مذهبي عقيدي جي اوسرَ
(عقيدي جي سائنس جو اختصار)
ليکڪ: جي. اينڊرسن ٿامسن ۽ ڪليَئر اڪوفر
اسانجي روزاني خوراڪ: سنڀاليندڙ جي خواهش
”مون کي لڳي ٿو ته اعليٰ گڻن باوجود انسان جي جسم جي اندر ان جي نيچ شروعات جا اڻ مٽ نشان موجود آهن.“ (ڊارون)
اسان جي دماغ جي پسمنظر ۾ اسان جي بقا بابت ڪيتريون ئي اهڙيون مطابقتون موجود آهن، جيڪي حرڪت ۾ اچڻ لاءِ اشاري جون منتظر هونديون آهن ۽ جيڪي اسان کي دنيا ۾ زندگي گذارڻ جي لائق بڻائينديون آهن. اسان انهن تي ڪوئي ڌيان ئي نه ڌريندا آهيون، جيڪڏهن ٿورو خيال ويندو به آهي ته اهو مٿاڇرو هوندو آهي، پر اهي اسان جي بقا لاءِ لازمي هيون ۽ اڄ به آهن، ۽ اهي مطابقتون اسان جي مذهبي عقيدن جو بنياد آهن.
لاڳاپي جو نظام:
جيئن، ڪنهن گيت ۾ چيو ويو آهي ته ”اسان سڀني کي سهاري جي ضرورت پوندي آهي“. لاڳاپي جو نظام (Attachment System)، اسان جي سڀ کان مضبوط مطابقت آهي. ان کانسواءِ اسان جي نسل جي ارتقا ته پري رهي، بقا به ممڪن نه هئي. اسان مان ماڻهن جي گهڻائي ڪنهن دٻاءَ جي ور چڙهندي آهي ته ڪنهن نه ڪنهن سهاري جي گهرجائو ٿيندي آهي، جيڪو سندن سارسنڀال لهي. اهو عمل اسان جو هن دنيا ۾ اچڻ سان ئي شروع ٿيندو آهي.
ان عمل کي سڀ کان پهريائين برطانوي نفسياتي ماهر جان بولبي (John Bowlby) 1940ع ۾ پيش ڪيو هو. ان کانپوءِ ان نظريي ۾ واڌارو ۽ سڌارو، ڪينيڊا جي آمريڪي نفسياتي ماهر، ميري آينز ورٿ(Mary Ainsworth) ماءُ ۽ ٻار تي مختلف تجربا ڪري پيش ڪيو. جنهن مان پتو پيو ته ماءُ ۽ ٻار جو تعلق، لاڳاپي جي ان نظام سببان قائم رهي ٿو. جيڪو ڪروڙها سال پراڻو اسان جي ممالياتي ورثي (Mammalian Heritage) جو حصو آهي.
نيورو سائنسدانن جو چوڻ آهي ته لاڳاپو، اهم بنيادي ضرورت آهي جو دماغي خلين جو هڪ پورو نيٽ ورڪ ان تي دارومدر رکي ٿو. ڊگهي مدي تائين قائم رهندڙ تعلق هڪ آڪسي ٽوسين (Oxytocin) نالي هڪ رطوبت پيدا ڪري ٿو، جنهن متعلق تفصيل سان اڳتي لکيو ويندو.
جڏهن اسان ننڍڙا ۽ لاچار هوندا آهيون ته لاڳاپي سببان اسان کي تحفظ جي بنيادي وسيلي جي ساٿ جي مدد ملندي آهي. جڏهن اسان وڏا ٿي ويندا آهيون ته لاڳاپي جو اهو نظام رومانوي محبت جو روپ ڌاريندو آهي. جيتوڻيڪ ڊگهي عرصي جي لاڳاپي سبب ان رومانس جو رنگ ڌنڌلو ٿي ويندو آهي، پر اهو لاڳاپو پنهنجي جاءِ تي پوري حياتي موجود رهندو آهي. اهو ٻارن ۽ وڏڙن ۾ رهندڙ رشتي کي دائمي جٽاءُ بخشيندو آهي.
