ماٺ جنهن جي محبوبا بنجي وئي!
شخصي تاثر
هن وقت جي آئيني ۾ پنهنجي زندگي جي شفق تي لهندڙ سج جهڙي لالاڻ ڏسي ورتي! هن جدائي، بيوسي، جا گرم ڳوڙھا ڳلڙن تي ڳاڙڻ ڇڏي ڏنا هئا، هو محبت جو متوالو هو، پريم جا پيالا پر ڪري پل پل پيئندو هو. تڏھن ته محبت به هن سان محبت ڪندي هئي. جڏھن محبت هن سان محبت ڪندي هئي، تڏھن جيون جو هر پل ڪونڊين ۾ ڦٽندڙ انڊلٺي رنگن جهڙي گلڙن وانگي لڳندو هئس. نسريل جواني جي پهرين پيار ۾ جنهن ڀوڳنائن سان ڀوڳي رات جي تاريڪين، لالٽين جي مڌم روشني ۾ اڏرندڙ پتنگ جي آواز ۾، خيال ۾، جهانڪو اچڻ به صفا اذيتناڪ لڳندو هو! دل چوندي هئس ته انهي پتنگ کي پڪڙي ماري ڇڏي. جنهن سندس سوچ جو ساهه ٽوڙي ڇڏيو، وري سوچيندو هو ڇو ماريان؟ جيئن هو مجازي محبت جو متوالو آهي، ائين هي به روشني جو ديوانو آھي. هي صدين جي پنڌ ۾ روشني سان ملي ناهي سگهيو، جڏھن ميلاپ جو سندرو ٻڌي ميدان ۾ لٿو آھي ته اها ئي محبوبيت جي روپ واري جوت هن جي وجود کي جلائي ڇڏي ٿي ۽ جيئن چڪور جون چنڊ سان چلولايون دل جي چمن تي اڌوريون رهن ٿيون، هو به چاهتن جي سفر ۾ چريو بڻجي اڀ ڏانهن اڏري ساڻو بڻجي ساهه ڇڏي ٿو. محبوب جي منزل جي حاصلات پٺيان، مئي پڄاڻان کليل اکين ۾ اهو ساڳيو ئي پريت جو خواب ترندو ئي رهندو آهي.
اهڙا پکي پريت جي پنڌ ۾ صدين جي سفر ۾ نسل در نسل وفا جي ريت نڀائيندي، محبوبن اڳيان ڦتڪي ڦتڪي مرندا رهيا آھن، مگر ڪڏھن به هنن کي آرام ناهي آيو. هو صرف عشق اڳيان مرڻ لاءِ ڄمندا آھن، اهڙي فطري عمل کي سمجهڻ سڀ ڪنهن لاءِ سولو به ناهي. هو ڊائري ۾ پنهنجي پيار جا طويل پريم پتر لکندو هو، سوچيندي لکندي سج اڀاري ڇڏيندو هو، مگر اهي خط کلي نه سگهندا هئا، ڊائري جي ورقن ۾ ويڙھيل ئي رهجي ويندا هئا. هو هر نئين محبت سان گلابي پنکڙين جهڙي هڳاءُ جهڙو پيار ڪندو هو، نه ڪڏھن منزل جي حاصلات جي حسرت رکي هليو، نه وري ڪو پيار هن کي پنهنجو ڪري سگهيو. نه وري پنهنجي اڻ واقف پيار تي سوچيندي بستري تي ڪڏهن ڪي ڪوسا ڳوڙھا هاريا.
