحيت تي انحصار رکي ٿو ان Property کي ھننMind  جو نالو ڏنو. دماغ اسان جي کوپڙي جي اندر تمام سخت  کوپڙي جي خول ۾ بند آھي. جڏهن ته حرام مغز اسان جي ڪرنگهي جي ڪالم يعني پٽيءَ واري ڪنڊي اندر محفوظ ڪيو ويو آھي. انساني ذهانت صدين کان پاڻ کي خود بخود اپڊيٽ ڪندو اچي ٿو ان کي ڪجھ به ڪرڻو نٿو پوي اھو سڄو نظام خودڪار آھي. Artificial Intelligence کي اسان انسانن Create ڪيو يعني اسان ان کي جنم ڏنو ۽ اسان ئي ان ۾ روز نئين ڊيٽا جو اندراج ڪري اپڊيٽ ڪندا رھون ٿا.

AI کي ڪير ۽ ڪيئن استعمال ڪري سگھجي ٿو؟

ان کيHealthcare Robotics Marketing Communication Aviation Traffic Controls Road Safety Auto Electric Charging of Electric Vehicle Military Intelligence Auto Pilot Drones Business Analysis وغيره وغيره.

AI ڪھڙن اصولن تحت ڪم ڪري ٿي؟

اسان جڏھن اي آءِ کان پھريون ڪم وٺڻ شروع ڪيو ته اھو ھوRobotics ، اھڙيون مشينون جيڪي ڪارخانن ۾ اسيمبلي قطارن اندر ويلڊنگ ڪرڻ، گاڏين کي پيٽي ڪرڻ کان علاوہ بندرگاھن تي جھازن تي ڪنٽينرس کي لوڊ ۽ انلوڊ ڪرڻ وغيره. سڀ کان اهم حصو جيڪو مصنوعي ذهانت استعمال ۾ آڻي ٿو اهو آھي مشين لرننگ جنھن ۾ اسان ڪمپيوٽرس ۾ انپٽ داخل ڪريون ٿا ۽ ڪمپيوٽر سسٽم Algorithm الگورٿم جي ذريعي پنھنجي فيصلن جي چونڊ ڪري اسان انسانن آڏو نتيجا ظاھر ڪري ٿو. الگورٿم ڇا آھي؟ ان جي سمجھاڻي لاءِ ھي آسان مثال اسان روز مره جي زندگيءَ ۾ مشاھدو ڪريون ٿا اھو آھي اھم شاھراھن تي ٽرئفڪ سگنلز جو نظام، اوھان ڏٺو ھوندو ڪنھن به چوواٽي تي پنجواٽي تي يا ڇھواٽي تي ٽرئفڪ سگنلز ان الگورٿم جي ڊيٽا ذريعي ئي سڀواٽي ٽرئفڪ کي اھو سگنلز جو نظام آسانيءَ سان ٽرئفڪ کي ڪنٽرول ڪري ٿو، جيڪو اڇي ڊريس پاتل ٽرئفڪ پوليس جي سپاھيءَ جي جاءِ تي ان کي Replace ڪري ٿو. بلڪل انھي طرح چائنا ۽ يو ايس اي ۾ ڊرائيور ليس گاڏين جو مخصوص سينسرس سان ليس روڊ رستن تي تجرباتي ھلڻ شروع ٿي چڪو آھي ۽ انسانن جو AI ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڀروسو وڌائي رھيو آھي بلڪل ائين ايئر لائنز اندر به ڪئپٽن سان گڏ ڪو-پائليٽ جو ڪم آرٽيفيشل انٽيليجنس ئي ڪري رھي آھي.