لاڳاپي جو اهو نظام، وڏڙن جي زندگيءَ جي ٻين لاڳاپن کي به متاثر ڪندو آهي. ويجها رشتا ان مان پنهنجي مقصد جو فائدو حاصل ڪري وٺندا آهن. اهو ئي سبب آهي ته اسان ڏکين گهڙين ۾ پنهنجن ويجهن مائٽن مان به ڪجهه ماڻهن تي ڀاڙيندا آهيون ۽ ڪجهه ماڻهن تي نه. جيئن جيئن اسان جي ارتقا ٿيندي وئي، اسان ننڍن ننڍن ٽولن ۾ ورهائبا وياسين، ويجهن مائٽن ۽ ساٿين سان اسان جو لاڳاپو، اسان جي نسلي بقا لاءِ مددگار ثابت ٿيندو رهيو.
اسان جي وڏڙن جي اندر، لاڳاپي جي ان نظام جو رد نه ڪرڻ جوڳو مثال، آڳاٽي زماني جي ماڻهن جي علم جي ماهرن (Paleoanthropologists)، ايلن واڪر ۽ پيٽ شيمن پاران هومو اريڪٽس نسل جي هڪ عورت جي ذڪر مان ملي ٿو، جنهن جو پنڊ پهڻ آفريڪا مان مليو هو. ان پنڊ پهڻ مان صاف ڏس ملي ٿو ته اها عورت وٽامن اي واڌو مقدار ۾ کائڻ سبب موت جي منهن ۾ هلي وئي هئي. امڪاني طور ان ڪنهن جانور جو جيرو کاڌو هو، جنهن ۾ اها وٽامن جهجهي مقدار ۾ موجود هئي. امڪان اهو پيو ڏيکاريو وڃي ته اها عورت اهو کاڌو کائڻ کانپوءِ ڪجهه هفتن يا مهينن تائين زندهه رهي، جنهن دوران سندس جوڙن مان خون وهندو رهيو ۽ تڪليف جي سختيءَ ۾ رهي. هيءَ عورت ڏهه لک ورهيه اڳ ڪنهن سنڀاليندڙ جي سار بنا زندهه نه رهي سگهي ٿي، ڪوئي نه ڪوئي ته ضرور ان کي کاڌو ۽ پاڻي ڏيندو هوندو ۽ جهنگ جي جانورن کان ان عورت جو بچاءُ به ڪندو هوندو.
اڄ اسان لاڳاپي جي ان نظام کي پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾، اولاد ۾، دوستن ۾، ۽ چاهيندڙن ۾ عمل پيرا ڏسون ٿا. حقيقت ۾ لاڳاپي جي ان نظام کي جيئن جو تيئن ئي قبول ڪيو ويندو آهي. ماڻهو نه رڳو پنهنجي خاندان، دوستن، مٽن مائٽن سان گهري سٻنڌ ۾ رهن ٿا، پر پنهنجي پالتو جانورن سان به سندن لاڳاپو جذباتي رهي ٿو. جيئن چارلي برائون جو دوست لائنس، پنهنجي ڪمبل سان اهڙو ئي لاڳاپو رکي ٿو، جيئن ڪو معصوم ٻارڙو، پنهنجي پسند جي رانديڪي سان چنبڙيل هوندو آهي. ان سموري عمل سان اسان کي تحفظ جو احساس ملندو آهي ۽ ظاهر آهي، مذهبي ماڻهو پنهنجن خدائن سان لاڳاپيل هوندا آهن. اهو ڏسڻ ڏکيو ناهي ته لاڳاپي جو اهو نظام نه رڳو جسماني معاملن ۾ ڪم ڪري ٿو، پر مذهبي سرشتي سان لاڳاپي جي خواهش ۽ هڪ دائمي، ابدي، محبت ڪرڻ واري شخصيت سان ساٿ جي خواهش جو به سڪون مهيا ڪري ٿي.
