خاص

عمران خان تي حملو: جوابدار تياري ڪري آيو ھو: شروعاتي جاچ ۾ اھم تفصيل سامھون اچي ويا

چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان ۽ حملي جي جاچ جاري آھي، جنھن ۾ پوليس ۽ فارنزڪ ٽيمون واقعي واري ھنڌ تان ثبوت گڏ ڪري رھيون آھن. پوليس موجب گرفتار جوابدار نويد ۽ ان جي گھروارن کان به جاچ جاري آھي. جڏھن ته واقعي واري ھنڌ کان ملندڙ گولين جا خول ۽ وڊيوز جو به جائزو ورتو پيو وڃي. شروعاتي جاچ موجب جوابدار حملي جي لاءِ نائن ايم ايم پستول استعمال ڪيو، جوابدار وٽان پستول، 2 ميگزين ۽ 20 گوليون برآمد ٿيون آھن. جڏھن ته واقعي واري ھنڌ وٽان گولين جا 11 خول مليا آھن جن مان 9 خول نائن ايم ايم پستول ۽ 2 ٻئي ھٿيار جا آھن. پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن موجب واقعي واري هنڌان 9 پستول ۽ وڏي هٿيار جَي 2 گولين جا خول مليا آهن، پستول جون گوليون ڪنٽينر جَي هيٺين طرف کان مٿي ۽ وڏي هٿيار جون گوليون ڪنٽينر جَي هيٺان کان فائر ڪيون ويون، نوجوان معظم جوابدار کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران گولين جو کاڄ بڻيو، واقعي ۾ 13 ڄڻا زخمي ٿيا ھئا.