Algorithm ڇا آھي؟

اچو ته ان کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪريون الگورٿم جو لفظ يوناني ٻوليءَ مان ورتل آھي جنھن جي معنيٰ آھي نمبر. قديم دور کان ھندو يوناني ۽ چيني رياضيدان حساب ڪتاب مان نتيجا اخذ ڪرڻ لاءِ ۽ اڳڪٿي ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندا رھيا. ھن جي سولي وصف ھينئن بيان ڪجي ٿي ته الگورٿم ھڪ رياضيءَ جو نظام آھي، جنھن تحت ھڪ ڪمپيوٽنگ مشين يا ڪمپيوٽنگ چپChip  کي ھدايتون ڏنيون وڃن ٿيون جن جي بنياد تي حساب ڪرڻ لاءِ ھڪ ڊيٽا جو ٻي ڊيٽا سان تقابلي جائزو ۽ مشاھدو ڪرڻ کانپوءِ خود بخود نتيجا ڪڍڻ انھن نتيجن جي آڌار تي انھن جي پوئيواري ڪرڻ ۽ ان خودڪار نظام جي اثر ھيٺ رھي ان کي نافذ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. انسان جو ذھن ھڪ مخصوص حد تائين پنھنجي ذھن ۾ ياداشت طور ڪجھ معلومات رکي سگھي ٿو، پر ڪمپيوٽر جي ايجاد ٿيڻ کانپوءِ انسانن کي ڪمپيوٽر ذريعي وڏو سھارو مليو آھي ۽ اسان آھستي آھستي ان ٽيڪنالاجيءَ کي ھر سطح تائين کڻي ويا آھيون. اوھان کي اھا ڳالھ حيران ڪن لڳندي ته 9ع صدي اندر عربن جي ھڪ رياضيدارن الڪِندي الگورٿم جو ذڪر ڪيو ۽ ان ئي دور ۾ محمد ابن موسيٰ الخوارزمي جيڪو ھڪ فارسي نزاد عرب ھو، ان پڻ الگورٿم کي حساب ڪتاب جي علم ۾ استعمال ڪرڻ جو ذڪر ڪيو آھي. جيئن ته مٿي اھو بيان ڪري آيو آھيان ته ڪنھن به آرٽيفيشل انٽيليجنس جو سڄو دارو مدار الگورٿم تي رکيل ھجي ٿو تنھنڪري اھو ضروري آھي ته الگورٿم کي اھڙي طرح سان ٺاھجي جو اھو Perfect هجي. ھاڻي ھتي اصول بيان ڪريون ٿا جنھن تحت الگورٿم کي مڪمل ۽ بي نقص طرح سان تيار ڪري سگھجي ٿو.

  1. Input هن ذريعي مشين کي رياضيءَ جا انگ ڏنا وڃن ٿا، جنھن ۾ 0 ٻڙي جو استعمال ھرگز نٿو ڪيو وڃي.
  2. Out put هن ذريعي مشين جي پاران موٽ ۾ ملندڙ جواب، فيصلي يا ان جي نافذ ڪرڻ جو طريقو نڪري ظاھر ٿئي ٿو جيڪو اصل جوابFinal Outcome سڏجي ٿو.
  3. هڪ مڪمل بي نقص ۽ صاف سٿرو Perfect Algorithm کي Unambiguous سڏيو وڃي ٿو، جنھن جو مطلب اھو آھي ان ۾Instructions يعني ھدايتون بلڪل واضح طريقي سان ڏنل ھجن جنھن ۾ انجام جي گنجائش نه رھي.
  4. اثرائتو الگورٿم: ان ۾ اھڙيون ھدايتون ڏنل ھجن جيڪي ڪارگر ۽ ھر طرح سان مطابقت رکندڙ ۽ مڪمل ھجن.
  5. ٻوليءَ جي قيد کان آزاد: ان جو مطلب اھو آھي ته الگورٿم کي ڪنھن ھڪ ٻوليءَ جو محتاج نه ٿيڻ ڏجي ان کي ڪنھن به ٻوليءَ ذريعي ھدايتون ڏجن يعنيInput ۾ داخل ڪجن ته الگورٿم انھن کي ھڪ ئي طرح سان بنا کوٽ ۽ واڌ جي استعمال ڪري مطلوبا نتيجا اخذ ڪري.