هڪ ٻن سالن جي ٻار جو تصور ڪريو، جيڪو چاهي ٿو ته کيس جهوليءَ ۾ ويهاريو وڃي، ساڻس لاڏ ڪوڏ ڪيو وڃي، هو پنهنجا هٿ مٿي ڪري ٿو ۽ اوهان کي اها التجا ڪري ٿو. هاڻي خميس جي ڏينهن تي هڪ پوڄاريءَ جو تصور ذهن ۾ آڻيو، جو زبان سان ڳالهائي ٿو. هو پنهنجا هٿ مٿي ڪري ٿو ۽ خدا کي ٻاڏائي ٿو، ”مون کي پنهنجي جهوليءَ ۾ جهل“. اسان ٻين انسانن سان موت، اختلافن ۽ پرڀرو ٿيڻ سببان لاڳاپو ٽوڙي سگهون ٿا، پر خدا هر وقت، اسان جي ڪري، اسان سان گڏ رهي ٿو.
اسان اهو مظهر، عملي نفسيات ۾ اڪثر ڏسون ٿا. هڪ نوجوان مريض عورت جنهن سان پنهنجي پيءُ جسماني، جذباتي ۽ زباني بدسلوڪي ڪئي، اها عيسائي مذهب ۾ ان جو متبادل تلاش ڪري ٿي: هڪ اهڙو پيءُ جيڪو ساڻس پيار ڪري ۽ سندس محبت قبول ڪري. ان سان اهڙي نموني ڳالهائيندي جيئن ڪو نوجوان پنهنجي مهربان ۽ قدردان پيءُ سان ڳالهائي ٿو، ۽ ان جي ردعمل تي اهڙو فڪرمند ٿيندو، جيئن ڪو پنهنجي پيءُ جي ردعمل سان پريشان ٿيندو آهي.
حقيقت اها آهي ته اسان جي اندر منجهان هڪ ڀرجهلوءَ جي خواهش ڪڏهن به ماٺي نه ٿيندي.
توهان کي ۽ توهان جي پيارن کي بک، بيماري، تباهي، موت ۽ زندگيءَ جي ٻين مصيبتن کان ڪير بچائيندو؟ توهان جا والدين؟ جڏهن توهان ننڍا هئا ته خدا جي تصور کي سمجهڻ بنا توهان جا والدين توهان لاءِ خدائن جهڙا هئا، جيڪي سڀ ڪجهه ڪري سگهندا هئا. جيڪڏهن اهي اڄ به حيات آهن ته توهان انهن کي هڪ عام انسان سمجهو ٿا، جن وٽ اوهان جي زخمن کي ٺيڪ ڪرڻ ۽ قمست جي لڪير کي تبديل ڪرڻ جي ڪا خاص صلاحيت موجود ناهي، ٿي سگهي ٿو هاڻي هو خود توهان تي ڀاڙيندا هجن.
جيڪڏهن هر وقت حاضر ناظر ۽ قادر مطلق آسماني خدا کي هر هر پڪاريو وڃي ته هو نه رڳو اسان، پر اسان جي مٽن مائٽن، دوستن ساٿين ۽ اولاد کي تحفظ مهيا ڪري ٿو، پر اسان کي هم خيال ماڻهو ڳولڻ ۾ به مدد ڪري ٿو. هو اسان کي موت جي خوف کان بچائي ٿو، اسان جي شفا يقيني بڻائي ٿو، ۽ اسان کي اها آخري زندگي عطا ڪري ٿو، جتي اسان کي اسان جي تڪليفن جو دائمي اجر ملي ٿو.
اهو مذهب جو واعدو آهي. اسان جا والدين سدائين اسان جي سار سنڀال نه ٿا لهي سگهن، پر خدا لهي سگهي ٿو.
شينهن جي ڄار ۾ ڦاسي، هر ڪوئي خدا کي مڃڻ شروع ڪري ٿو.
