ادب

شاعري

نظم

ڊاڪٽر عامر گڏاڻي

او سونهن نگر جي شهزادي

تون نيٺ ته ٿيندين ڏور مون کان

مان ڄاڻان ٿو تون آهين سکي

گڏ مون سان هلندڙ پاڇي جان

تون مون کي مور نه ملڻي آن،

تون وڃڻي آن، تون وڃڻي آن..!!

ڪنهن ڏور پرائي ڏيھ ويندينءَ.

منهنجي ياد به دل تان لاهيندينءَ

تون مون کي ڪيئن پوءِ چاهيندينءَ؟

مون تولئه جيڪي گيت لکيا

۽ تنهنجي سانئڻ نانءُ ڪيا

سي گيت ڪٿي تون ڳائيندينءَ؟

تون تن کي نيٺ ڀلائيندينءَ،

پر گيت هوائن ۾ گونجي

تنهنجي راھ پياري روڪيندا

پر تون ته ڪڏهن به نه رڪڻي آن

تون وڃڻي آن، تون وڃڻي آن….!!!

مان روز هوا جو جهوٽو ٿي،

تنهنجي مک تي وار ڪيرائيندس.

مان تنهنجي من جي آڳر تي

ڪا سار بڻجي لهرائيندس

جي تنهنجو خواب نه آهيان مان،

ڪنهن ٻئي جو ڪو نه سڏائيندس

تون ڄاڻين ٿي مان تو لئه ئي

هي جيون سارو واريندس..

تون هڪڙو ڀيرو پڪ ڏجان

تولئه شهر سڄو سينگاريندس

پر تون ته ڪڏهن به نه اچڻي آن.

تون وڃڻي آن، تون وڃڻي آن…!!!

ڪو ”عامر“ نالي نانءُ ايندو

تنهنجي يادگيرين جي دفتر ۾

مون کي پڪ آهي تون پاڳل چئي

گم ٿي ويندئينءَ پنهنجي ٽهڪن ۾

تون منهنجو نانءُ نه ساريندينءَ

۽ مون کي نيٺ وساريندينءَ

پر منهنجي من جي آڳر تي

تون ساري حياتي رهڻي آن.

تون وڃڻي آن، تون وڃڻي آن.

***

سِنڌُ جا مورڙا جاڳن شال…!

