اچو ته البانيه گهمون (قسط-9 حصو پنجون)
البانيا جي آزاديءَ جو اهڃاڻ، ڪروجا قلعو
هتان کان پنهنجي آخري منزل يعني ڪروجا قلعي ڏانهن سفر شروع ٿئي ٿو. ڪروجا قلعو ڪروجا شهر کان تقريبن چار پنج ڪلوميٽر پري آهي پر جبلن جي چاڙهين ۽ ور وراڪن سبب اُتي پهچڻ ۾ تقريبن چوڏنهن پندرنهن منٽ لڳي وڃن ٿا. جبلن جي اوچائي پنهنجي جاءِ تي آهي، پر رستو سٺو ٺهيل هئڻ ڪري ڪا به پريشاني يا ايڪسيڊنٽ وغيرہ جو خطرو محسوس ڪونه ٿو ٿئي. موسم پنهنجي جڳهه تي اُها ئي سرد آهي. جي آٿر سٺي نموني پاتل هجن ته سردي پريشان نٿي ڪري، بلڪه ٿڌي موسم جو هڪڙو فائدو اِهو آهي ته ماڻهو ٿڪي گهٽ ٿو، پگھر ڪون ٿو ٿئي ۽ نہ ئي ڪپڙن يا بدن ۾ پگھر جي بدبوءِ محسوس ٿئي ٿي، ءِ ساڳئي وقت پاڻ کي تازو توانو بہ محسوس ڪري ٿو، جنهنڪري گهمڻ ۾ به وڌيڪ مزو اچي ٿو. نه صرف اِهو پر سخت سردي ۾ کائڻ پيئڻ جو به پنھنجو آھي مزو ۽ سخت سيءُ ۾ سوَڙ (ڪمبل) ۾ بہ واھ جو مزو اچي ٿو، وري جي بغل ۾ محبوب ھجي تہ من اندر جا چارئي طبق روشن ٿين ئي ٿين. جڏهن ته اُونهاري جي گرمي ۾ ماڻهو پنهنجي بت مان به بيزار هجي ٿو، هڙئي ڪپڙا لاهي ڇڏي ته به گرمي جند نه ٿي ڇڏي، کائڻ پيئڻ جو مزو ته پري جي ڳالهه آهي. خير پاڻ ڇڏيون ٿا انھن اوٽ پٽانگ ڳالھين کي ۽ موٽ اچون ٿا پنھنجي ياترا جي موضوع تي. سو سائين منهنجا پاڻ پهاڙن وادين ۽ وڻن ٽڻن سان ڳالهيون ڪندا اڳتي وڌندا رهون ٿا. اها فطرت ئي آهي جيڪا انسان کي سدائين خوش و خورم رکندي اچي ٿي. اکيون جڏهن سونهن سان ڀرپور نظارا پسن ٿيون ته اُنهن جو ڇهاءُ انسان جي اندر جي اوطاق ۾ ديرو ڄمائي ويهي رهي ٿو ۽ پوءِ روح رچنديون رهاڻيون ٿيڻ لڳن ٿيون، جنهن ۾ نه دنيا جون غلاظتون ۽ نه ئي ڊوهه هجي ٿو. بس فطرت ۽ انسان جو اندر پنهنجو پاڻ ۾ ڪچهريون ڪرڻ لڳن ٿا ۽ پاڻ ۾ پيار محبت، سونهن ۽ سُرهاڻ جا قصا ڇيڙين ٿا. آئون اڃا انهن مستين ۾ ئي گم هوس جو ليڊيِ جو آواز ڪن تي پيو، ”ڪروجا قلعي تي پهچي ويا آهيون.“ ليڊيِ جيئن ئي گاڏي بيهاري، پاڻ لهڻ جي ڪئي سين.
