نئون

چين ۾ ڊرائيور بنا هلندڙ ريل ايجاد

چين ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري رهيو آهي. ترقي جي هن سفر ۾ چين پاران نوان ريلوي پروجيڪٽ به منظر تي اچي رهيا آهن. خبرن موجب سينٽرل چين جي صوبي ننگزيا هوئي ۾ پنهنجي نوعيت جي هڪ انوکي ٽرين متعارف ڪئي وئي آهي، جيڪا نه صرف سنگل لائين آهي پر اها آٽوميٽڪ به آهي. يونگوئي نالي ان ٽرين جي اسپيڊ 80 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ آهي. جنهن جي آزمائش ڪئي وئي آهي ۽ آئنده ڪجهه مهينن ۾ ان ٽرين جي سروس کي عوام لاءِ  شروع ڪيو ويندو.