دليپ ڪوٺارِي

اَڄُ ورِي واڳُون ورائي ويا آهن

وطن مُنهنجي جي

ڇاڙنَ، ڇَنڊڻين، ٻيٽن ۽ ٻيلاٽين چؤڦير

اَڄُ ٻيهر مَتا مَڇَ ٿُلهنَ ٿُونهنَ سان

مُنهنجي ديسُ جي گهاتُنَ جو

مُنهن-گرهه کَسڻ ٿا چاهين

هنن کي ڪهڙو پَتو؟

سامُونڊيڪو سڱ ڇاهي؟

کارو کيڙڻ وارا پاڻ ۾

ڪهڙيُون خبرُون چارُون ڪندا آهن

اِهي بنهه اَڻ ڄاڻ آهن

سِنڌُوءَ مَها ساگر جِي مَهانتا مُتعلق

اوهريا جي عميق اُڪرڻ وارن

۽ لنڪا لنڪا ڪرڻ وارن کان

هنن ڪهڙو اِدراڪُ

پِريُنَ جي پَڳههِ ڇوڙڻ واري سَمي

۽ وڻجهارِيءَ جي وايُن ۽ وِرلاپن جو

اِهي نٿا ٻُجِهي سگهن ته

ٻيڙيائتا ڪهڙي ٻاجهه جا گُهرجائُو ٿا ٿين

هنن کي اِها ڪَلُ ئي ناهي ته

ساگر جِي مستي ۽ درياهه جِي دادلائپ

لُوڻياٺن لِڱن جي لبُنَ تي ڪهڙِي لالائِي ٿا آڻين

هيءَ ڇا ڄاڻن جوارِ ڀاٽا ۾

چانڊوڪِيءَ جو چاه-

هنن کي سُمڪِ ئي ڪهڙِي ته

وِيرُون ڪهڙيُون هِيرُون آڻينديُون آهن

۽ پُسيل سامُونڊِي پٽ تي جوڙِي جوڙِي پَسارُ

فِطرت جِي ڪيڏِي وڏِي دين آهي

اِهي ڇا ڄاڻن ته جر، مڃر ۽ تَمِرُ ٻيلنَ جِي وَڻراه

وجُودن کي ڪيئن واسِيندِي آهي

هنن کي ڪهڙِي خبر ته

ڄامُ تَماچِيءَ جِي ساءِ جو ڪِينجهر هِندوري سان

ڪهڙو سَنٻَنڌُ آهي

يا منڇر تي بتِيلا ڪهڙو جَرڪندڙ منظر جوڙِين ٿا

اِهي ڀلا ڇا ڄاڻن ته

ماڇين جي پيٽ ۾ گاريالِي لُغت جا

ڪهڙا جزيرا پَلجندا آهن

اِهي قطعِي ڪورا آهن اِن ڳالهه کان ته

مَلاح ۽ مَڪڙيءَ جِي پاڻ ۾ ڪهڙِي نسبت آهي

توڪل تُرهي تي هُوڙها هڪالي وڃڻ وارو رُومانس

ڪيئن ڪيو ويندو آهي

يا ’مُنهنجو ساگر-مُنهنجو ساحل‘ ڪهڙِي ڪيفيت جو نانءُ آهي!

هنن کي اِها ٻِيٽ ئِي ناهي ته

مانجِهي، مُهاڻي، ناکئي، ناخُدا ناطي

سَٻُر ڌارِ سَمنڊُ جا ۽ رانئُون رَڇُ رڱڻ ڪهڙِي ماجرا آهي…!

يا اَڳاهُون اوڙاهه ڪِٿي ٿو وٺي وڃي

اِهي اسان جي ٻيٽن، ريٽن ۽ کيٽن جا

تُز تَلفُظِ سان نانءُ اُچارڻ کان به قاصر آهن

اِهي ڀُليا آهن ته

ڏِنگِيءَ کي ڏِنگين ۾ بند ڪندا

۽ ڀَنڊاڙ کي اِنفرااسٽڪچر جو بنڊَلُ ڪري ٽِريٽ ڪندا

اسانجن پِيارن وِشال پَٽن کي اِهي

جديد معيشت جي اُڀارِ جو سوايو سامان ڪري پيا سمجهن

سوال صِرف مَڇِي، پَلي، جهينگي، گانگٽ سان سلهاڙيل

روزِي روٽيءَ جو ناهي

فِطرت جي مَظهرنَ جُون تاڃِيُون جَڙيل آهن انهن جزيرنَ سان-

ماهيگير نسلن جو جِيوت ۽ جِياپو ئِي نه

پر صدين تي مُحيط تهذيب ۽ ثقافت جا

عڪاسگر آهن عِلائِقا اِهي-

مانگرنَ جُون مڙئي اَٽڪلُون بي سُودِ وينديُون

مُنهنجِي سِنڌُ اَمڙُ جا مورڙا جاڳن شال…!

***

حيدر بخش رستماڻي

مون ڏٺو سڃاتو ساڳيو ئي ته ھو

صدين کان لٽڻ، ڦرڻ، مارڻ

سندس ڪم نه ڪو ٻيو

ساڳيو ئي ته ھو

بدليل ھئس ڪجھ شڪل شبيھ

۽ طريقه واردات، پڪ ٿيم ساڳيو ئي ته ھو

ڦربا اچون نسلن کان انھن وٽان

ھن جو به نسل ساڳيو ئي ته ھو

نيٺ ته جھلبو گريبان حيدر

ھر وقت کليل گلو ساڳيو ئي ته ھو.

***

ٽيڙو

زاهده ابڙو

گليمر جو ڄار ڪنهن آ پکيڙيو

فن ۽ ادب پٺتي پيو ڌڪجي

اديب کي ان ۾ ڪنهن آ وڪوڙيو.

***