ڊائري جا ورق
- هو ڀوري ماھ پوش جلوا افروز انهي ڪري سڏبي هئي جو هن جي سادگي ۾ به سونهن جا تجلا ڏسڻ واري نظر کي موهي ڇڏيندا هئا..!
- جڏهن مسڪرائڻ لاءِ سڀ راهون بند ٿيندي نظر اچن ته ٿوري منهنجي ورهين جي چاهت ڀري چريائپ تي ئي کڻي سوچي ٽهڪ ڏئي ڇڏجان جيئن تنهنجي غم جي خزاني مان ڪجھ صدقو شايد نڪري پئي..!
- ڪيمپس جي پَٽن کي الوداع ڪندي ورهيه گذري چڪا آهن، مگر تنهنجي ياد تازي نازبو جي سرهاڻ جيئن اڄ به منهنجي من ۾ هنڊايل آهي..!
- وقت واقعي جدائي ۽ ملاقات جا جلوا ڏيکاري ٿو، مگر وصل جهڙو جبر هر مرڪندڙ حياتي کي به مرجھايو ڇڏي..!
- پيلي ديوارن جي ڀرسان ڪيل ڊگھا پنڌ ۽ جهونن وڻن هيٺ ڀڃيل ٿڪ هيل به نيڻن ۾ سمايل اوجاڳي سان نشيلي پراڻ پَٽن جي پريت سارين ٿا…!
- پٿرن جي شهر ۾ ڪيتريون ئي آباد دليون بربادي جي ڀون جو سفر تياڳڻ لاءِ سنڀريل ڇڏيون هيون ڀلا اهي الائي ڪيئن ٿيون هونديون…!
- پن ڇڻ جي موسم ۽ ڊسمبر جون سرد هوائون هيل وري اوچن يو ڪلپس جي وڻن ۾ ورهين کان آباد ڪيتريون ئي يادون ڇاڻينديون..!
- ساٿين جا سور سارڻ جهڙي سار لاءِ وڇوڙي جي ورلاپ کان وڌيڪ ڀلا ڪير ٿو پروڙي سگهي..!
- اک لڳڻ ۽ وڇڙڻ جي ڪا مند ناهي ٿيندي بس هڪ پل ئي چاڙهيءَ چاڙهيو ڇڏي يا عمر ڀر لاءِ ميساريو ڇڏي..!
- فيڪلٽي ۾ آباد پکين جي اکين کي ڪاش ڪو پڙهي سگهي ته ڪيتريون ئي ڪهاڻيون توڙي افسانا ڄاڻي پٿراڻـيون دليون به ڌوڏيو ڇڏين..!
- سرمائي ڳوٺ جون گلابي ڳالهيون نالي بستي هر چاهت ڀريل حساس دل ۾ خاموش خيالي سان وسندي آهي..!
- دل جا درمان ۽ اڌورا ارمان پاڻ ۾ سس پس ڪندي راتيون کٽائي وڃي سامهون سج اڀاريندا آهن..!
- سنڌو دريا جا مهاڻا به افسانا ٻڌڻ ۽ سڻائڻ جا هيراڪ بڻجي چڪا آهن، پر ڪڏهن دل جا احوال ڪو پڇڻ وارو ملي پئي ته نه..!
- هڪ ڀيرو سنڌو ڪپ تي پير پسائيندي چيو هو ته، ”ڇولين جي ڇلڪڻ سان ڪڏهن ڪڏهن پکي به ڇرڪي پوندا آهن.“
- پاڻي جي سانداري جي تصوير جي باري ۾ پڇا ڪندي تنهنجي دل ته ٿر جي گرم لُڪ تي حيرت ڪندي وڌيڪ ڏکاري ٿي هئي..!
- طارق عالم ابڙي جي ناول رهجي ويل منظر جا پنڌ پٿرن جي شهر کان ٿيندي هيٺ جبل تان لٿا هئا جنهن لاءِ اڄ به ڪيتريون ئي اوجاڳيل اکيون متلاشي بڻجي آخري صفحي کان اڳتي پورو منظر ڳولڻ جي جوڳ ۾ جاڳن ٿيون…!
- اها به حقيقت چئبي جو وڃائڻ جي درد کان وڌيڪ ڳولڻ جي جستجو گهڻي اذيتناڪ ٿيندي آهي..!
- پيرين پنڌ ٿڪجي پوڻ ٿي سگهي ٿو، باقي دل جي سوچ جا ڊگها سفر بنا ٿَڪ جي دلچسپ ٿيندا آهن…!
- الا چنڊ جهڙي چاهت جا چهچٽا ۽ چلولايون هر مند ۾ پاڻ ملهائي اجهاميل اکين جي نهار کي آباد رکنديون آهن..!
- زندگي جي ضرورتن مان پريت به هڪ نسخو آهي جنهن جي آڌار تي جواني يا پوڙهائپ ڪا گهڙي مرڪندي جي پوندي آهي..!
- هر ساعت ڪنهن نه ڪنهن احساس سان سلهاڙيل رهي ٿي جنهن ۾ غمي ۽ خوشي ٻئي حاصل توڙي لاحاصل جي مسافت تي پرچار ڪنديون رهنديون آهن…!