ڪروجا قلعو (Kruja Castle) جنهن کي الباني پنهنجي ٻولي ۾ Kalaja e Krujes سڏين، البانيا جي آزادي جي اهڃاڻ (علامت) طور سڃاتو وڃي ٿو. ڪروجا قلعي جي تاريخ اڻپوري ملي ٿي. هڪ اندازو آهي ته اِهو پنجين يا چھين صدي جو ٺهيل آهي. جيل جيڏين ڊگھين ديوارن تي مشتمل ھڪ ننڍي شھر جيان ڏيکائي ڏيندڙ ڪروجا جبل جي اوچائي تي ٺهيل هي قلعو سامونڊي سطح کان 557 ميٽر مٿي آهي. جيئن ته هي ڪافي وڏو ۽ پراڻو قلعو آهي، انهي ڪري هي مختلف دورن ۾ ماڻھن جي رھائش ۽ ڪافي جنگين جو محور (مرڪز) به رهيو آهي. جيتوڻيڪ قلعي جي اندر کوڙ ساريون عمارتون کنڊرن جي حالت ۾ موجود آهن پر پوءِ به البانيا سرڪار گھڻين جي مرمت ڪرائي انھن کي اصل حالت جو ڏيک ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، انهي ڪري اھي عمارتون هن وقت به ڏسڻ جي لائق آهن ۽ ڏسندڙن کي اُن دور جي ماحول ۽ حالتن ۾ وٺي وڃن ٿيون. هي قلعو ڏسي مونکي پاڻ وارو حيدرآباد جو پڪو قلعو ياد پيو. جيتوڻيڪ اُهو ايترو پراڻو به ناهي، پر اُن سان جيڪو حشر نشر ڪيو ويو آهي، اُن مان مختلف وقتن تي آيل اسانجي سرڪارن جي تاريخ ۽ ثقافت ڏانهن دلچسپي جو بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو. جھڙا پاڻ وارن حڪمرانن جا پرڪار آھن، اھڙي ئي وري قلعي جي زبون حالت بنائي ڇڏي اٿن. ڪروجا قلعي کي هن وقت ڪوبه مين داخلا گيٽ (شاهي گيٽ يا دروازو) لڳل ناهي ۽ نه ئي وري هن قلعي جي ڪا داخلا ٽڪيٽ آهي. البته قلعي جي اندر ٺهيل عجائب گهرن تي ٽڪيٽ مقرر ٿيل آهي. پاڻ جيئن ئي قلعي ۾ داخل ٿياسين ته اندر ننڍي ديوار تي هڪ وڏي عمر (جهونو) جو فنڪار گٽار نما ساز وڄائي رهيو هو. هِتي يا ترڪي ۽ ٻين ملڪن ۾ مون ڏٺو آهي ته خيرات وٺڻ جو به مهذب طريقو آهي. ڪنهن روڊ يا گهٽي ۾ ڪو ضرورتمند ڪو فن يا ڪرتب ڏيکاري ماڻهن جي دل خوش ڪندو آهي. پوءِ ماڻهن جي مرضي آهي ته اُن کي ڪجهه ڏين يا مفت ۾ مزو وٺي هليا وڃن. باقي پاڻ وٽ ته هاڻي فقيرن اها حالت ڇڏائي آهي جو ڪو روڊ ڏسو يا ڪا گهٽي ائين ورائي ويندا، جيئن قانون نافذ ڪندڙ ادارا ڪنهن دهشتگرد جو گهيراءُ ڪندا آهن. جيسين ڪجهه نه ڏيو جان ڪونه ڇڏيندا. ٺيڪ آهي ملڪ ۾ غربت آهي ۽ ماڻهو بدحال آهن ۽ ڪي ويچارا پنڻ لاءِ مجبور به هوندا آهن، پر اڪثر اِهو ڌنڌو (پروفيشن) ٿي ويو آهي. چڱا خاصا ڏٽا مٽا ماڻهو به ان ڌنڌي سان لڳي ويا آهن. اُهو فنڪار ڪا الباني ڌن وڄائي رهيو هو جيڪا سمجهه ۾ ته ڪونه ٿي آئي، باقي هئي ڏاڍي سُريلي. هونئن به موسيقي خود اظهاري ٿي اُن کي ڪنهن تشريح يا لغت جي ضرورت ناهي بشرطيڪ ٻڌڻ وارو ذوق رکندو هجي، باقي جي بدذوق آھي تہ پوءِ اُن کي موسيقي ٻڌائڻ ائين آھي جيئن مينهن جي اڳيان بين وڄائڻ بي معنيٰ آهي. فنڪار کي ڀيٽا ڏيڻ کانپوءِ پاڻ نڪري پيا آهيون، ڪروجا قلعي کي ڏسڻ.