مذهب، اسان کي فطرت کان مٿاهان ”والدين“ عطا ڪري ٿو. هي اهي زبردست شخصيتون هونديون آهن، جن سان انسان لڳاءُ رکي ٿو ۽ هو انهن قوتن جون مالڪ هونديون آهن، جن جو اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ ڪڏهن مشاهدو نه ڪندا آهيون. البت، جڏهن اسان ڪنهن مصيبت ۾ اڙجي ويندا آهيون ته خدا ڏانهن لاڙو رکندا آهيون ته هو اسان جون دعائون ٻڌي، خواهشون پوريون ڪري، ۽ اسان جون ڏکيائيون، ڪيتريون به سخت ڇو نه هجن، انهن جي اجر جو يقين ڪرائي.
فاسٽ فوڊ جي طلب وانگر، مذهبي خيالن جي جڙَ به مطابقتن ۾ آهي. اڄوڪا مذهب، فطرت کان مٿاهون ترغيبون ۽ ڪشش پيدا ڪندڙ جزا مهيا ڪن ٿا، جنهن ڪري انسان جي اندر، اڃا ڪجهه وڌيڪ جي تڙپ پيدا ٿئي ٿي. فاسٽ فوڊ جي طلب وانگر، مذهبي خيال به اهڙين مطابقتن مان اڀرن ٿا، جن اسان جي وڏڙن جي بقا ۾ مدد ڪئي، پر ان جو مطلب اهو قطعي ڪونهي ته اهي مطابقتون اسان لاءِ فائديمند آهن.
توهان کي ڇا وڻندو آهي، سبزي يا گوشت؟ گوبي يا آئس ڪريم؟ توهان کي ڪهڙي غذا وڌيڪ مزو ڏيندي آهي؟
لڳاءُ ۽ انڪار:
مذهب کي قبول ڪرڻ ۽ ان کي رد ڪرڻ لاءِ لاڳاپي جي ضرورت ڪتب اچي ٿي. سادن لفظن ۾ اسان ڪنهن محبت ڪرڻ واري ۽ دائمي شخصيت تي يقين ڪرڻ چاهيون ٿا.
ائين اسان چارلس ڊارون جي زندگيءَ ۾ به ڏسي سگهون ٿا. جڏهن هو 1831ع کان 1836ع تائين پنهنجي مشهور سامونڊي سفر تي ويو هو ته ان وقت هو تخليق تي يقين رکندو هو. جڏهن هو موٽيو ته ان گيلاپيگس جي ٻيٽ تان آندل پکي، جان گولڊ نالي، پکين جي علم جي ماهر حوالي ڪيا.
ڊارون، پهريان ئي ان امڪان تي ويچاريو هو ته جيوت هڪجهڙي ناهي هوندي. وڌيڪ چٽي طرح ائين چئون ته اها خدا جي تخليق ناهي. جڏهن جان گولڊ، ڊارون کي ٻڌايو ته گيلاپيگس جا پکي، فنچ (Finch) نالي نسل سان تعلق رکن ٿا، جن جو پهريان ڪوبه سائنسي ذڪر نه ٿو ملي، ته ڊارون سمجهي ويو ته اها جيوت، ماحول تبديل هئڻ سان گڏوگڏ تبديل ٿيندي رهي آهي.
1837ع جي گرمين ۾ ڊارون پنهنجون مشهور بنديون کوليون ۽ زندگيءَ جو وڻ ٺاهيو، جنهن ۾ ان نظريي کي چٽو ڪيو ويو ته جيوت، ارتقائي عمل مان گذري ٿي. ان لکيو ته ”انسان، پنهنجي تونگريءَ جي عالم ۾ پاڻ کي سمجهي ٿو ته هو اهڙو شاهڪار آهي، جنهن کي عظيم هستيءَ تخليق ڪيو آهي. مان سمجهان ٿو ته ان جي شروعات جانورن کان ٿئي ٿي.“
ڊاورن کي به ان طريقيڪار جو علم نه هو، جنهن تحت جيوت ۾ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ تبديليون پيدا ٿين ٿيون. سيپٽمبر 1838ع ۾ ان ٽي آر مالٿس جو مقالو ”آباديءَ جي اصولن تي هڪ مضمون“ پڙهيو، جنهن ۾ اهو نظريو پيش ڪيو ويو هو ته جانور، ان کان وڌيڪ ٻچا ڄڻين ٿا، جيترا انهن جا بچي وڃن ٿا. ان جو خيال هو ته بقا لاءِ جدوجهد ٿيندي آهي، ۽ جن وٽ بچي وڃڻ ۽ پنهنجي نسل کي اڳتي وڌائڻ جي صلاحيت موجود آهي، اهي ئي زندهه رهن ٿا. ان نظريي سندس سٽُ، سلجهائي ڇڏيو.
