سپريم ڪورٽ پاڪستان ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪائونسل ٽوڙي ڇڏي
چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ پي ايم ڊي سي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران پي ايم ڊي سي جي وڪيل طرفان ڪائونسل کي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ بابت درخواست رد ڪري ڇڏي. ان سان گڏ عدالت پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل کي ٽوڙڻ جو حڪم ڏيندي عبوري ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم ڏنو. عبوري ڪاميٽي ۾ اسلام آباد ۽ چئن صوبن جي ميڊيڪل ڪاليجن جا وي سيز شامل هوندا جڏهن ته اٽارٽي جنرل به عبوري ڪميشن جو حصو هوندو. اها عبوري ڪميٽي پي ايم ڊي سي جون نيون چونڊون ڪرائڻ جي پابند هوندي.