قلعي جي اندر مهاڙي ۾ جيڪي به عمارتون آهن اُهي ڊهي چڪيون آهن. اُنهن عمارتن جون ڊٺل ديوارون اوچائي ۾ تقريبن ايتري ئي سائز (3 يا 4 فٽ) جون وڃي رهيون آهن، جيتريون پاڻ واري موهن جي دڙي جون آهن. فرق صرف اِهو آهي ته موهن جي دڙي جي اڏاوت سرن جي آهي ۽ هنن ۾ جابلو پٿر استعمال ٿيل آهي. پاڻ جڏهن هتي پهتاسين ته ڏيهي توڙي پرڏيهي سياح به نظر اچي رهيا هئا. مهاڙي کان ٿورڙو ئي اڳيان Fethiya Mosque آھي جنھن کي الباني ٻولي ۾ Xhamia e Sultan Mehmed Faithut چيو وڃي ٿو. هي مسجد 1481 کان به اڳ جي ٺهيل آهي ۽ هن کي اوٽومين ايمپائر ( عثمانيہ سلطنت) جي سلطان محمد II جي پويان اهو نالو ڏنو ويو آهي. چئن داخلا دروازن تي مشتمل هي مسجد هن وقت زبون حالت ۾ آهي. 1831 ۾ ترڪي جي عثمانيه سلطنت جي ئي دور ۾ البانين ھن مسجد کي وري نئين سري سان تعمير ڪرايو. 1917 ۾ هن مسجد جو خوبصورت مينار آيل طوفان سبب ڊهي پيو. 1937 تائين هي مسجد عبادت طور استعمال ٿيندي رهي. ٻي جنگ عظيم ۾ هن مسجد جو تقدس پامال ڪندي اُن کي هٿيارن جي گدام طور استعمال ڪيو ويو. اُن کان پوءِ اينوير هوڪسا جي ڪميونسٽ حڪمراني واري دور ۾ هي مسجد عدم توجهه سبب ڊهي پئي. هن وقت هن مسجد جو فقط مينار ۽ فٽ ڏيڍ تائين ديوارون زبون حالت ۾ موجود آهن. ماضي جي فن تعمير جي شاهڪار مسجد جو کنڊر نما مينار ۽ ڊٺل ديوارون انساني جنگي جنون ۽ بي حسي تي سراپا احتجاج ڪندي محسوس ٿين ٿيون.
ڪروجا قلعي ۾ هونئن ته پراڻيون ۽ تاريخي جڳهيون کوڙ ساريون آهن جيڪي پاڻ به لازمي گهمنداسين. پر هن قلعي جي اهميت انهن تاريخي جڳهين کانسواءِ به البانين لاءِ انهي ڪري گهڻي آهي جو هتي البانيا جي آزادي جي هيرو سڪندر بيگ ترڪي جي سلطنت عثمانيه کي ٽوٽا چٻايا. هُو جيستائين زنده رهيو ترڪن ڪئين حملا ڪيا پر انهن جي دال نه ڳري. سلطان محمد مسجد (Fethiya Mosque) جي ويجهو ئي بس ٿوريون چاڙهيون چڙهو جبل جي اوچائي تي توهانکي سڪندر بيگ ميوزم ملندو. پٿر ۽ ماربل سان پراڻي آرڪيٽيڪٽ ڊزائن تي ٺاھيل ھن ميوزم جي عمارٿ بہ ائين لڳي ٿي تہ اُھا بہ ڄڻ اُن دور جي قلعي ۾ موجود باقي عمارتن جو حصو (تسلسل) ھجي. اچو ته اُن ميوزم کي اندر گهمڻ کان اڳ سڪندر بيگ جي تاريخ کان به ٿوري گهڻي واقفيت وٺي لاهيون ته آخر ڇو الباني قوم هن کي پنهنجو هيرو سمجهي ٿي ؟ ۽ صديون گذرڻ جي باوجود به هو البانين لاءِ اڄ به ايترو ئي عزت ۽ احترام لائق آهي، جيترو پنهنجي حياتي ۾ هو. اهو آئون انهي ڪري ٿو چوان ته مون تاريخ ۾ پڙهيو آهي ۽ اهو منهنجو مشاهدو به آهي ته ڪن ملڪن ۾ جيڪي ڪالهه تاريخ ۾ آزادي جا هيرو يا بانيڪار ليکبا هئا اڄ اُتي جو عوام اُنهن جي ڪردار ۽ عمل تي آڱر کڻي ٿو. 15 صدي ۾ جنم وٺندڙ سڪندر بيگ ۾ آخر ڇا هو جو هن وقت به الباني اُن کي پنهنجو آزادي جو هيرو ڪري مڃين ٿا. پندرھين صدي ۾ سندس جنم کانپوءِ البانيا ۾ ظاهر آهي ڪئين شخصيتون به پيدا ٿيون هونديون جن قوم لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو هوندو، پر ڪير به سڪندر بيگ جي جاءِ وٺي ناهي سگهيو. هو اڄ به البانين جي دلين تي راڄ ڪري ٿو، آخر ڇو؟ اچو ته اھو سڀ ڪجھ سندس زندگي ۽ ڪردار مان ڄاڻي وٺون.
