خاص

جيڪا قانونسازي ڪئي پئي وڃي اها عدليه تي پابنديون لڳائڻ جي برابر آهي: لطيف کوسه

پ پ جي اڳواڻ ۽ سينئر وڪيل لطيف کوسه چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حوالي سان ٿيندڙ قانونسازي عدليه تي پابنديون لڳائڻ جي برابر آهي. هن بل جي ٽائمنگ صحيح نه آهي. سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي لطيف کوسه چيو ته پاڻمرادو نوٽيس خلاف اپيل جو حق ڏيڻ لاءِ آرٽيڪل 3/184 ۾ ترميم ڪرڻي پوندي. نظرثاني ۾ وڪيل جو حق ڏيڻ جي لاءِ به آئيني ترميم ضروري آهي. قانونسازي ڪري اهڙي ترميم نٿي ڪري سگهجي. پ پ اڳواڻ چيو ته مريم نواز۽ ن ليگ هميشه عدليه تي حملو ڪيو آهي. پهريان مٺايون ورهايون وينديون آهن پوءِ سمجهه ۾ ايندو اٿن ته فيصلو سندن خلاف آيو آهي.