بلاگ

ذبيح عباسيءَ جي ڪتاب ”چنڊ تنهنجي ذات“ تي هڪ نظر

توڻي جو ادب جون هڙئي صنفون ورجاءَ جو ٻيو نالو آهن، پر هر دفعي انهن صنفن جي پيشڪاري منفرد هجي ٿي. شاعريءَ جا انوکا خيال ۽ انهن جي سهڻي اڻت، لفظن جو سٽاءُ ۽ انهن جا نت نوان تجربا، صنفن جي تاڃي پيٽي ۾ خيالن جي فٽنگ ۽ شاعراڻي ڪاريگري داد لهڻي. اسان وٽ سواءِ بيت ۽ وائي جيڪي به شاعراڻيون صنفون آهن اهي گھڻي ڀاڱي امپورٽيڊ آهن. مثال طور: غزل، نظم يا نظمن جون سڀئي ساختون ٻين هنڌان هتي درآمد ٿي آيون، پر انهن تي ايتري ته ڀرپور شاعري ٿي چڪي آهي ۽ ٿي رهي آهي، جو اهي صنفون هاڻي اسان وٽ پنهنجائپ جا احساس سموئي مسلسل سرجن ٿيون پيون، تيئن ئي ٽيڙو به 17 صديءَ کان ڀرپور سفر ڪندي 19 صديءَ تائين مسلسل جاپان جي اصلوڪي شاعري جي صنف هجڻ جي ناتي اتان جي هزارين شاعرن جي طبع آزمائي هيٺ ئي رهيو ۽ جاپان اندر ”هوڪو، هائيڪائي، هائيڪو“ ۽ اسان وٽ ٽيڙو هڪ ٽسٽي آزاد نظم وانگي ليکيو ۽ لکيو ٿو وڃي. توڻي جو هائيڪو پابند ناهي، پر هن صنف جو لينڊ اسڪيپ وري به 17 ماترائن تي ئي لهي پاڻ مڃائي ٿو ۽ انهن ماترائن کان تجاوز نٿو ڪري، ان تناظر ۾ پوءِ هيءَ صنف به ڄڻ پابند ڀانئي ٿي وڃي. توڻي جو هيءَ صنف رُکي، ڇَسي، ٻُٽيل ۽ ٻوُساٽيل سٽاءُ کڻي ٿي لهي، ان ڪري هيءَ صنف پنهنجي اندر گھڻا آلاپ ۽ رڌم نه ٿي سموئي، پر فڪري جُز ۽ ولوڙ ۾ ڀرپور هجي ٿي، جنهن منجھ شاعر پنهنجا سڀ خيال هڪ اختصاري ساخت اندر اظهاري به وٺي ٿو. توڻي جو 1603 کان وٺي 1867 هن صنف گھڻا ئي لاها چاڙها ڏٺا، پر “باشو“ (جاپاني شاعر) هن کي گھڻي پذيرائي بخشي ۽ 1670 ڌاري ٽوڪيو جنهن کي اڳ ۾ اِيڊو به چوندا هئا، ۾ هن صنف وڏي مشهوري ماڻي. باشوءَ جي هڪ ٽيڙو جو مفهوم ۽ منظوم ترجمو ڪجھ هيئن پيش ڪجي ٿو:

هڪ سنهڙي شاخ،

هڪ ڪانءُ اچي ويٺو آ،

خزان جي شام.

(ترجمي ۾ توڻي جو شاعري جو مزو ڇَسو ٿي ٿو وڃي، پر شاعري جي هيءَ صنف وري ڪجھ خاص رُخي ۽ ڇَسي به آهي) يا هيٺ باشوءَ جا ڪجھ ٽيڙو مثال طور: جيئن مقالو موثر ٿي سگهي ۽ ٽيڙو جي افاديت ۽ ڪماليت جو مختصر جائزو به وٺجي ته جيئن ذبيح عباسي جي شاعري کي تڪي توري سگهجي:

هڪ پاڻيءَ جو تلاءُ،

ڏيڏر ٽپ ڏنو،

پاڻيءَ ڪيو آواز.