الگورٿم کي ائين سڌو سنئون نه عبارت جي ذريعي پڙھي سگھجي ٿو نه ئي ان جي نڪتل نتيجن کي عام رواجي ذھن سان سمجھي سگھجي ٿو. ان جو سبب اھو آھي ته مصنوعي ذھانت ۽ ان جي ٻولي ۽ ان جا ڪيل فيصلا انساني ذھن وانگر ڪم نٿا ڪن ۽ اھي ھڪ ئي وقت ۾ ڏنل تمام گھڻي ڊيٽا کي پڙھي ان مان جيڪي نتيجا بيان ڪري ٿي اھي تمام گھٽ وقت صرف ڪرڻ سان نتيجا ڏئي ٿي، جيڪو انسان ڪري نٿو سگھي. در حقيقت ھاڻي جنھن دور ۾ AI داخل ٿيو آھي اهو سڌو سنئون سمجھ ۾ اچڻ جھڙو ناھي. حالانڪه جڏھن انسانن آرٽيفيشل انٽيليجنس سکي ان کي وجود ڏنو جنھن کي اسين انسانن جي تخليق ئي چئي سگھون ٿا، پر ھاڻ اھو ايترو خودڪار ٿيندو پيو وڃي جو ھر لمحي Dynamic ٿيندو وڃي يعني ھڪ تحرڪ ۾ نظر اچي ٿو. ھر وقت پنھنجن صلاحيتن کي زورآور ڪندڙ رهي ٿو. ھو محض اسان جي پسند نا پسند ۽ اسان جي روز مره جي چرپر کي ڪاپي ڪندو ۽ محفوظ ڪندو نظر اچي ٿو. اھو سڀ اڻ سڌي طرح اسان جي موبائل فون، ليپ ٽاپ، ڪمپيوٽر ۽ اسان جي سمارٽ واچ جي ذريعي ھڪ غير محسوس طريقي سان ڪري رھيو آھي. ڇاڪاڻ ته اسان جڏھن به ڪا اھڙي مشين يعنيGadget  خريد ڪريون ٿا ته ان کي on ڪرڻ ۽ Configure ڪرڻ مھل ان سموري سافٽ ويئر کي اجازت ڏيون ٿا ته ھو اسان جي ڊيٽا کي استعمال ڪري، اسان جو اٿڻ ويھڻ ڪھڙن حلقن سان آھي؟ اسان جا دوست مائٽ ڪير ڪير آھن، اسان روزانو ڪھڙي طرف کان منزل تي رسون ٿا، اسان ڪھڙي رستي کان موٽ ڪريون ٿا، اسان جي گاڏي ڪٿي پارڪ ٿيندي آھي؟ اسان جو آفيس مان نڪرڻ جو وقت ڪھڙو آھي؟ اسان جنھن واچ کي پايون ٿا اھا اسان جو بلڊپريشر اسان جي نبض اسان جي خون اندر آڪسيجن جو مقدار ڪجھ مشينن جي ذريعي يعني گلوڪو ميٽر جي شگر ريڊنگ کي موبائل ۾ اگر محفوظ ڪجي ته ھو اسان جي بدن جي شگر ليول به نوٽ ڪري ٿو، اسان ھڪ ڏينھن اندر ڪيترا منٽ ۽ ڪلاڪ پنڌ ڪريون ٿا؟ يا ڊوڙون ٿا؟ اسان جيڪڏھن اليڪٽرانڪ ويزا ھڻايون ٿا ۽ اسان ايئر لائين کان اليڪٽرانڪ ٽڪيٽ خريد ڪريون ٿا ته اسان جي موبائل اندر آرٽيفيشل انٽيليجنس اسان کي اڳواٽ اطلاع ڏيڻ شروع ڪندو ته اسان جي اڏام ڪڏھن آھي ۽ اسان کي گھڻا ڪلاڪ اڳ ۾ ايئرپورٽ تي پھچڻ گھرجي، اسان جڏھن سمارٽ ٽي وي ذريعي تفريحي پروگرام يا چينل ڏسون ٿا اھي سافٽ ويئر اسان کي ٻڌائيندا ته ھي پروگرام اوھان لاءِ 95 سيڪڙو پسنديدہ ثابت ٿيندو، اھا سڀ معلومات AI جي الگورٿم ۾ استعمال ڪئي وڃي ٿي. انٽرنيٽ ڪمپنيون ۽ موبائل فون جون ڪمپنيون اسان کي ھر لمحي واچ ڪنديون رھن ٿيون. توھان جنھن به ڪمپنيءَ جو ڪو اوزار گئجٽ، ڪو موبائل استعمال ڪريو، ھو اوھان کي ٻڌائيندا اوھان گذريل ڏھن پندرھن سالن ۾ ڪيترا موبائل فون مٽايا ۽ ڪنھن ڪنھن ڪمپنيءَ جا فون اوھان کي پسند آھن.

