نئون

آخر پدماوت رليز ٿي وئي

راجپوت راڻي ۽ مسلمان حڪمران علاوءُالدين خلجي تي ٺاهيل فلم پدماوت آخر رليز ٿي وئي. جڏهن ته ان جي رليز مخالف احتجاج به اڃان جاري آهن. گذريل ڏينهن سخت سيڪيورٽي ۾ ان جي رليز جي اجازت ڏني وئي ان باوجود به چئن رياستن هريانا، راجسٿان، گجرات ۽ اتر پرديش ۾ نه ڏيکاري وئي آهي. هتي هنگاما ۽ احتجاج وڌيڪ ڪيا ويا آهن. هر سئنيما گهر ٻاهران سخت سيڪيورٽي ۾ فلم جي نمائش ڪئي وئي آهي. هوڏانهن فلم جي هيروئن چيو آهي ته فلم جي باڪس آفيس رپورٽ دنيا لوڏي ڇڏيندي. ان کان علاوه شاهد ڪپور ۽ رنوير سنگهه به فلم جي رليز تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. واضح رهي ته فلم پدماوت کي پاڪستان اندر به رليز ڪيو ويو آهي. سينسر بورڊ پاران هن فلم کي پاس به ڪيو ويو آهي، اها فلم ڪراچي ۽ لاهور سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ به ڏيکاري ويندي.