سنڌي ثقافتي ڏهاڙو ڇو ملهائڻ گھرجي؟
هر سال جيان هن سال به ڊسمبر جي پهرئين هفتي ۾ سنڌ سميت پوري ملڪ ۽ دنيا ۾ جتي جتي سنڌ واسي رهن ٿا، تن تمام گھڻي جوش ۽ جذبي سان سنڌي ثقافتي ڏينهن ملهايو. سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي ٻولي، ثقافت ۽ تهذيب سان هميشه بيحد لڳاءُ پئي رهيو آهي. سنڌ جي تهذيب جي پنج هزار سالا تاريخ ان ڳالهه جي گواهه آهي ته سنڌ جي ماڻهن هميشه پنهنجي ڌرتي ۽ ثقافت جو دفاع پئي ڪيو آهي. مثلن، رڪارڊ تي موجود تاريخ جو ئي ذڪر ڪجي ته ان ۾ راجا ڏاهر ۽ محمد بن قاسم جو هڪٻئي سان مهاڏو اٽڪائڻ وارو جيڪو معاملو آهي، ان ۾ به راجا ڏاهر جي جنگ جو محور به پنهنجي ڌرتيءَ جو تحفظ ڪرڻ ئي هو. ائين ئي عرب دور کانپوءِ سنڌ جي تاريخ ۾ جيڪي به ٻاهريان حمله آور آيا، تن کي پڻ ڌرتي ڌڻين طرفان مزاحمت سان منهن ڏيڻو پيو. ان حد تائين جو انگريز راڄ دوران جڏهن سنڌ کي ممبئيءَ سان زبردستي ملايو ويو، تڏهن به عوامي سطح تي نه ئي سهي، بهرحال سنڌ جي سياسي اڳواڻن ۽ ساڃاهوندن انگريزن جي عمل جي ڀرپور نندا ضرور ڪئي. مثبت ڳالهه اها هئي ته ممبئي کان سنڌ جي عليحدگيءَ جي تحريڪ جو آغاز هڪ سنڌي هندو هرچندراءِ وشنداس ڪيو. جيتوڻيڪ سنڌ کي ممبئي سان ملائڻ جي حوالي سان مذهبي ڏڦيڙ جي اولڙي ۾ ڏسجي ته فائدو وري به هندن کي ئي هو، ڇاڪاڻ ته سنڌ الڳ طور بيهڪ ۾ مسلم اڪثريتي ڌرتي هئي، جنهن جي ممبئي پريزيڊنسي سان الحاق کانپوءِ مسلمان اقليت ۾ تبديل ٿي چڪا هئا، تنهن باوجود به هڪ سنڌي هندو طرفان عليحدگيءَ جي تحريڪ هلائڻ منجھان ڪجھ معاشي سببن سان گڏوگڏ سنڌ اندر مذهبي فرق جي خلاف قائم اها روايت هئي، جنهن تحت مذهبي فرق بغير سڀني کي برابر جي شهريءَ جا حق حاصل هئا. انڪري ان منجھان اهو واضح ٿئي ٿو ته سنڌ جي ثقافت ڪنهن به مخصوص مذهب تائين محدود نه ڪڏهن اڳ هئي ۽ نه ئي هاڻي آهي. سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب جو وارث جيترو سنڌ جو مسلمان آهي، ايترو ئي سنڌي هندو، پارسي، سک ۽ عيسائي وغيره آهي. مان ته ان کان به هڪ قدم اڳتي وڌندي اهو چوڻ ۾ ڪو آر محسوس نٿو ڪيان ته سنڌ جي ثقافت تي بغير ڪنهن رنگ، نسل ۽ ٻوليءَ جي فرق جي سنڌ ۾ رهندڙ هر سنڌ واسي جيڪو سنڌ جي معاشي، سياسي ۽ سماجي مفادن سان پنهنجا مفاد جوڙي ٿو ۽ سنڌ جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪري ٿو/ٿي، سو سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت جو برابر جو وارث آهي.