پر ڊارون تائين، مذهب کي رد ڪرڻ ۾ وقت لڳي ويو. تڏهن سندس مڱڻي، مذهبي خيالن جي مالڪ سوٽِ ايما ويج وڊ() سان ٿي چڪي هئي. 1838ع جي سرءُ جي مند ۾ ڪنهن لمحي کيس ڊارون پنهنجي خيالن کان واقف ڪري ڇڏيو هو. ايما کيس خط لکيو ته: ”منهنجي سمجهه مونکي سمجهائي ٿي ته ايماندار ۽ باضمير شڪَ، ڏوهه ناهن هوندا. پر مان سمجهان ٿي ته اهي اسان جي وچ ۾ تمام وڏو خال پيدا ڪندا“. جنوري 1939ع ۾ انهن پرڻو ڪري ڇڏيو.
ڊارون، ان وقت تائين پنهنجي فطرتي چونڊ واري نظريي تي ڪم مڪمل ڪري ورتو هو. پر اهو ويهن سالن تائين اڻ ڇپيل رهيو. جنهن جو جزوي سبب اهو به هو ته ڊارون ڄاڻي پيو ته ان نظريي جي اشاعت سندس ساٿياڻيءَ کي سخت صدمو رسائيندي. پر 1850ع تائين انهن ٻنهين ۾ آچر جي صبحن جو فرق صاف ڏسڻ ۾ آيو. هو ايما ۽ ٻارن سان چهل قدمي ڪندو گرجا گهر تائين ويندو هو، ايما ۽ ٻار، گرجا ۾ اندر ويندا هئا ۽ ڊارون پنهنجي چهل قدمي جاري رکندو هو. جڏهن سندس پياري ڌيءُ ايني، ٽي بيءَ سبب مري وئي ته ساڻس گڏ ڊارون جو مذهبي عقيدو به مري ويو.
1881ع ڌاري پنهنجي وفات کان هڪ سال اڳ جڏهن ڊارون پنهنجي جنب ڪٿا کي آخري مرحلي ۾ آڻي رهيو هو ته هن ايما جو هڪ خط لڌو، جيڪو هن کيس 1839ع دوران لکيو هو: ”منهنجي دعا آهي ته سائنسي نطرين جي جاکوڙ ۾ ڪنهن به شئي تي تيستائين يقين نه ڪجانءِ، جيستائين اهي ثابت نه ٿي وڃن ۽ تنهنجي ذهن کي به اهي تيستائين متاثر نه ڪن، جيستائين اهي ثابت نه ٿيون ڪري سگهجن“.
ايما، ڪٽر عيسائڻ هئي. ان لاءِ ڊارون جا خيال ۽ سندس مذهب تي يقين نه رکڻ، کيس تڪليف ڏيندا هئا. خط جي هيٺان ڊارون لکيو: ”جڏهن مان مري ويندس ته تون اهو ڄاڻجان ته مان ڪيترائي ڀيرا ان کي چميو ۽ ڳوڙها ڳاڙيا. – چ ڊ“.
نه رڳو لاڳاپي جو نظام مذهب جو لازمي جزو آهي، پر شايد اهڙي مطابقت به آهي، جنهن مان جان ڇڏائڻ سولو نه آهي.