”ڪوبا ياشي“ جو هڪ ٽيڙو به مثال طور تي کڻون ٿا يا جنهن ۾ شاعرن جا فلسفا به پڙهي سگهجن:

هڪ ڦڙي جي دنيا،

۽ هرهڪ ڦڙيءَ منجھه،

هڪ جدوجهد جي دنيا.

”يوسا بوسان“ جو هڪ ٽيڙو به رکون ٿا ان ڪري ته ذبيح عباسيءَ جي ڪتاب جي ڀيٽا پيش ڪري سگهجي ٿي:

ميڻ بتيءَ جي روشني،

ٽپائي ٿي روشني هڪ ٻي ميڻ بتي ڏي،

ڄڻ شام ڌاري ڦٽي روشني.

هڪ ٻيو بحث اهو به آهي ته اڪثر شاعر يا ليکاري پنهنجن ڪتابن جي نالن جي چونڊ ڀٽائي جي بيتن منجهان ڪندا رهن ٿا (جيئن شيخ اياز جي شاعري جا گهڻي ڀاڱي ڪتاب ڀٽائيءَ جي بيتن جا ٽڪرا آهن يا سراج جا ناول به گھڻي ڀاڱي ڀٽائيءَ جي بيتن جا ٽڪرا آهن) اهو ٽرينڊ بهتر آهي، پر شاعر ڪجھ ٻيو به سوچين يا تخليقي نالا رکن ته ڀلو آهي (اها هڪ تجويز آهي) يا ڀٽائي جي شاعري جو ڪو تسلسل، سيڪئينس يا سيڪيوئل به نٿو ٿي سگهي، پر شاعريءَ جي ڪتابن جي نالن جي چونڊ به ڪا انوکي هجڻ گهرجي. بهرحال ذبيح عباسيءَ جي ڪتاب ۾ هڪ ٻي ڳالھ به ڏٺي وئي ته ”چنڊ تنهنجي ذات“ واري ڏس ۾ شاعري روماسزم تي ڀرپور ناهي لٿل يا نالي ماتر ڪو ٽيڙو رومينٽڪ به هجي اها ٻي ڳالھ آهي. ڪتاب جو گهرو مطالعو ڪندي هڪ ڳالھ نظر ايندي ته ذبيح عباسيءَ جي سموري شاعري ۾ ٽيڙو گھڻي ڀاڱي رڳو بيان بازي، مشاهداتي لاڙن، اڻڀن ۽ مبهم خيالن جا ڏيک کڻي ٿا لهن يا جن هائيڪن ۾ ڪا سبق آموز ڳالھ ناهي يا ميسيج ۽ نياپو ڀرپور به نٿو هجي، جيئن:

آکيري مان نانگ،

آڪھ اڳري موٽيو،

ٺاهي وات ٻسانگ.

يا هيٺ ڏنل ٽيڙوءَ ۾ به هڪ نظارو يا منظر ڪشي عڪسيل آهي. توڻي جو ڪا ڳالھ پوري پيغام سان نه ٿي لهي يا شاعراڻا نياپا ڀرپور ناهن، پر ڳالھ اها به آهي يا سوال اهو به آهي ته شاعر وٽ خيالن جي اوت ۽ الهام مهل ڪهڙا مخصوص گهاڙيٽا ۽ ڪالب فٽ ۽ فڪس ٿيل آهن جو اهو انهن الهامن ۽ شاعراڻن موڊن کي ڪنهن صنف ۾ اوتي رکي يا ائين به آهي ته اڪثر شاعر ساڳن خيالن کي غزل به ڪري وٺندا آهن يا انهن خيالن کي ڪهاڻيءَ جي سٽن يا ڊائيلاگن کي يا ڪنهن اشتقاقي سٽن ۽ سمجهاڻين کي مختصر ڪهاڻي يا نثري نظم به جوڙي رکندا آهن ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته اهو خيال انوکو آهي، پر ان صنف جون گهرجون ڪير پوريون ڪندو جي گهرجن جي ضرورت ناهي ته ان ڊائيلاگ نما ڪهاڻي، نثري نظم ۽ شاعري جي ڪهڙي ضرورت آهي جو آڱر وڍرائي ماڻهو شهيدن جي لسٽ ۾ شمار ٿئي، ذبيح عباسي جي هيٺين سٽن کي به ان ڏيک ۾ پرکي ڏسجي:

