نئون

ميهڙ ۾ قتل ٿيل ڪرم الله جي پٽ بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو

ميهڙ لڳ قتل ٿيل ڪرم الله چانڊيو جي پٽ پرويز چانڊيو پاران پوليس کي بيان رڪارڊ ڪرايو آهي ته ايم پي اي نواب سردار چانڊيو جو ننڍو ڀاءُ برهان خان (جيڪو وڏي وزير جو صلاحڪار به رهيو آهي) قتل جي واردت جي اڳواڻي ڪري رهيو هو، جنهن ۾ هن جو پيءُ ۽ ٻه ڀائر قتل ڪيا ويا هئا. هن اهو به چيو ته نواب جي طرفان ڪجهه وقت کان هن جي پيءُ کي قتل جون ڌمڪيون اچي رهيون هيون ڇاڪاڻ ته هن جي والد جو خانداني اثر علائقي ۾ وڌي رهيو هو. هن الزام لڳائيندي چيو ته نه صرف حملي آورن کي گهر موڪليو ويو پر برهان چانڊيو پاڻ انهن جي اڳواڻي به ڪئي. پرويز احمد چانڊيو جي ٻن مائٽن به ان بيان جي حمايت ڪئي ۽ پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرايا. رئيس ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس ٻه پٽ مختيار ۽ قابل چانڊيو کي ميهڙ لڳ احمد ڪالوني ۾ پنهنجي گهر ۾ قتل ڪيو ويو هو.