البانيا جو آزادي جو هيرو سڪندر بيگ جنهن کي الباني ٻولي ۾ Skender bey يا Skender Beu ترڪي ٻولي ۾ اسڪندر بگ، رومن ۾ Iskender bey، اطالوي ۾ Scander beg ۽ انگريزي ۾ Skander beg سڏيو وڃي ٿو، اُن جو جنم جو نالو Gjergj Kastrioti آهي. هن جو جنم 1405ع ۾ Sine شهر (نارٿ سينٽرل البانيا) ۾ ٿيو. هن جي ڄمڻ جي تاريخ ۽ پيدائشي شهر بابت به متضاد رايا آهن. سڪندر بيگ جي پيءُ جو نالو Gjon Kastrioti (1375/80-1437) آهي جيڪو البانيا جي Cape of Radon ۽ Diber جو سردار (حڪمران) هو ۽ سندس لقب Prince of Emathia هو. جيئن ته Gjon Kastrioti اُن وقت جي وينس بادشاهت جو اندرو اندر حمايتي هو، انهي ڪري سلطنت عثمانيه ترڪي (Ottoman Empire) کي ڊپ هو ته متان هو اڳتي هلي بغاوت نه ڪري، انهي ڪري سلطنت عثمانيه سندس پٽ Gjergj Kastrioti کي ضمانت طور پاڻ وٽ رکيو. اُن وقت جي خلافت عثمانيه جي بادشاهه مراد II جي دور ۾ هن کي طهر ويهاري مسلمان ڪيو ويو، جڏهن ته هن جو مائٽاڻو مذهب آرٿوڊاڪس (عيسائي مذهب جو هڪ فرقو) هو. هن کي مسلمان ڪرڻ کانپوءِ سندس اصل نالو هٽائي عظيم فاتح سڪندر اعظم جي پويان اسڪندر رکيو ويو. هن کي Edrine ۽ ٻين اعليٰ ادارن مان تعليم ڏياري وئي ۽ اُن سان گڏ هن کي فوجي ٽريننگ به ڏياري وئي. اڳتي هلي هن کي دبرا جو گورنر مقرر ڪيو ويو، جيئن ته ترڪي ٻولي ۾ گورنر کي Bey (بي) چوندا آهن، انهي ڪري هاڻي هو اسڪندر بي جي نالي سان سڏجڻ لڳو ۽ اڳتي هلي بي عام استعمال (اُچارڻ) ۾ بيگ ٿيڻ سبب تاريخ ۾ هي الباني قوم جو هيرو سڪندر بيگ جي نالي سان سڃاتو ويو. سڪندر بيگ ترڪي جي عثمانيه سلطنت پاران مختلف علائقن/ملڪن جي جنگي محاذ تي سلطنت جي هڪ وفادار ۽ جانباز سپاهي طور وڙهيو ۽ ڪاميابيون حاصل ڪيون. 1443 ع ۾ خلافت عثمانيه هن کي هنگري جي سلطان سان وڙهڻ لا موڪليو. اُن عرصي دوران ترڪي جي سلطنت عثمانيه سربيا ۾ شڪست کائي چڪي هئي (ياد رهي ته اُن وقت البانيا، مقدونيه، يونان، ڪوسوو، مونٽيگرو ۽ سربيا هڪڙو ملڪ هئا ۽ سلطنت عثمانيه جي زير تسلط هئا). هُن اهو موقعو ساري سلطنت عثمانيه خلاف بغاوت جو عَلم بلند ڪيو ۽ 300 سپاهين جي جٿي سان ڪروجا قلعي ۾ داخل ٿيو. اُها 28 نومبر 1443 جي تاريخ هئي، اِن تاريخ کي الباني قوم پنهنجي آزادي جو ڏينهن ڪري ملهائيندا آهن، انهي ڪري جو انهي ئي ڏينهن تي سڪندر بيگ پرڏيهي (عثمانيه سلطنت) حڪمرانن جي خلاف بغاوت ڪري پنهنجي وطن جي آزادي جو اعلان ڪيو ۽ هڪ فاتح جي صورت ۾ ڪروجا جي قلعي ۾ داخل ٿيو