عاصمه فيض جي ڪتاب In Search of Lost Glory: Sindhi Nationalism in Pakistan جو تنقيدي جائزو
پنجاب سان تعلق رکندڙ اسڪالر ۽ لاهور يونيورسٽي آف مئنيجمينٽ سائنسز (لمس) ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جون خدمتون سرانجام ڏيندڙ ڊاڪٽر عاصمه فيض جو پي ايڇ ڊي جي ٿيسز تي مشتمل ڪتاب بعنوان In Search of Lost Glory: Sindhi Nationalism in Pakistan گذريل سال مشهور اشاعتي اداري آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ طرفان ڇپيو ويو آهي، جنهن ۾ انگريز دور کان ويندي 2020 تائين سنڌي قومپرستيءَ جو ڇيد ڪيو ويو آهي. ڪتاب ٽوٽل 288 صفحن، جڏهن ته پنجن بابن تي مشتمل آهي.
ڪتاب جو پهريون باب سنڌ جي گڏيل هندستان جي تاريخ، خاص طور انگريزن جي 1843ع ۾ چارلس نيپيئر جي اڳواڻيءَ ۾ چڙهائي، سنڌ کي ممبئي پريزيڊنسي ۾ زبردستي ضم ڪرڻ، سنڌي ٻوليءَ لاءِ انگريز سرڪار طرفان ورتل ڪوششن ۽ ان خلاف هليل مزاحمت، 1922ع ۾ موئن جي دڙي جي کوٽائيءَ کانپوءِ مليل آثارن، شڪارپور شهر جي معاشي ۽ ڪاروباري اهميت کي اجاگر ڪرڻ، ڪئنال سسٽم اچڻ کانپوءِ سنڌ طرف ٻين صوبن خاص طور پنجاب کان ٿيل لڏپلاڻ، انگريزن خلاف هليل حر مزاحمت، مسلم ليگ جي سنڌ اندر سياست، جي ايم سيد ۽ جناح وچ ۾ پيدا ٿيل اختلاف وغيره، پهرئين باب جو حصو آهن. جيتوڻيڪ انهن سڀني موضوعن تي تفصيلي بحث ناهي ٿيل. ڇاڪاڻ ته ڪتاب جو موضوع پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اڀريل سنڌي قومپرستي آهي، پر تنهن باوجود تعارفي طور انگريز دور ۾ سنڌ جي سياست کي سمجھڻ ۾ هيءُ باب اهميت ضرور رکي ٿو.
ڪتاب جو ٻيو باب پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ طرف جيڪا هندستان کان لڏپلاڻ ٿي ۽ ان جي ئي تناظر ۾ جيڪو ”سنڌيت“ يا ”سنڌي سڃاڻ“ جو بيانيو سامهون آيو يا وڌيڪ مضبوط بڻيو، تنهن بابت آهي. هن باب ۾ سنڌ طرف لڏپلاڻ جي حوالي سان ليکڪه انگ اکر ڏيڻ سان بحث ڪري ٿي، جنهن مطابق ”1947ع ۾ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ 61.2 سيڪڙو سنڌي ڳالهائيندڙ هئا، جيڪي 1951ع ۾ گھٽجي فقط 8.6 سيڪڙو وڃي بچيا“. ان منجھان ئي اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته ڪيئن راتو رات ڪراچيءَ کي سنڌين لاءِ اوپرو بڻائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون ويون. ڇاڪاڻ ته ورهاڱي کان اڳ سنڌي هندو گھڻي ڀاڱي ڪاروبار وغيره سان سلهاڙيل رهيا، جيڪي سنڌ جي شهرن، خاص طور ڪراچيءَ ۾ ئي رهندا هئا، پر ورهاڱي وقت هٿرادو طور مذهبي ڏڦيڙن ڪرائڻ ذريعي سنڌي هندن ۾ حراس پکيڙيو ويو ته جيئن هو هندستان طرف لڏپلاڻ ڪن ۽ سندن خالي ڪيل ملڪيت هندستان کان لڏي آيل اردو ڳالهائيندڙ مسلمانن ۾ تقسيم ڪري سگھجي.