ڪارل گبرسن، پنهنجي ڪتاب ” ڊاورن بچائڻ: ڪيئن عيسائي ٿجي ۽ ارتقا ۾ يقين رکجي“ ۾ لکي ٿو: ”مون وٽ خدا تي يقين رکڻ جو هڪ ٺوس سبب موجود آهي. منهنجا والدين پڪا عيسائي آهن ۽ جيڪڏهن مان مذهب ڇڏيان ته انهن کي سخت صدمو رسندو. منهنجي ساٿياڻي ۽ منهنجا ٻار، خدا تي يقين رکن ٿا. خدا تي ڀروسو نه ڪرڻ سبب سڀ ڪجهه هيٺ مٿي ٿي ويندو ۽ منهنجي زندگي پٽڙيءَ تان هٽي ويندي“.
پر لازمي ناهي ته اسان جا پيارا، اسان کي اهو ٻڌائن ته عقيدي کان منهن موڙڻ سان انهن کي خوشي ٿيندي. اسان اهو وجداني طور تي ڄاڻون ٿا، ڇاڪاڻ ته ٻين منفرد انساني مطابقتن جيڪي هاڻي اسان جي ذهن جي بنيادي ساخت جو حصو بڻجي چڪيون آهن، جيڪي پنهنجي فيصلي جي باري ۾ ٻين جي ردعمل جو اندازو لڳائڻ ۾ مدد ڪن ٿيون، توڙي جو هو زبان سان ڪجهه نه ڪڇن. ان جي شروعات، اسان جي ذهن جي ان صلاحيت سان ٿئي ٿي، جنهن موجب اسان سندن ذهنن کي جسمن کان الڳ ڪري ڏسون ٿا.
ان سان ڳالهه وري ان ئي جاءِ تي اچي ٿي ته نه رڳو اسان جنهن کي ڏسون به نه ٿا ته ان تي يقين ڪريون ٿا، پر اڻ ڏسندڙ شين سان به لاڳاپو رکون ٿا. اسان ٻين جي خيالن کي پڙهڻ جي صلاحيت سان پيدا ٿيندا آهيون، توڙي جو اهي اسان جي سامهون موجود نه به هجن. هڪ طرح سان، اسين جن سان لاڳاپيل آهيون، انهن جا فرضي دوست بڻجي وڃون ٿا.
ڏٺل اڻ ڏٺل
(روحن جو تصور)
”انساني تهذيب ۾ مٿاهين درجي جو مقام اهو آهي، جڏهن اسين ڄاڻي وٺون ته اسان کي پنهنجي سوچن تي ضابطو آڻڻو آهي.“ (ڊارون)
ذهن ۽ جسم جي ورهاست:
ڇاڪاڻ ته اسان کي پنهنجي بقا لاءِ ٻين سان ملي ڪم ڪرڻو پوي ٿو، تنهن ڪري اسان جي ذهنن، ٻين جي باري ۾ مفروضا ٺاهڻ جي صلاحيت حاصل ڪري ورتي آهي. اسان، ان سوچ سان پيدا ٿيندا آهيون ته ٻيا به اسان وانگر پنهنجي مرضيءَ جا مالڪ آهن، جن جا ذهن به اسان جي ذهنن وانگر آهن، البت سندن ذهنن کي اسان نه ڏسي سگهندا آهيون.
ان جي هڪ رخ کي جسم ۽ ذهن جي ورهاست چيو ويندو آهي. يعني اهو نظريو ته جسم ۽ ذهن الڳ الڳ ڪم ڪن ٿا ۽ ٻنهين ۾ ڦير گهير نه ٿي سگهي ٿي. اسان تيستائين روح جو تصور نه ٿا ڪري سگهون، جيستائين ذهن کي جسم کان الڳ نه ٿا ڪري سگهون. اسان ائين ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ ته اسان جا دماغَ اهڙي نموني جا بڻايا ويا آهن.