ھو. سڪندر بيگ جنهن کي سلطنت عثمانيه جي دور ۾ مسلمان ڪيو ويو هو، هن پنهنجو مذهب اسلام مان مٽائي واپس عيسائي مذهب (ڪرسچن) اختيار ڪيو. هن پنهنجو موروثي علائقو Modric ۽ Sfetigrad نئين سِر سان فتح ڪيو. هن 1444ع ۾ البانيا جي مختلف علائقن جي حڪمرانن جي جماعت (League of Albanian Princes) ٺاهي جنهن جو هو پاڻ ڪمانڊر انچيف ٿيو ۽ سلطنت عثمانيه جي خلاف رياستن کي متحد ڪيو. البانيا جي هن جنگجو هيرو نه صرف البانيا ۾ ترڪ سلطنت عثمانيه کي روڪي رکيو پر يورپ ۾ به اُن کي اڳتي وڌڻ نه ڏنو. هن وينس (روم) سان اتحاد ڪري ترڪن تي نئين سر حملا ڪيا جنهن سبب ترڪ سلطنت يورپ ۾ پيش قدمي نه ڪري سگهي. اُن وقت جي پوپ هن کي ڪليسا جي سڀ کان وڏي اعزاز سان نوازيو ۽ هُو ڪليسا جو ڪئپٽن جنرل سڏجڻ لڳو. يورپ جا ماڻهو به يورپ کي ترڪ سلطنت جي غلبي کان بچائڻ جي ڪري کيس قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا ۽ پنهنجو هيرو ڪري مڃن ٿا ۽ هن جا مجسما يورپ جي مختلف شهرن ۾ به نسب ٿيل آهن ۽ ساڳئي وقت مختلف ميوزمن ۾ به هن متعلق ڄاڻ دستياب آهي. عثمانيه سلطنت جي حڪمران محمد مراد II جنهن کي تاريخ ۾ فاتح جو لقب به ڏنل آهي، ٽي ڀيرا (1450، 1466 ۽ 1467) ۾ ڪروجا تي سخت ۽ جارحانه حملا ڪيا پر جنگجو سڪندر بيگ فقط پنهنجن 3000 سپاهين سان اُنهن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. جيسين سڪندر بيگ زنده هو سلطنت عثمانيه البانيا جو وار به ونگو نه ڪري سگهي. 17 جنوري 1468ع تي هن مرد مجاهد Leza شهر ۾ 63 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي. ڪن تاريخ نويسن جو خيال آهي ته هن کي دوکي سان زهر ڏيئي مارايو ويو هو. بهرحال هن سورهيه سپهه سالار جي ترڪن تي ايتري دهشت هئي ۽ هو سندس تيار ڪيل فوج کان ايترو ڊنل هئا جو سندس وفات کان پورا ڏهه سال پوءِ يعني 1478ع ۾ ڪروجا جو قلعو فتح ڪري سگهيا ۽ پوءِ يورپ ۾ به ڇانئجي ويا.
البانيا جا ماڻهو هن کي اڄ به پنهنجو آزادي جو هيرو ڪري مڃن ٿا. 28 نومبر، 1443 (جڏهن هو ڪروجا ۾ داخل ٿيو هو) جي ڏينهن کي هو پنهنجي آزادي جي ڏينهن طور ملهائن ٿا. اُن ڏينهن البانيا ۾ عام موڪل هجي ٿي ۽ سڄي البانيا ۾ سرڪاري تقريبات سان گڏ مختلف ثقافتي ادبي ۽ ٻيا رنگارنگ پروگرام ٿين ٿا ۽ ماڻهو مختلف ماڳن تي موج مستي لاءِ نڪري پون ٿا. ھي تہ ٿيو البانيہ جي آزادي جي ھيرو جي زندگي جو مختصر احوال، هاڻ اچو ته اُن جي نالي پويان قائم ڪيل سڪندر بيگ ميوزم گهمڻ لاءِ اندر هلون.