ڪتاب جي ساڳئي ئي باب ۾ هن وقت ملڪ جي ٻن اهم انگريزي ۽ اردو اخبارن ”ڊان“ ۽ ”جنگ“ جي پاڪستان جي شروعاتي وقت ۾ پکيڙيل نفرت جو به ذڪر ملي ٿو ته ڪيئن بيهوده ڪارٽون ۽ خبرن ذريعي سنڌين خلاف نفرت جو اظهار ڪيو ويندو هو. ليکڪه هڪ ٻئي اهم نقطي يعني ڪراچيءَ جي سنڌ کان عليحدگي ۽ ان کي زبردستي ملڪ جي گادي جو هنڌ بڻائڻ سان گڏوگڏ ڪراچيءَ کي الڳ صوبي بڻائڻ جي تحريڪ جو به ذڪر ڪري ٿي. ان حوالي سان جيتوڻيڪ عام راءِ اها ملندي رهي ٿي ته سنڌ جي تقسيم جو فارمولو ايم ڪيو ايم طرفان متعارف ڪرايو ويو، پر عاصمه لکي ٿي ته ان فارمولي جي شروعات 1950ع واري ڏهاڪي ۾ ئي منظم نموني ٿي چڪي هئي، جڏهن ”ڪراچي صوبه محاذ“ نالي هڪ گروهه جوڙيو ويو. افسوس جو مقام اهو هو ته ان گروهه جي بنگالي اڳواڻ حسين شهيد سهروردي سميت پنجاب جو ترقي پسند ۽ آزاد پيپلز پارٽيءَ جو اڳواڻ ميان افتخارالدين به حمايت ڪري رهيو هو. ساڳئي وقت مسلم ليگ جي ڪراچي فرنٽ طرفان 1953ع جي ڊسمبر مهيني ۾ ”ڪراچي صوبي جو هفتو“ پڻ ملهايو ويو. ان باب ۾ سنڌ جي ملڪ جي قيام کانپوءِ واري سياست، جنهن ۾ جي ايم سيد جي نعپ ۾ ڪردار کان ويندي ٻين ترقي پسند ۽ قومپرست پارٽين، جهڙوڪ: سنڌ هاري ڪاميٽي، سنڌي اسٽوڊنٽس ڪلچرل آرگنائيزيشن جي جڙڻ ۽ انهن جي سياست تي به بحث ٿيل آهي.
ڪتاب جو ٽيون باب پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سياست تي بحث تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ پ پ جي جڙڻ سان گڏوگڏ ڀٽي جي سياست جو ڇيد ڪيل آهي ته ڪهڙن نقطن تي پ پ جو قيام ٿيو ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ اها پارٽي ڪيئن ايترو مضبوط ۽ مقبول بڻجي وئي جو 1970ع جي اليڪشن ۾ سنڌ جي اهم سياسي شخصيت سائين جي ايم سيد کي دادو واري سيٽ تي پ پ جي ملڪ سڪندر جي هٿان شڪست ملي. ايئن ئي سنڌ جي ٻي اهم سياسي شخصيت ايوب کهڙو کي خود ڀٽي لاڙڪاڻي جي سيٽ تان هارايو. پ پ جي حڪومت طرفان کنيل ٻين قدمن سان گڏوگڏ خاص ڌيان 1972ع ۾ سنڌ اسميبليءَ منجھان پاس ڪيل ”سنڌي ٻوليءَ واري بل“ تي به ڏنل آهي. ايئن ئي ڀٽي جي عدالتي قتل خلاف اٿيل مزاحمت سميت ايم آر ڊي تحريڪ جو به ڪافي ذڪر ملي ٿو.
چوٿون باب سنڌي قومپرست پارٽين جي سياست متعلق آهي، جنهن ۾ سائين جي ايم سيد جي سنڌو ديش واري نظريي، مختصر طور ڊاڪٽر قادر مگسي، ايس يو پي ۽ عوامي تحريڪ جي سياست جو احاطو پڻ ڪيل آهي. ان ئي باب ۾ سنڌ اندر پشتون لڏپلاڻ جو ذڪر پڻ ملي ٿو. ايئن ئي ڪالاباغ ڊئم ۽ ٻين معاملن سميت سنڌ اندر پ پ حڪومت جي ڪجھ پاليسين خلاف قومپرست تحرڪ وغيره باب جو حصو آهن.
ڪتاب جو آخري باب پ پ، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي قومپرستن جي 1988ع کان 2020ع تائين جي عرصي ۾ سياسي حڪمت عملين تي مشتمل آهي. جيتري حد تائين سنڌي قومپرست ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ تضاد جو معاملو آهي ته ان حوالي سان ايم ڪيو ايم جي سياست سميت 30 سيپٽمبر 1988ع ڏينهن ٿيل رتو ڇاڻ ۽ حيدرآباد جي پڪي قلعي ۾ 26 مئي 1989ع تي ٿيل پوليس آپريشن جو ذڪر ملي ٿو. ايئن ئي 1990ع جي ڏهاڪي ۾ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ مختلف وقتن تي پيدا ٿيل تضادن، 2000ع جي ڏهاڪي ۾ مشرف جي ايمرجنسي ۽ 2002ع وارين بوگس چونڊن، مڪاني چونڊن ۽ ان جي قانون بابت پ پ، ايم ڪيو ايم ۽ قومپرستن وچ ۾ هليل سياسي رساڪشي کان ويندي 2018ع وارين عام چونڊن کان 2020ع تائين جي سنڌ اندر سياست جو ڇيد ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هڪ راءِ اها به ملي ٿي ته سنڌي ماڻهن جي ووٽ حاصل ڪرڻ سبب پ پ ئي جهڙوڪ: سنڌ جي وڏي ۾ وڏي قومپرست جماعت هجي، جيڪا ڳالهه ان حد تائين درست آهي ته پ پ هر ڀيري ”سنڌ ڪارڊ“ استعمال ضرور ڪندي رهي آهي، پر ان کي حقيقي معنيٰ ۾ سنڌي قومپرست جماعت چوڻ زيادتي هوندي.
