چوڙيل (ڪهاڻي)
وهانءُ جي رسمن کان پوءِ جيئن سندس سهيليون ڪمري ۾ کيس ڇڏي ويون ته هوءَ وچ پلنگ تي هٿ پنهنجن گوڏن تي رکي ڪنڌ جهڪايو ۽ منهن گهونگهٽ ۾ لڪائي گهوٽ جو انتطار ڪرڻ لڳي. ڪمري جي بتي ٻري رهي هئي، پلنگ گلن سان سينگاريل هو. گلن جون لڙيون پلنگ جي چوڌاري ٽنگيل هيون. گلابن جي سُڳنڌ ڪمري جي ڪنڊن پاسن ۾ پکڙجي وئي هئي. ڳرا ڪپڙا کيس ڪجهه مونجهه جو احساس ڏياري رهيا هئا. ڪمري ۾ اي سي هلي رهيو هو، پر ميڪ اپ جا تهه چڙهيل هئڻ ڪري پگهر سندس نراڙ کان ٿيندو ڳلن تي ترڪي رهيو هو. گهونگهٽ ۾ جيئن هن ساهه کنيو ٿي ته ان جو هلڪو آواز به هن جي ڪنن تائين پهچي رهيو هو. کيس پاتل ڳهه به ڳرا لڳي رهيا هئا. هن ڀرسان پيل موبائل ۾ وقت ڏٺو، رات جا 12 پئي ٿيا، پر سندس ڪمري ۾ گهوٽ جا پير نه پيا هئا.
ڪمري جي ڀت تي لڳل گهڙيال جي ٽڪ ٽڪ جو آواز رات جي ماٺ ۾ چٽو ٻڌڻ ۾ پئي آيو. جنهن جون سوئيون هڪٻئي پويان ڊوڙندي به پاڻ کي جهلي نه پئي سگهيون. هن گهونگهٽ مٿي کنيو، ڪمري جو جائزو ورتو جتي هر شيءِ ترتيب سان رکيل هئي. سائيڊ ٽيبل تي ئي کير جو ڀريل گلاس هو. هن ڀت تي لڳل گهڙيال ڏانهن نهاريو، جيڪو وقت جو پتو ڏئي رهيو هو. پر وقت گهڙيال ۾ قيد نه هو. هن کي لڳو ته گهڙيال جا ڪانٽا پوئتي هلي رهيا آهن، هر سيڪنڊ، هر منٽ، هر ڪلاڪ پوئتي پيو ٿيندو وڃي. گهڙيال کي نهاريندي نهاريندي سندس ذهن ننڍپڻ ڏانهن اڇل کائي ويو.
گهر ۾ هن کان هڪ وڏي ڀيڻ به هئي، ماءَ پيءَ جي لاڏلي، سڀئي هن کي گهڻو ڀائيندا هئا. جڏهن به هن جو جنم ڏينهن ايندو هو ته ڀلي نموني ملهايو ويندو هو. ميڻ بتيون، ڪيڪ، سوکڙيون ۽ مٺايون، الائي ڇا ڇا هن جي سالگرهه ۾ هوندو هو، پر جڏهن سندس جنم ڏينهن ايندو هو ته کيس ماءَ هڪ سوکڙي ڏئي ڇڏيندي هئي.
سندس ڀيڻ جي ڄمڻ جي خوشيءِ ۾ هر قسم جي تياري ٿي هئي. قسمين قسمين ڪپڙا ۽ سامان هن لاءِ ورتو ويو، پر جڏهن هيءَ ڄائي ته اهي ئي ساڳيا چوڙيل ڪپڙا ۽ سامان هن جي حصي ۾ آيو. سال جي ٿي ته وڏي ڀيڻ جا چوڙيل ڪپڙا هن کي پورا ٿي ويا، تنهنڪري نون ڪپڙن جي ضرورت ڪونه پئي. اسڪول ۾ داخل ٿي ته پنهنجي ڀيڻ کان هڪ سال پوئتي هئي، ان ڪري ڊريس ۽ ان جا ڇڏيل ڪتاب هن جي حصي ۾ اچي ويا. جيڪڏهن جُتي جي ضرورت پوندي هئي ته اها به وڏي ڀيڻ جي پوري ٿي ويندي هئي. هوءَ پوءِ سمجهي وئي ته وڏي ڀيڻ لاءِ ورتل ڪابه شيءِ ڪجهه وقت کان پوءِ هن جي ٿي ويندي. هن ڪئين ڀيرا پنهنجي ماءُ سان اها شڪايت به ڪئي ته نيون شيون وٺي ڏئي، اهي چوڙيل شيون هن کي نٿيون وڻن. جڏهن سندس ڀيڻ لاءِ ٻن ڦيٿن واري نئين سائيڪل آئي ته ٽن ڦيٿن واري سائيڪل هن کي ملي وئي، ڇو ته اها سندس وڏي ڀيڻ هلائڻ ڇڏي ڏني هئي. ڄڻ هن جي وجود سان اهي سڀ شيون چهٽيون پيون هيون، جيڪي هن جي ڀيڻ جون هيون پوءِ آهستي آهستي هن جي حصي ۾ اچي ويون. هوءَ سوچيندي هئي ته هن جو پنهنجو وجود ڪٿي آهي؟ هوءَ پاڻ آهي به يا ناهي؟ يا سندس وڏي ڀيڻ جي وجود جي پاڇي ۾ هن جو وجود ئي وڃائجي ويو هو؟ بلڪل ائين ئي جيئن وڏي وڻ جي ڇانو ۾ ٻيا ڇٽيل ٻج وڻ نه ٿي سگهندا آهن. هوءَ اڄوڪي رات تائين به ان سوال تي سوچيندي رهي ته هوءَ پاڻ ڪٿي آهي؟ مائٽن جي ڪن لاٽار ڪرڻ واري رويي هن جي هجڻ جي معنيٰ کي ئي وڃائي ڇڏيو هو.