ساڳيءَ طرح پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ به جهڙيءَ ريت پنجابين پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت کي الوداع چوندي، پنجاب جي اڪثريتي عوام اردو جي رنگ ۾ پاڻ رڱيندي، پنهنجو پاڻ کي فقط “مسلمان پاڪستاني” چوڻ شروع ڪيو ۽ اردو کي خوشيءَ سان پنهنجي قومي ٻولي طور تسليم ڪيو، ان جي ابتڙ سنڌ جا ماڻهو شروع ڏينهن کان پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت جي تحفظ ۽ ان سان انتهائي محبت کان هڪ انچ به پٺتي هٽڻ لاءِ تيار نه رهيا آهن. ان جي گواهي ڪراچيءَ کي سنڌ اسيمبليءَ جي مرضيءَ جي خلاف ملڪ جي گادي بڻائڻ هجي، ون يونٽ دوران سنڌي ٻوليءَ کي دٻائڻ هجي، 1972ع ۾ سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي سرڪاري ٻولي بڻائڻ خلاف مخصوص ايجنڊا تي ڪم ڪندڙ ڌرين سان مهاڏو اٽڪائڻو هجي يا پوءِ ڪيترن ئي سياسي اختلافن باوجود به جڏهن 2009ع ۾ تڏهوڪي صدر آصف زرداري تي پرڏيهي دوري دوران سنڌي ٽوپي پائڻ تي هڪ نجي ٽي وي جي اينڪر تنقيد ڪئي، جنهن جي جواب طور پوري سنڌ جي ماڻهن اينڪر پرسن جي ان رويي خلاف ڀرپور احتجاج ڪيو. ان کانپوءِ ڊسمبر جي پهرئين هفتي ۾ هر سال سنڌي ثقافتي ڏينهن تمام زور ۽ شور سان ملهايو وڃي ٿو.
بهرحال، جهڙيءَ ريت هر سال ثقافتي ڏڻ ملهايو وڃي ٿو ته ساڳئي وقت ئي کوڙ سارن ماڻهن طرفان اها تنقيد به سامهون ايندي رهي ٿي ته ان ڏينهن ملهائڻ جي ڪا خاص اهميت نه آهي. ان قسم جي تنقيد جا مختلف پهلو آهن، جن ۾ هڪ پهلو سياسي حوالي سان تنقيد آهي. سنڌ ۽ ان کان ٻاهر ڪجھ دوستن جو اهو خيال آهي ته ثقافتي ڏينهن ملهائڻ پٺيان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا سياسي مفاد آهن، جنهن پنهنجي مفادن جي پورائي خاطر ئي ٽي وي اينڪر پرسن جي ان تنقيد کي ايترو وڌائي ڪري پيش ڪيو، جنهن کانپوءِ هر سال پي پي پي طرفان ان ڏينهن تي خاص خرچ ڪندي ملهايو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته پي پي سميت هر سياسي ڌر اهڙن موقعن کي پنهنجي سياسي نعرن لاءِ استعمال ڪندي آهي. مثال طور سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت کي اجاڳر ڪرڻ پٺيان سنڌ جي قومپرست پارٽين جو مقصد سنڌ سان محبت سان گڏوگڏ ان نعري سان هو پنهنجي سياست کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش به ڪنديون آهن، جيڪو ڪو غلط عمل به نه آهي. تنقيد ڪندڙ ته ان حد تائين به وڃن ٿا، جن لاءِ جمهوريت جي بحاليءَ واري تحريڪ (ايم آر ڊي) به فقط پي پي جي ئي تحريڪ هئي ۽ ان سان سنڌ جي عوام جو ڪو واسطو نه هو. هڪ دفعو ٻيهر مان اهو ئي چوان ٿو ته ايم آر ڊي جو سڀ کان وڌيڪ فائدو يقينن پي پي ئي 1988ع وارين چونڊن ۾ کنيو، پر ان تحريڪ سان جيڪو ضياءَ شاهيءَ کي ڌڪ لڳو، جيڪو سنڌ اندر سياسي شعور اڀريو، جيڪا ايڏي وڏي مزاحمت اٿي، ڇا اهو سڀ فضول هو؟ يقينن نه. ايم آر ڊي هڪ ڪامياب تحريڪ هئي، جنهن ۾ پي پي، عوامي تحريڪ ۽ جي يو آئي سميت مختلف سياسي تنظيمن جي پليٽ فارم تان زبردست جدوجهد ٿيندي رهي.
ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان ٻي تنقيد اها به سامهون ايندي رهي ٿي ته فقط سال ۾ هڪ ڏينهن ٽوپي اجرڪ اوڍي ناچ گاني ڪرڻ سان سنڌي قوم جو ڪو ڀلو ناهي ٿيڻو، انڪري ان ڏينهن تي هروڀرو گوڙ گھمسان نه ڪرڻ گھرجي. منهنجي خيال ۾ ان تنقيد جي به خاص اهميت نه آهي، ڇاڪاڻ ته ڀلي سال ۾ هڪ ڏينهن ئي هجي پر ان ڏينهن سنڌ سميت پاڪستان ۽ پوري دنيا ۾ سنڌي ماڻهو جيڪو ٽوپي ۽ اجرڪ اوڍي ۽ سنڌي موسيقيءَ تي رقص ڪري دنيا کي امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏين ٿا، ان جي يقينن تمام گھڻي اهميت آهي. هر سال ثقافتي ڏينهن ملهائڻ واري روايت فقط سنڌين وٽ ته نه آهي، اها ئي روايت بلوچن، پشتونن ۽ پنجابين وٽ به آهي، جيڪي هر سال پنهنجو ثقافتي ڏهاڙو ملهائين ٿا. ساڳيءَ ريت پوري دنيا جي يونيورسٽين اندر سال ۾ هڪ دفعو “بين الاقومي ثقافتي ڏهاڙو” ملهائڻ جي روايت آهي، جنهن لاءِ لاڳاپيل يونيورسٽي ۽ اتان جون حڪومتون فنڊ جاري ڪن ٿيون. باقي اها ڳالهه پڻ غور طلب آهي ته ثقافتي ڏهاڙي ملهائڻ دوران ڪجھ اڻوڻندڙ واقعا جهڙوڪ فائرنگ ڪرڻ، روڊ رستا بلاڪ ڪرڻ وغيره کان پاسو ڪرڻ گھرجي.
ثقافتي ڏڻ ملهائڻ سان اسان کي خود تنقيدي بڻجي، اهو به ضرور سوچڻ گھرجي ته جنهن ثقافت کي ملهائڻ لاءِ اسان لکن جي تعداد ۾ هر سال گڏ ٿيون ٿا، ڇا اسان ڪڏهن پنهنجي قوم ۽ ڌرتيءَ تي ٿيندڙ ظلم ۽ ناانصافين خلاف يا پاڻ عملي طور جيڪو پنهنجي ئي ثقافت کان پري ٿيندا وڃون پيا، تنهن خلاف گڏيل طور بغاوت جو ڪڏهن سوچيو آهي؟ ڇا اسان موهن جي دڙي مان مليل آثارن، جن ۾ عورتن جي هار سينگار سان لاڳاپيل شيون پڻ مليون، تنهن باوجود عورت کي برابري جو مقام ڏيارڻ لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪيو آهي؟
سنڌ واسين کي پنهنجي ثقافت تي فخر ڪرڻ سان گڏوگڏ اهو به ذهن نشين ڪرڻ گھرجي ته دنيا جون سموريون ثقافتون احترام لائق آهن ۽ ڪنهن به ثقافت کي هروڀرو وڌائي پيش نه ڪرڻ گھرجي. ساڳئي وقت ثقافت اندر کوڙ سارن مثبت پاسن سان گڏوگڏ ڪافي منفي پاسا پڻ شامل هجن ٿا، جيڪي وقت گذرڻ سان مدي خارج بڻجي وڃن ٿا. انڪري، ڪنهن به ثقافت کي زندهه رکڻ ۽ اڳتي وڌائڻ لاءِ اهو به ضروري آهي ته ان جي مثبت پاسن کي ملهائڻ سان گڏ منفي پاسن جي نندا ڪرڻ گھرجي. مثلن، سنڌ اندر ٻين کوڙ سارن مسئلن سان گڏ عورتن خلاف نفرت، ڪاروڪاري، طبقاتي نظام جي اولڙي ۾ پنهنجي ئي ماڻهن سان نفرت ڪرڻ يا کين گھٽ سمجھڻ، مذهبي انتهاپسندي کي هٿي ڏيڻ جيڪا ماضيءَ ۾ سنڌ جي روايت ڪڏهن به نه رهي آهي وغيره اهڙا اشو آهن جن تي سوچڻ گھرجي. تنهنڪري، سنڌي ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ، پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت کي واڌ ويجھ ڏيڻ لاءِ انتهائي ضروري آهي، جنهن کي ملهائڻ کي هروڀرو جي “سازش” طور پيش ڪرڻ کان بهتر آهي ته ان ڏڻ جي اهميت ۽ ڪجھ منفي پاسن ٻنهي تي لکڻ ۽ ڳالهائڻ گھرجي ۽ اڄ جديد دور جي تقاضائن مطابق پنهنجي ڌرتي ۽ قوم کي ترقي وٺرائڻ لاءِ گڏيل ڪوشش ڪرڻ گھرجي.
***