آءُ ٽپي اڄ ڪوٽ،

سڏڪن تي هڪ پڙ وجهي،

اڳ ٻانگن کان موٽ.

ذبيح عباسيءَ جي شاعريءَ ۾ خيال گھڻي ڀاڱي معناعن ۾ الجهيل، مبهم ۽ ويڙهيل سيڙهيل رهجي ٿا وڃن، ان ڪري ته معنائن ۾ ويڙهيل شيون ڪو نياپو ڏيڻ بنان رهجي ٿيون وڃن جن ۾ زواليت جو امڪان گھڻو ٿو هجي يا شاعر وٽ مشاهدو ته زبردست اٿس، پر ٻولي خشڪ ترين اڻي ٿو رکي يا ذبيح عباسي هيٺين سٽن ۾ ڏاڍي ڀرپور، پر اختصار ۽ لازوال ميسيج به اوتي ٿو رکي، جتي ثقافت جا اهڃاڻ به چٽي ٿو ته اتي مذهبي رنگن ۾ ٻوڙيل سٽون اُڻي پنهنجي تخيل جي پورت به ڪمال ٿو ڪري ۽ خلقڻهار جي خوشيءَ جو مدعي به هجي ٿو:

اجرڪ خوشبودار،

رک نک ۽ مصلحي مٿان،

خوش ٿئي پالڻهار.

هيٺ ڏنل ٽيڙوءِ ۾ لفظ ”سهرا ۽ مانڌاڻ“ ٻه الڳ الڳ وارتائون آهن، لفظ ”سهري“ ۾ خوشيءَ جو اظهار آهي ته ٻئي لفظ ”مانڌاڻ“ ۾ ڪروڌ آهي، ان ڪري لفظن جي جوڙجڪ ڀرپور نٿي لهي يا اظهار شاعر جي تخيل کي لوڙهي ٿا وڃن. وري مٿان ٻانگي جي آذان يا منظر ۾ بيزاري ۽ اڻ تڻ واري ڪيفيت ۾ لفظن جو فريم وري ڪنهن ڪم جو نٿو لڳي:

سهرن جو مانڌاڻ،

ننڊ ڦٽي آ چنڊ جي،

اٿيو ٻانگو ڄاڻ.

هيٺين سٽن ۾ جيئن ”ڏڌ“ جو لفظ سِٽِيَل آهي، هاڻي بحث اهو آهي ته ڏڌ وڪڻبو ناهي، پر لسي، مکڻ، کير، مَهي يا ان جون ٻيون “باءِ پروڊڪٽس“ کڻي وڪڻجن، پر ڏڌ هڪ ”را مٽيريل“ آهي، جيڪو هڪ مرحلي مان نڪري پوءِ ڪا شيءِ ٺهي بيهندو آهي ته پوءِ کائڻ يا کپائڻ جي لائق بڻبو آهي، پر شاعر جي تخيل ۾ ان کانپوءِ جو منظر تمام اثرائتو آهي، جنهن مان غربت جي جهلڪ واضح ٿيل آهي، ان ڪري شاعر لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته هو هر طبقي جو شاعر آهي جنهن وٽ اظهار، ماپا، تمثيلون، مشاهدا ۽ ڊڪشن ڏاڍا سلوڻا ۽ سولا آهن ۽ زبردست ٻولي کڻي خيال اوتي ٿو ڇڏي:

وڃ ڏڌ وڪڻي آءُ،

جڏهين موٽين آڻجانءِ،

دال مڱن جو پاءُ.