تنقيدي جائزو:
سڀ کان پهرين عاصمه فيض کي جس هجي، جنهن پنجاب جي هڪ يونيورسٽي ۾ پڙهائڻ ۽ فرانس کان پي ايڇ ڊي ڪرڻ دوران سنڌي قومپرستيءَ بابت ٿيسز لکڻ جو فيصلو ڪيو. ڇاڪاڻ ته ڪنهن به مخصوص قوم يا قوميت بابت تحقيق ڪرڻ، جنهن جي ٻوليءَ کان محقق بي خبر هجي ۽ ان ئي ٻوليءَ ۾ ئي سڀ کان وڌيڪ مواد به لکيل هجي، سو تمام اڻانگو ڪم آهي. ان باوجود عاصمه پنهنجي يونيورسٽيءَ جي ڪجھ سنڌي شاگردن ۽ سنڌ ۾ ڪجھ دوستن جي مدد سان ڪجھ سنڌيءَ ۾ ڇپيل مواد کي ترجمي ڪرائڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي آهي، پر تنهن باوجود به سنڌي ٻوليءَ کان اڻڄاڻ هئڻ سبب، ڪافي خال ضرور رهجي ويو آهي. ٻي ڳالهه ته ڪجھ شين ۾ ليکڪه پنهنجي تحقيق سان انصاف نه ڪري سگھي آهي، جن منجھان ڪجھ اهم نقطا مان هيٺ ڏيان ٿو:
سڀ کان پهرين سماجي سائنس ۽ خاص طور اهڙي ڪنهن سياسي موضوع تي ڪم ڪندڙ محقق لاءِ اهو ضروري هجي ٿو ته موضوع سان لاڳاپيل ماڻهن (سياسي قيادت، ليکڪن ۽ ٻين لاڳاپيل ماڻهن) سان وڌ کان وڌ انٽرويو ڪرڻ گھرجن. خاص طور تي اهڙي موضوع تي انٽرويو ڪرڻ جي اهميت ته اڃان به وڌي وڃي ٿي جنهن ۾ لکيل مواد کان توهان بي خبر هجو. ان حوالي سان جيتوڻيڪ ليکڪه ڪوشش ڪئي آهي ۽ هن ڪجھ سنڌي قومپرستن سميت ايم ڪيو ايم جي قيادت کان به انٽرويو ڪيا آهن، پر سندس فيلڊ ورڪ ۽ تحقيق جي ٻوليءَ ۾Ethnography جنهن ۾ خود محقق به انهن ماڻهن جي مختلف سرگرمين ۾ حصو وٺندي، اهم ڪردار ادا ڪندو/ڪندي آهي، تنهن جو دائرو فقط قاسم آباد ۾ واقع خانا بدوش ڪيفي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماس ڪميونيڪيشن شعبي تائين ئي محدود رکيو آهي. اهو دائرو جيڪڏهن وسيع هجي ها ۽ ڪجھ سياسي سرگرمين ۾ هڪ محقق جي حيثيت سان سڌيءَ ريت حصو وٺجي ها ته اهو ڪافي حد تائين بهتر ٿئي ها.
ليکڪه سنڌ اندر کاٻي ڌر طور تنظيمن کي سمجھڻ ۾ لڳي ٿو ته گھرائيءَ سان پارٽين جو منشور ئي نه پڙهيو آهي، جنهن حوالي سان هوءَ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ سميت عوامي تحريڪ کيUniversally declared ethnic actors يعني ايس يو پي ته قومپرست پارٽي ضرور آهي، پر عوامي تحريڪ، جنهن جي منشور ۽ سياست منجھان واضح رهيو آهي ته اها هڪ مارڪسسٽ-ليننسٽ-مائوسٽ پارٽي آهي، تنهن کي به ليکڪه لساني پارٽيءَ جي خاني ۾ وجھي ڇڏيو آهي. ايئن ئي ايم آر ڊي تحريڪ ۾ پ پ جي مزاحمتي ڪردار جي ته واکاڻ ڪئي وئي آهي، پر پ پ کانپوءِ عوامي تحريڪ جو جيڪو هراول دستي وارو ڪردار رهيو، ان کي ڪافي حد تائين نظرانداز ڪيو ويو آهي.