وري وقت سان پاڻ ۾ بدلاءُ آڻي ورتو، هاڻي ڪتابن جو مطالعو هن جو محبوب ٿي ويو. هن خطن سان گڏ ڊائرين کي ڍڪي ڇڏيو. جيون جي ڊوڙ ڊوڙان واري سفر ۾ جنهن پل فرصت مليس ته اهو وقت پنهنجي محبوب مشغلي (مطالعي) جي نانءُ ڪري ڇڏيندو هو. هو ڪتاب گهرن تي هر روز نوان ڪتاب ڳوليندو هو، تڏھن ڪتاب لکيا گهٽ پڙھيا وڌ ويندا هئا. اتي به مطالعي سان محبت ڪندڙ ماڻھو هن جا محبوب بڻجي ويا. پنهنجي دل جي اوطاق جو پڌر خلوص دل سان اهڙن مهمانن جي آجيان ڪندو هو، ڪتابن تي ڳالهيون ڪندي راتيون کٽي وينديون هيون، مگر هنن جون پکين جهڙيون لاتيون نه کٽنديون هيون، وقت گذرڻ سان گڏ اهي مطالعي کي محبوب سمجهندڙ ماڻھو پڙھي لکي آفيسر بڻجي الائي ڪٿ پهچي ويا؟ مگر هي روزگار جي پنڌ ۾ سڄي سنگت کان پاڻھي پري ٿي ويو هو. اداري جي پت پٺيان ناتن رشتن کان پوري ريت پري ٿي ويو، اهڙي رويئي جي روش ۾ ھن جي ڪل ڪمائي کي لوڙھي ڇڏيو. آسپاس جي سماج ۾ ھن لاءِ ماڻھن جي سوچ مٽجي وئي، اسانجي علائقي جي عام ماڻھن ھن لاءِ عجيب راءِ جوڙي ڇڏي ته هي اهڙو آهي؟ هي ههڙو آهي؟ ۽ ھئين ٿو ڪري؟ مگر هو هر راءِ کي نظر انداز ڪري پنهنجي ليکي ماڻهن سان ماڻھپي ۾ رهيو، مگر ماڻھن ۾ پنهنجي مشھور راءِ کي رد ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ڳالهه هن جي وس کان وڏي ٿي وئي هئي، ڪو ھجت وچان چوندو هئس ته ماڻھو تنهنجي لاءِ ھي راءِ رکن ٿا؟ ته چوندو هو دنيا کي ڇا آھي دنيا ته چوندي ائين چئي ڳالهه کي ٽهڪن ۾ ٽاري ڇڏيندو هو.
جڏھن به پراڻي يارڙن جون سرڪاري غير سرڪاري دفترن مان دليون ڀرجي وينديون هنيون ته سڌا اچي هن جا مهمان ٿيندا هئا. هو پنهنجي ڪچي ڇت واري پڪي لانڍي جي اڱڻ ۾ قرب ڀرين ڪچهرين ۾ ڏکن سکن جون ڳالهيون ڪندي سج اڀاري ڇڏيندو هو.
اچانڪ الائي ڇا ٿي ويو؟ منفرد مزاجن واري ماڻھو جي زندگي پوليو جهڙي بيماري ۾ صفا بيهي وئي، لکڻ ڳالهائڻ هن کان پهرين پيار جي جدائي وانگي بلڪل پري ٿي ويا، هوريان همدرديون به هٿ ڪڍي ويون، آفيسر ، ادارا، دلربا، دوست، من گهريا مائٽ، سڀئي سڄڻ ساٿ ڇڏي ويا… هو اڄ ڳوٺ جي آواره ٻارن وانگي پنهنجي اوطاق جي آڳر ۾ اڪيلو آهي! ڪنهن کي ڪو ڏوراپو ڏيڻ بجاءِ ھو ٽھڪن ۾ ڳالهه کي ٽوڙي ڇڏيندو آھي. هاڻي ماٺ ئي هن جي محبوب بڻجي وئي آهي! جنهن سان هو گهڻو رسڻ جي ڪري ڏور ڀڄي ڪنهن نئين محبوب جو متلاشي آهي. مگر ماٺ ته هڪ پل به پري ناهي ٿيندي، اها پراسرار ماٺ وڻ ويڙھي وانگي ھن کي وڪوڙي وئي آهي. ھو پنهنجي بوڪ شيلف ۾ پاڻ وانگر ماٺ پيل ڪتابن کي کوليندي اکين جي زبان سان پڙھندي ڪنهن پل کلندو آهي، ته ڪنهن لمحي روئيندو آهي، مگر محبتن جي ڏينهن کي منفرد نموني ملهائيندڙ هي ماڻھو اڄ به عاشقي جي ادائن وانگي اداس آھي…
***