پهرين اها ئي شڪايت هئي ته شاعر وٽ رومانسزم جي اوڻاٺ آهي حالانڪه شاعر جي ڪتاب جي نالي ۾ رومانسزم جي سونهن اوتيل آهي جنهن جي خوبصورتي به اها ئي هجي ها جو ڪتاب اندر رومانس گهڻو هجي ها، پر هيٺ ڏنل ٽيڙوءِ ۾ عڪسيل منظر ۾ اهي سڀ شيون پوريون ڏسي سگهجن ٿيون جيڪي هڪ ”ٽين ايجر“ جي ابلاغ ۾ شامل هجن ٿيون ۽ وري وسڪاري جي شام جا منظر ۽ بيدن جي ”وائيٽ بورڊ“ تي اڪريل نالن جي ”ڪيليگرافي“ شاعر جي مشاهدي جي تعريف تي اڪسائي ٿي:

وسڪاري جي شام!

بيدن تي آئي ڏسڻ،

هن سان منهنجا نام.

يا هيٺيون سٽون به رومانس سان ڀرپور کڻي ٿو لهي:

سڄو ڏينهن نوڪري،

رات سڄي ٿو ساريان،

خوابن واري ڇوڪري.

ذبيح عباسيءَ وٽ شاعريءَ جا ڊڪشن ڏاڍا شاندار ٿا لهن:

ترس اڄوڪي رات،

سڪ پنهنجا ڪکڙا ڍڪي،

نيڻ وٺن خيرات.

هتي هن مضمون جي توسط سان اها ڳالھ ڪجي ٿي ته شيون لمٽيڊ نه هجڻ کپن يا ڪهاڻي ڪنهن هڪ شهر جي نٿي هجي يا شعر ۾ نالا ڏئي ان صنف کي ڪارنر يا هڪ ”ٽائيم ۽ اسپيس“ ۾ واڙي نه رکي، ان ڪري حدن جي قيدن کان شاعري ۽ اظهارن کي آزاد ڪجي. مثال طور: جي شهر جو نالو ڪهاڻيءَ ۾ لکبو ته ڪهاڻي لمٽيڊ ۽ ڪارنر ٿي ويندي يا شاعري ۾ ”سوشل ايڪٽرز“ يا ڪردارن جي گنجائش گھڻي ڀاڱي ناهي هوندي يا جي گنجائش رکبي ته شاعري لميٽڊ ٿي ويندي يا برصغير جي شاعرن ۾ هڪ ڳالھ عام رواجي ڳالھ اها به ڏٺي وئي آهي ته اهي غزل جي مقطع ۾ يا گيت جي آخري سٽ ۾ پنهنجو تخلص يا نالو گھڻي ڀاڱي ڏيندا به آهن، پر شاعري جي هر صنف ۾ اهي نالا نٿا ڏئي سگهجن يا نظمن يا ٽيڙوءَ جي صنف ان ڳالھ جي گهرجائو به ناهي ته ان ۾ شاعراڻا تخلص استعمال به ٿين. ان ڪري ذبيح عباسي صاحب جي شاعري ۾ اها ڳالھ گھڻي آهي ته هر ٽيڙو هڪ ”ٽائيم، اسپيس ۽ نيمنگ“ جي وڪڙ ۾ ڦاٿل رهجي ٿو وڃي يا جنهن سبب شاعريءَ تي دين، ڌرم، خطي ۽ مخصوص طبقي جا ٺپا لڳي وڃن ٿا ۽ اهڙي شاعري پوءِ عالم آشڪاري نٿي آڇي، مثال هيٺ ڏنل ٽيڙو ڏسون:

مڱڻو گهوٽي ڀنگ،

الهندو اٿيو ننڊ مان،

عيدن آندا ڏنگ.