سڪندر بيگ ميوزم ڪروجا قلعي جي مختلف عمارتن کان ڪافي مٿي ٺهيل آهي ۽ سڄي قلعي ۾ مختلف هنڌن تان چِٽو (نمايان) نظر اچي ٿو. اڳياڙي ۾ ماربل لڳل هن ميوزم جي مين گيٽ کان جيئن ئي اندر داخل ٿيندئو ته سائيڊ تي هڪ ڪائونٽر ٺهيل آهي. هتي توهان ميوزم جي اينٽري ٽڪيٽ وٺي ميوزم گهمي سگهو ٿا. ميوزم جي اينٽري (داخلا) ٽڪيٽ 500 ليڪ (پاڪستاني 1000 رپيا) آهي. هن ميوزم جو تعميراتي ڪم 1970 جي ڏهاڪي ۾ شروع ٿيو ۽ پهرين نومبر، 1982 تي ماڻهن لاءِ کوليو ويو. هن ميوزم کي عام طور تي سڪندر بيگ ميوزم سڏيو وڃي ٿو پر هن جو پورو نالو National Museum Gjergj Kastrioti Skender Beu آهي ۽ هن جي آرڪيٽيڪٽ ڊزائننگ Pranvera Hoxha ۽ Pirro Vaso جي ڪيل آهي.
جيئن ته توهان مين گيٽ مان لنگهي اندر داخل ٿي چڪا آهيو، تہ ھاڻي توهانکي سامهون تمام وڏي ديوار تي سڪندر بيگ جا ماربل پٿر ٽڪي (تراشي) ٺاهيل مجسما نظر ايندا. توهان کي ائين لڳندو ته ڄڻ سڄي ديوار هڪ فريم جيان آهي جنهن ۾ اندر ڪئين فوٽو اُڀريل (Emboss) آهن. ديوار تي ٽُڪي ٺاهيل انهن مجسمن مان ڪنهن ۾ سڪندر بيگ جنگي لباس پهريل نظر ايندو ته ڪٿي جنگ جي ميدان ۾ لڙائي ڪندي نظر ايندو. ڪنهن مجسمي ۾ هو شاهي لباس ۾ نظر ايندو ته ڪنهن ۾ وري پنهنجي سر تي سجايل پنهنجي منفرد لوهي فوجي ٽوپلي ۽ هٿ ۾ تلوار سان نظر ايندو، ته ڪنهن ۾ وري پنهنجي فوج جي جهگٽي ۾ هدايتون (حڪم) ڏيندي نظر ايندو….. هن ميوزم ۾ 15 صدي جي البانيا جي دور جي تاريخ جي حوالي کان شيون رکيون ويون آهن. ان دور کي سڪندر بيگ جو دور به چئي سگهجي ٿو. ميوزم ۾ سڪندر بيگ جي زندگي ۽ هُن جي سلطنت عثمانيه خلاف 25 سالن جي ڊگهي سپاهيانه جدوجهد جي حساب سان شيون ترتيب ڏنيون ويون آهن. ميوزم جي ٽه ماڙ بلڊنگ ۾ مختلف گئلريون ۽ سيڪشن آهن، جن ۾ پينٽنگس، مجسما، جنگي هٿيار تلوارون، ڀالا، ڍالون، مياڻون، زرهه، قيمتي دستاويز، سڪندر بيگ جي استعمال هيٺ آيل ذاتي شيون وغيرہ رکيل آهن، جن کي شوڪيسن توڙي ديوارن تي سجايو ويو آهي. هي نماءُ ۾ سهڻو ۽ شاندار ميوزم ماڻهن کي هڪ وار اُن تاريخي دور ۾ وٺي هلي ٿو. اُن جي دور جي تاريخي معلومات ۽ ميوزم ۾ رکيل شين جي ڄاڻ لاءِ ننڍا ننڍا نوٽيس بورڊ ۽ نوٽيس اسٽينڊ به لڳل آهن. ميوزم ۾ هڪ شاهي گهنڊ به رکيل آهي جيڪو اُن زماني ۾ قلعي جي واچ ٽاور تي لڳل هو ۽ دشمن جي حملي جي صورت ۾ ماڻھن کي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ وڄايو ويندو ھو. البانيا جي عظيم ھيرو سڪندر بيگ جي وفات جي عام ماڻهن کي ڄاڻ بہ ان گھنڊ کي وڄائي ڏني وئي هئي، انھي ڪري ھن تاريخي گھنڊ جي خاص اھميت ۽ سڃاڻپ آھي.
