وڌيڪ پاڻي پيئڻ جي عادت زندگي وڌائي سگهي ٿي
هڪ تحقيق سان انڪشاف ٿيو آهي ته پاڻي پيئڻ جو عمل نه صرف دل جي مرض سميت ٻين ڪيترن ئي مرضن کي پري رکي ٿو، پر زندگي جي طوالت ۾ پڻ نمايان اضافو ڪري سگهي ٿو. هن تحقيق ۾ رت اندر ڊگهي زندگي ظاهر ڪرڻ واري بايومارڪر ۽ پاڻي جي موجودگي جي وچ ۾ تعلق تي غور ڪيو ويو آهي جيڪا پنهنجي نوعيت جي پهرين تحقيق پڻ آهي. آمريڪا ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽس آف هيلٿ (اين آءِ ايڇ) جي ماهرن جو اصرار آهي ته جيڪي ماڻهو پاڻي جي مناسب مقدار نٿا پيئن اهي ڪيترن ئي مرضن جو شڪار ٿي سگهن ٿا ۽ سندن موت به سراسري عمر کان جلد ٿي وڃي ٿو.