اها تمام دلچسپ ڳالهه آهي ته بقول ليکڪه جي 2005ع کانپوءِ عوامي ورڪرز پارٽيءَ ذريعي سنڌ ۾ طبقاتي سياست جي واپسي ٿي رهي آهي. ان حوالي سان هڪ دفعو ٻيهر ليکڪه عوامي تحريڪ سميت ٻين کاٻي ڌر جي تنظيمن جي طبقاتي معاملن تي سياست کي مڪمل نظرانداز ڪري پئي، پر ان کان وڌيڪ مزي جي ڳالهه اها آهي ته عوامي ورڪرز پارٽيءَ جو بنياد ئي 2012 ۾ پيو آهي، جيڪو پارٽي جي ويب سائيٽ تي به رڪارڊ طور موجود آهي، پر تنهن باوجود به ليکڪه طرفان ان جي تصديق ڪئي بغير 2005 کان ان تنظيم کي سنڌ ۾ متحرڪ پارٽيءَ طور ڏيکاريو ويو آهي. ساڳئي وقت ليکڪه اها دعويٰ به ڪري ٿي ته، ”هن وقت سنڌ ۾ مزاحمتي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ ٻه پارٽيون، يعني عوامي ورڪرز پارٽي ۽ مزدور ڪسان پارٽي ئي آهن.“ اها ڏاڍي عجيب ڳالهه آهي، ڇاڪاڻ ته عوامي ورڪرز پارٽيءَ جو ڪردار بلڪل آهي، باقي مزدور ڪسان پارٽيءَ جو متحرڪ ڪردار سنڌ جي الائي ڪهڙي ڪنڊ ۾ آهي، سو يقينن اڃان تائين گھٽ ۾ گھٽ منهنجي اکين کان ته اوجھل آهي.
بهرحال، مجموعي طور سنڌي قومپرست سياست کي سمجھڻ لاءِ هيءُ اهم ڪتاب آهي، جيڪو هر ماڻهو کي ضرور پڙهڻ گھرجي، باقي جيتري حد تائين ڪجھ تنقيدي پاسن، جن جو مون مٿي ذڪر ڪيو آهي جو تعلق آهي ته ان جي ڪجھ اهم سببن منجھان هڪ سنڌي ٻوليءَ کان اڻ ڄاڻائيءَ سبب ليکڪه موضوع تي لکيل ڪيتري ئي مواد کان بي خبر رهي آهي. ساڳئي وقت هن جو فيلڊ ورڪ ۾ ساٿ جيئن ته گھڻي ڀاڱي عوامي ورڪرز پارٽي ۽ خانا بدوش ڪيفي سنڀاليندڙ ويمن ايڪشن فورم جي اڳواڻن سان رهيو، ان ڪري ئي ليکڪه جو سڄو فوڪس تقريبن اهي ئي تنظيمون رهيون آهن ۽ ليکڪه ڪيترن ئي هنڌن تي ويف جو ته بار بار ذڪر ڪري ٿي ۽ ان جي اڳواڻن کان انٽرويو به ڪيا آهن، پر سندس تحقيق کان سنڌياڻي تحريڪ به اوجھل رهي ٿي، جنهن جو نه ته خاص ذڪر ملي ٿو ۽ نه ئي وري ان جي اڳواڻ عورتن سان انٽرويو ئي ڪيل آهن. ائين ئي سندس يونيورسٽي، لمس ۽ لاهور سميت پنجاب ۾ مزدور ڪسان پارٽيءَ جو خاص اثر آهي، ان ڪري شايد ليکڪه اهو اخذ ڪيو هجي ته اها تنظيم سنڌ اندر به ايتري ئي مقبول هجي. ايئن ئي جيئي سنڌ جي حوالي سان جيتوڻيڪ سائين جي ايم سيد جو ڪافي بهتر ذڪر ملي ٿو، پر جيترو ڌيان جيئي سنڌ جي مختلف ڌڙن جي بعد واري قيادت ۽ سياست تي ڏيڻ گھربو هو، ان حوالي سان به جھول محسوس ٿئي ٿو. ان ڪري ليکڪه کي گھرجي ته ڪتاب جي ٻئي ايڊيشن لاءِ انهن ڪجھ رهجي ويل پاسن تي غور ڪجي ته ڪتاب کي اڃان وڌيڪ بهتر شڪل ۾ ڇپرائي سگھجي ٿو.
***