هن ميوزم ۾ ماڻهن جي خصوصي توجهه جو مرڪز سڪندر بيگ جو فوجي ٽوپلو ۽ تلوار بني رهي ٿي. سڪندر بيگ جو ٽوپلو (Helmet) سفيد ڌاتو جو ٺهيل آهي اُن تي سون جي بارڊر پٽي آهي. اُن جي مٿي (Top) تي سڱن واري ٻڪر جو سِر لڳل آهي جيڪو ڪنجي (Bronze) جو آهي، جنهن جي مٿان سون جو تهه چڙهيل آهي. فوجي ٽوپلي جي هيٺئين حصي ۾ ٽامي جي پٽي لڳل آهي جنهن تي JN PE RA TO RE BT لکيل آهي جنهن جو مطلب آهي، Jhezus Nazarenus Principi Emathie Regi Albaniae Terrori Osmanor Regi Eplrotarum Benedictat Te. سڪندر بيگ جي تلوار لاءِ چيو وڃي ٿو ته اُها ايتري ڳري ۽ وزندار (ڀاري) هئي جو اُن کي سڪندر بيگ ئي هلائي سگهيو ٿي ۽ ساڳئي وقت اُنجي ڌار ايتري تيز هئي جو هڪ ڌڪ سان هو دشمن جو سر قلم ڪري ڇڏيندو هو. هن ميوزم ۾ انهي فوجي توپلي ۽ تلوار ۽ مياڻ جا نقل ٺاهي رکيا ويا آهن، جڏهن ته اصل ويانا (آسٽريا) جي Welt Museum ۾ رکيل آهن، جيڪي اُن جي زال Donika Kastrioti اوڏانهن کڻي وئي هئي. جڏهن ته سڪندر بيگ جي عبادت جي ڪتاب جي به نقل ڪاپي هتي رکيل آهي ۽ اصل ڪاپي لنڊن جي Shelley Publishing House Chelsea ۾ رکيل آهي.
البانيا جي هيري سڪندر بيگ جي زندگي ۽ اُن جي جدوجهد جي حوالي کان البانيا جي گادي جي هنڌ ترانا سميت ڪافي شهرن ۾ ميوزم ٺهيل آهن. نه صرف اِهو پر هن عظيم هيرو جا ترانا، ڪروجا ۽ ٻين ڪافي شهرن ۾ مجسما به کڙا ٿيل آهن. ڪروجا جي تاريخي قلعي ۽ سڪندر بيگ جي تصويرن سان البانيا سرڪار 1992 ۽ 1996 ۾ هڪ هزار ليڪ ۽ 1996 ۾ 5000 ليڪ جا ڪرنسي نوٽ به جاري ڪري چڪي آهي.