يا ڪٿي ڪٿي شاعر روشن خيال به ڏاڍو آهي ۽ لفظن کان ڀرپور ڪم وٺي ڄاڻي جنهن سبب خيالن جي پختائي ۽ شاعراڻو لڀاءُ کيس جي شاعراڻي سندرتا کي چار چنڊ ارپي ٿو ڇڏي:

پٿرن کي نه تراش،

ڪر ڪعبو پنهنجو اندر،

خالق پوءِ تلاش.

هنن سٽن ۾ خيالن جي سونهن ڏاڍي ڀرپور اٿس:

روح نه ڳاتو راڳ،

سجدن ڪيڏا وس ڪيا،

هئه هئه منهنجو ڀاڳ.

هنن سٽن ۾ زبردست اتساھ ڀري ٿو لهي (توڻي جو ڪٿي ڪٿي شاعر پنج ست پنج ماترائن جو پابند نٿو رهي):

خليل جيان بت ڊاھ،

رکي ڀروسو الله تي،

ساڙيندءِ نه ڪا باھه.

شاعر ڪٿي ڪٿي ترقي پسند سوچ جو مالڪ به هجي ٿو جو خيالن جا وَرَ وَڪڙ اهڙي دلداري به پيش ٿا ڪن جو پڙهندڙ سمجهي ٿو ته شاعر مشاهدي جو بادشاھ شاعر آهي ۽ هو هاريءَ کي سماجي خوشحاليءَ جو امين به سمجهي ٿو:

ول سان ٻکيو نوڙ،

هاري جا سڀ ٿڪ لٿا،

ٿيندو اَنَ جو کوڙ.

يا هي سٽون ڏاڍيون ڀرپور لکيل اٿس:

وهندو ڇَرَ درياھُه،

سون ڦٽائيندا کيت هَر،

ڦٽندو گلقند گاھه.

يا جيئن هن سٽن ۾ ستم ظريفي جي منظر نگاري به سمجهائي ٿو ۽ گڏوگڏ هڪ ”پريڊڪٽو“ شاعر جو ثبوت به پيش ٿو ڪري ته شاعر ڪيئن سوشلسٽ سائنٽسٽ به هجن ٿا انهن کي بادِ صبا جي رخ جي خبر به پئي ٿي ته هو موسمن جي ستمن کان به گھڻا باخبر هجن ٿا:

ٽِم ٽِم گونگو مينهن،

نه ٿڪي نه رُڪي وڄ بنا،

اڄ آ پنجون ڏينهن.

سياسي ۽ سماجي منظر نگارين کي انقلابي نظر سان پرکي هڪ باغي سوچ به ارپي ٿو ته جيئن سماج مان اها برائي به لڻي ڇڏجي ۽ ماڻهن ۾ جاڳرتا جو ڪو عنصر بيدار ڪري سگهجي ته جيئن اهي انقلاب روا ۽ ڇسي سياست کي سمجهي سگهن:

تانگي تان تصوير،

لاھ سياستڪار جي،

ڇڏ نعرن کي ويرَ.

انهن سڀني مطالعاتي ۽ مشاهداتي سائنسن مان هڪ نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته ذبيح عباسيءَ وٽ ٻولي، اصلوب، مشاهداتي سائنس ۽ لفظن جي سٽاءَ جا سڀ فن موجود آهن جيڪي هن وقت سر ۽ مناسب مهل پٽاندر ڪتب به آندا آهن. ان ڪري اهي سڀ شاعراڻيون ڪاريگريون ۽ علوم ان ڳالھ جي ساک ٿا کڻن ته شاعر اهڙي ئي زبردست ٻولي، ٺيٺ پڻي، سونهن ۽ سڀيتا سان شاعري سجائيندو ۽ سرجيندو رهندو ۽ ڪتابن جي پٺيان ڪتاب ڏيندو رهندو.

***