هوءَ پلنگ تان پنهنجا ڳرا ڪپڙا سنڀاليندي هيٺ لٿي، ڪمري جي دري ڏانهن هلي وئي، اي سي وارو ڪمرو به هن کي مونجهه جو احساس ڏياري رهيو هو. هن دري کولي ته ٻاهر جي ڪجهه هوا ڪمري ۾ ائين داخل ٿي، جيئن زندگيءَ جي ڪمري جي دريءَ مان ڏک گهڙي ايندا آهن. جن مان سموري حياتي ماڻهو جان ڇڏائڻ جي ڪوشش پيو ڪندو آهي، پر زندگيءَ ۾ ڏکن جو سلسلو ايڏو ته تيز هوندو آهي جو اڃا هڪ ڏک گذري دنگ ڪندو آهي ته ٻيو اڳ جهليو بيٺو هوندو آهي. ڏک ماڻهو کان ڇا ڇا ناهي کسيندو، اهو جواني کسيندو آهي، مرض ڏيندو آهي ۽ سڀئي رونقون ڦري وٺندو آهي. هن کان به ان احساس اهو سڀ ڪجهه کسي ورتو هو. کيس لڳندو هو ته هوءَ ڪا سيڪنڊ هينڊ ٻار آهي. هڪ اهڙو ٻار جنهن وٽ پنهنجو ڪجهه به نه هو بلڪه سڀ ڪجهه پرايو هو. هوءَ دري مان ئي نهاري رهي هئي، جنهن جي ٻاهران گهڻي ڀاڱي اونداهي هئي. ڪيترن ئي گهرن جون بتيون اجهامي چڪيون هيون. ڪٿي ڪٿي ڪو بلب ٻري رهيو هو، پر ماڻهوءَ جو من ئي اونداهو هجي ته پوءِ سوين سج به ان جي اندر کي روشن نٿا ڪري سگهن. هن اها اونداهي پنهنجي اندر ۾ ڪئين ڀيرا محسوس ڪئي هئي، جنهن ڪري ٻاهر جي روشني به هن لاءِ اجائي هئي.
گهڙيال جا ڪانٽا پنهنجي رفتار سان ڊوڙي وقت جي گذرڻ جو احساس ڏياري رهيا هئا. هاڻ رات جو هڪ ٿيڻ وارو هو، سندس گهوٽ اڃا به ڪمري ۾ ڪونه پهتو هو، پر هن کي ان جو ايترو گهڻو اوسيئڙو به نه هو. هن ڪمري جي دري بند ڪئي ۽ پلنگ جي وچ تي ساڳي حالت ۾ اچي ويهي رهي. ساعت ۾ ئي هن جي ڪمري جو در کليو ۽ سندس گهوٽ ڪمري ۾ گهڙي آيو. هن ڪمري جي در کي ڪنڍي هنئي ۽ پنهنجي قميص جا بٽڻ کوليندي هن جي ڀر ۾ ويهي رهيو. ڪجهه گهڙين لاءِ ٻنهي جي وچ ۾ ماٺ رهي ۽ پوءِ سندس مڙس گهونگٽ مٿي ڪري هن جي ڄاڙي هيٺ هٿ ڏئي منهن مٿي کنيو. هن پنهنجون جهڪيل نظرون کڻي پنهنجي زندگيءَ جي همسفر ڏانهن نهاريو.
اهو ماڻهو هن لاءِ ڄاتل سڃاتل ئي هو، ڇو ته اهو اڳ به پرڻيل هو. هو جنهن جو اڳوڻو مڙس رهيو هو، اها سندس ڀيڻ هئي، جيڪا ٻار جي ڄم دوران گذاري وئي هئي. جنهن کان پوءِ مائٽن هن جي شادي ساڻس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. سندس مڙس جيئن ئي هن کي ڪلهن کان جهلي پلنگ تي ليٽايو ته هن کي ائين محسوس ٿيو، سڄي زندگي هن جي حصي ۾ چوڙيل شين جيان مڙس به کيس چوڙيل ئي مليو هو.
***