ميوزم مان ٻاهر نڪري جڏهن اُتي مختلف الباني ماڻهن سان سڪندر بيگ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ اهڙي ڳالهه ٻولھ البانيا جي مختلف شهرن ۾ گهمڻ جي دوران به ماڻهن سان ٿيندي رهي، ته آئون ان راءِ تي پهتس ته جيتوڻيڪ البانيا جي 60 سيڪڙو کان مٿي آبادي مسلمانن جي آهي، پر اُتي اڄ به سڪندر بيگ کي آزادي جو هيرو مڃيو وڃي ٿو، حالانڪه هو آرٿو ڊاڪس (عيسائي) هو. عثمانيه سلطنت ۾ جيتوڻيڪ هُن کي مسلمان ڪيو ويو هو، پر هُن اُنهن کان بغاوت ڪري وري واپس عيسائي مذهب (ڪيٿولڪ) اختيار ڪيو. وڏي ڳالهه ته هُن سلطنت عثمانيه جنهن اسلامي مملڪت جي دعويٰ ڪئي ٿي اُن سان جنگ به جهوٽي پوءِ به هو البانيا جي ماڻهن (جن جي اڪثريت مسلمان آهي) جي نظر ۾ آزادي جو هيرو آهي. ائين آخر ڇو؟ انهي ڪري ته هن پنهنجي ڌرتي ماءُ لاءِ ترڪي سان جنگ ڪئي. ترڪ جيڪا ڌارين قوم هئي ۽ هُن ان ڌارين قوم جي البانيا تي قبضي خلاف آزادي جي جدوجهد ڪئي. پنهنجي وطن ڌرتي ماءُ جو درجو سڀني فڪرن کان نه صرف بلند ٿئي ٿو پر سگهارو به آهي، انهي ڪري جو اُهو ديس واسين جو جياپو به آهي. هڪ پاسي اها سوچ آهي ۽ ٻئي پاسي وري اسان پنهنجي اندر به جهانڪي ڏسون. راجا ڏاهر جيڪو پنهنجي ڌرتي ماءُ لاءِ وڙهيو ۽ اُن لاءِ سر قربان ڪيائين، اسين اُن کي اُهو مقام ڏيڻ لاءِ تيار ناهيون، جي ايم سيد ۽ ٻين ملڪي توڙي پرڏيھي محققن جي تحقيق جي مطابق راجا ڏاهر حضرت امام حسين رضه جي فيملي ميمبر ۽ پوئلڳ محمد بن علافي کي پناهه ڏني هئي. اُن وقت جي اُموي خليفي راجا ڏاهر کان اُنجي ٻانهن گهري هئي، پر راجا ڏاهر انڪار ڪيو هو، اُن تي اُموي حڪمران مٿس ناراض هئا. چون ٿا ته اُموي حڪمرانن جو راجا ڏاهر تي ناراضگي جو هڪ سبب اِهو به هو ته هن حضرت امام حسين رضه کي ڪربلا جي ميدان مان باحفاظت ڪڍڻ لاءِ لشڪر به موڪليو هو، پر اُهو لشڪر جيستائين پهچي، حضرت امام حسين رضه پنهنجي پوري ڪٽنب (قافلي) سميت شهيد ٿي چڪو هو. هلو جي انهن تاريخي حوالن کي نه به قبول ڪجي ۽ جيئن پڙهايو وڃي ٿو ته هڪ مظلوم عورت جي ڦرلٽ جو راجا ڏاهر طرفان انصاف نه ڪرڻ جي دانهن اُموي خليفي وٽ پهتي هئي، جي ان کي به سچ مڃي وٺجي ته به عربن جي سنڌ تي ڪاهه جو ڪو جواز نٿو بڻجي. هلو جي عربن سنڌ تي کڻي ڪهڙن سببن جي ڪري ڪاهه به ڪئي ته به راجا ڏاهر طرفان پنهنجي وطن جي حفاظت ڪرڻ ڪو ڏوهه ته قرار نٿو ڏئي سگهجي. هلو جي ڏاهر جي سرفروشي ۽ وطن تان قربان ٿيڻ کي نه ساراهجي ۽ هُن کي هيرو جو درجو نه به ڏجي، ته به هن کي تاريخ ۾ گنهگار ٺهرائڻ ڪٿي جو انصاف آهي؟ هُن پنهنجي وطن (ماتر ڀومي) سان ڪا غداري ته ڪونه ڪئي هئي، جو هن کي گنهگار ٺهرائجي؟ جي پنهنجي وطن لاءِ سِر ڏيڻ ۽ پنهنجي ڌرتي ماءُ جي حفاظت ڪرڻ ڪنهن به ملڪ ۽ ڪنهن به قوم ۾ گناهه ڪونهي ته هتي گناهه ڇو؟ اسان ڀلي انھن حقيقتن کي مڃڻ کان نابري واريون پر تاريخ اڄ نه ته سڀاڻي اُن تان پردو ضرور کڻندي. تاريخ جي انصاف ۾ دير ضرور لڳي ٿي، پر تاريخ جي ساھمي ۾ ڪاڻ ڪونھي.
(بقايا سفرنامو ايندڙ قسط ۾)

