هنلدڙ سال، جون ۾ پي آءِ اي کي پرائيويٽائيز ڪيو ويندو
وفاقي نجڪاري واري وزير دانيال عزيز چيو آهي ته 325 ارب رپين جي خساري سان هلندڙ پي آءِ اي جي اداري کي حڪومت پرائيويٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ڪالهه پريس ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته 15 اپريل 2016 تي سڀني سياسي پارٽين گڏجي هڪ قانوني ايڪٽ ٺاهيو هو جنهن سان پي آءِ اي کي پرائيويٽ ادارو بڻائي سگهجي ٿو. جنهن کانپوءِ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ان عمل کي شروع ڪيو وڃي جنهن ۾ سڀ کان پهرين پي آءِ اي جا ڪجهه اثاثا ان کان الڳ ڪيا ويندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پي آءِ اي جي مئنيجمينٽ جو حق اڪثريت وارن شيئر هولڊرن وٽ محفوظ هوندو. ۽ حڪومت ان جا 51 سيڪڙو شيئر رکندي هن وضاحت ڪئي ته پي آءِ اي ايڪٽ جي 5 شق ۾ ڏسيل آهي ته حڪومت هڪ غير جانبدار ويليو ايٽر کان انهن ايسٽس جي قيمت جو ڪاٿو لڳرائيندي انهن ايسٽس ۾ ممبئي ۽ دلي موجود اداري جي ملڪيت وارا فليٽ ايمسٽر ڊيم ۾ مرغي فارم ۽ ڪجهه ٻيا ڪاروبار نيو يارڪ ۾ به موجود آهن. جنهن ۾ روز وميلٿ هوٽل به شامل آهي. دانيال عزيز چيو ته حڪومت هر سال 600 ارب رپيا اهڙن خساري وارن ادارن تي خرچ ڪري رهي آهي. جيڪي عوام جي ڀلائي تي خرچ ڪري سگهجن ٿا. هن اهو به واضح ڪيو ته حڪومت هن اداري جي ملازمن جي نوڪرين کي بچائي سگهي ها پر هن وقت جيڪا صورتحال آهي ان ۾ اهو ممڪن نه آهي ته اداري جي ملازمن کي هميشه پگهار ۽ پينشن ڏئي سگهجي. اهو ڪم اسٽيل مل ۾ ڪيو پيو وڃي ته پي آءِ اي لاءِ ممڪن نه آهي.

