روس ۾ سوائن فلو جي واپسي، ڊبليو ايڇ او ٽيڻي وائرس بابت خبردار ڪري ڇڏيو
دنيا ۾ 12000 ماڻهن کي شڪار بڻائندڙ وائرس ٻيهر سامهون آيو آهي، جيڪو ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود آهي. انساني حقن جي تحفظ ۽ نگراني جي وفاقي سروس جي رپورٽ مطابق هي سوائن فلو وائرس آهي جنهن جو ٽيڪنيڪل نالو ايڇ ون اين ون آهي جيڪو نومبر جي پڄاڻي تي ئي سامهون اچڻ شروع ٿي ويو هو. ٻئي پاسي ڪجهه ڏينهن پهرين اقوامِ متحده تحت صحت واري عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) يورپ ۽ آس پاس جي ملڪن کي ٽيڻي وائرس جي حملي بابت خبردار ڪيو هو. آمريڪا ۾ سينٽر فار ڊزيز ڪنٽرول (سي ڊي سي) مطابق اپريل 2009 کان 10 اپريل 2010 تائين پوري دنيا ۾ سوائن فلو جا ڇهه ڪروڙ کان وڌيڪ ڪيس ٿيا هئا جن مان پوڻا ٽي لک ماڻهن کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جڏهن ته 12496 ماڻهو فوت ٿي ويا.

