خاص

امريڪي ڊالر بي قابو: هڪ ڏينهن ۾ 7 رپيا مهانگو ٿي ويو

امريڪي ڊالر جي اگهه تي لڳل ڪيپ ختم ٿيڻ بعد ٻئي ڏينهن به ڊالر جي ملهه ۾ غير معمولي اضافو ٿيو آهي، رپئي جي مقابلي ۾ ڊالر وڌيڪ 7 رپيا مهانگو ٿي ويو آهي. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروباري ڏينهن جي شروعات تي امريڪي ڊالر 7 رپيا 11 پئسا مهانگو ٿي 237 رپين جو ٿي ويو آهي.