خاص

متحده پاڪستان ڊجيٽل آدم شماري جي نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو

متحده پاڪستان هيل تائين ٿيل ڊجيٽل آدم شماري جي نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو، ٻيهر آدم شماري ڪرائڻ ۽ هر شهري کي موبائل فون وسيلي ڊيٽا تائين پهچ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. فاروق ستار چيو آهي ته ڪراچي جي آبادي کي ٻهراڙي کان گهٽ ڏيکارڻ سمجهه کان ٻاهر آهي، سنڌ سرڪار جي ملازمن جي نگراني ۾ ڪرايل آدمشماري کي رد ڪريون ٿا. هن چيو ته آدمشماري بابت سنڌ سرڪار کي مهيا ڪيل ڊيٽا هر شهري کي ڏني وڃي. ٻئي پاسي جماعت اسلامي ڪراچي ۾ آدمشماري جي نتيجن تي خدشا ظاهر ڪندي  آدمشماري جي ڊيٽا تائين پهچ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.