AI ھڪ بلڪل مختلف سطح تي ڪم ڪري رھي آھي ۽ اسان انسان جيئن پنھنجا نظريا، مذھبي عقيده ۽ سياسي نظريا مختلف رکون ٿا، ان طرح سان اسان جديد ٽيڪنالاجيءَ جي لاءِ به پنھنجا نظريا مختلف رکون ٿا. ڪجھ ماڻھو ان خيال جا آھن ۽ چون ٿا ته اسان مصنوعي ذھانت کي ان حد تائين پنھنجي زندگي ۾ داخل ٿيڻ ڏيون ته ھو اسان جي ڪم ڪار ۾ سھولتون پيدا ڪري ۽ اسان جي ڪم ڪار ۾ بھتري پيدا ڪرڻ جو ھڪ Tool هجي، بس پر شايد ائين ناھي در حقيقت اھو ھڪ ڳنڀير مسئلو آھي. در اصل مصنوعي ذھانت انسانن جا سڀ ھنڌ، گُر جاچي توري تڪي چڪي آھي. مٿئين صفحي ۾ جڏھن مون اھو سڀ کولي بيان ڪيو آھي ته AI اسان جي ھر حرڪت ۽ حرفت کان واقف آھي ۽ جيئن ته ھو انسانن جيان سوچي نٿي سگھي تنھنڪري ھن کي انسانن کان خوف بنھ ڪو نه ٿو ٿئي، جنھنڪري مصنوعي ذھانت، انساني ذھانت ۽ ڏات جي ھوندي به تقابلي چٽا ڀيٽي اندر انسانن کان وڌيڪ چست جلدي فيصلو ڪندڙ ۽ اورچائيءَ ۾ تز نڪتي آھي ۽ انسانن کان اڳ کٽي اڳتي نڪرڻ واري رستي تي قدم رکي چڪي آھي، بس ھاڻي ھن کي پير ڄمائڻ جو وقت گھربل آهي. ان ڪري اسان انسانن کي سامھون نظر ايندڙ جيڪا Reality کين آڏو نظر اچي ٿي ان کي تبديل ڪرڻو پوندو جو AI وٽ اکيون ته ڪونه آھن، پر ھن وٽ ھڪ Vision ضرورآھي جيڪا ايتري وسيع ٿيندي پئي وڃي جنھن ۾ رنگ، نسل، خطو ۽ ٻولي خاطر ڪو ڀيد ڀاءَ ڪونه آھي. بس صرف ايترو ضروري آھي ته اھو سمورو نئين ۽ جديد طاقت جو سرچشمو صحيح ھٿن اندر رھي جيئن مٿي بيان ڪري آيو آهيان ته AI جو سڄو دارو مدار کيس مهيا ڪيل انفارميشن تي آھي جيڪا ڊيٽا جي صورت ۾ جمع ٿيندي رھي ٿي. اسان کي ياد آھي ته 21 صدي جي آخري ڏھائي ۾ ھڪ انقلاب آيو جنھن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جو انقلاب چيو وڃي ٿو، پاڪستان جھڙي پٺتي پيل ملڪ ۾ انٽرنيٽ کي عام ڪرڻ ۽ شھر شھر پھچائڻ ان وقت جي حڪمرانن جي ھڪ مثبت ڪارڪردگي جو مثال آھي، جيڪو فوجي حڪمران پرويز مشرف جي دور ۾ آيو، اسان ڊاڪٽرن لاءِ سٺا ميڊيڪل، جنرل فري ڪيا ويا جن جي سبسڪرپشن في وفاقي حڪومت برداشت ڪئي، جيئن ڊاڪٽرن ۽ ميڊيڪل جي شاگردن کي فائدو رسي، انھن جرنلس ۾New England Journal of Medicine سڀ کان اعليٰ ھو. ڳالھ پئي ڪئي سين ته پاڪستان ۾ پڻ انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جا شعبا يونيورسٽي ۾ ملي ويا ۽ نوجوانن وڌ ۾ وڌ ان مان فائدو حاصل ڪيو. جيڪڏھن اھا ٽيڪنالاجي 21 صديءَ تائين نه اچي ھا ته AI ايترو جلد اُسري ھر خطي ھر صنعت ۾ پنھنجي جاءِ ٺاھي نه سگھي ھا. ھڪ ڪتاب مان مون ھي پيراگراف کنيو آھي، جنھن جي ليکڪ جو نالو ذھن ۾ نٿو اچي:

When information is contextualized it becomes ,knowledge when knowledge compels Conviction, it becomes wisdom.

جڏھن معلومات مذڪورہ سبجيڪٽ سان ھمڪنار ٿي پوي ته اھا ڄاڻ چورائي ٿي ۽ جڏھن ڄاڻ يقين جي حدن اندر داخل ٿي مڪمل چورائي ته اھا ڏاھپ سڏجي ٿي.

…(هلندڙ)…