روح جو تصور:
اسان جي دماغ جي اڳين حصي ۾، اکين جي بلڪل پويان، اندرين نگاهه کي جاچڻ، غير جسماني خوبين جي سُڌ ڏيڻ ۽ جذباتي ڪيفيتن، خواهشن ۽ تمنائن جو سرڪٽ موجود آهي. اهو، دماغ جو اهڙو حصو آهي، جنهن جي مدد سان اسان تجريدي معاملن تي غور ڪريون ٿا، جيئن ٻين ماڻهن جا ذهن، انهن جا ارادا، عقيدا، خواهشون ۽ احساس وغيرهه. اها صلاحيت سکي نه ويندي آهي، پر هر ٻار جو جنم ان صلاحيت سان گڏ ٿيندو آهي. دماغ، ذهن ۽ جسم کي الڳ الڳ اعصابي سرڪٽن ۾ پيش ڪندو آهي. جنهن جي مدد سان اسان ذهن کي جسم کان الڳ ڪري سگهون ٿا ۽ اسان اهو سمجهون ۽ محسوس ڪريون ٿا ته ذهن ۽ جسم جا ٻه الڳ الڳ حصا آهن.
دماغ جو هڪ طرفو حصو اهو آهي، جتي اسان ٺوس شين جي سڃاڻپ ڪندا آهيون، جيئن اسان جو پنهنجو چهرو ۽ ٻين جي جسمن جي حرڪت وغيرهه. هيءَ دماغ جي اها جاءِ آهي، جنهن جي مدد سان غير معمولي مظهرن جو مشاهدو به ڪيو ويندو آهي، جيئن ڪنهن اهڙي شئي جي حرڪت، جيڪا حرڪت نه ڪرڻ/ٿيڻ گهرجي.
مذهبي خيال، ان لاءِ سگهارا اثرائتا هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي تمام وڏي سليقي سان ذهن ۽ جسم جي ان ورهاست واري حصي ۾ ويهجي ويندا آهن. اهڙي ئي نموني، ننڍن ٻارن ۾ جاندارن ۽ غير جاندارن جي ورهاست به ڏٺي ويندي آهي. پنجن مهينن جو ڪو ٻار، ڪنهن صندوق کي چر پر ڪندو ڏسي، دنگ رهجي ويندو آهي، پر ساڳيو ٻارڙو ڪنهن انسان کي چر پر ڪندي، حيران نه ٿيندو آهي. ٻار جي دماغ لاءِ اهو سوچڻ فطرتي آهي ته زندهه شيون پنهنجي ارادي سان حرڪت ڪري سگهن ٿيون، پر بي جان شين کي انسانن وانگر حرڪت ڪرڻ نه گهرجي.
ٻارن تي ڪيل هڪ اهم تجربي ۾ ڪوئينز يونيورسٽي آئرلينڊ جي نفسياتي ماهر جيس بيرينگ، پتلي تماشو ٺاهيو. تماشي ۾ هڪ مانگر مڇ جو پتلو، هڪ ڪوئي کي هڙپ ڪري وڃي ٿو. ان کانپوءِ بيرينگ ٻارن کان ڪوئي جي باري ۾ ڪيترائي سوال ڪيا. مثال طور، ڇا ڪوئو هاڻي به کائي، پي سگهي ٿو؟ ڇا هو پنهنجي ابي امان کي ياد ڪري ٿو؟ ٻار ڄاڻن پيا ته هاڻي ڪوئو، کائي پي نه ٿو سگهي، پر هو سمجهن پيا ته ڪوئو، پنهنجي پيءُ ماءُ کي ياد ڪري ٿو. انهن ٻارن، هڪ مري ويل ڪوئي جي اندر، هڪ اهڙي ذهني ڪيفيت محسوس ڪئي، جنهن کي هو ڏسي نه ٿي سگهيا. اهڙو خيال حمل ضايع ڪرڻ (Abortion) متعلق ٿيندڙ مباحثي دوران به سامهون ايندو رهندو آهي: ”جيڪڏهن حمل دوران اوهان جو حمل ضايع ڪيو وڃي ته اوهان ڇا محسوس ڪندا؟“، بيرينگ جي سادي پر ڦڙتيلي تجربي اسان کي اهو ڏيکاريو ته توڙي جو ٻارن ذهن ۽ جسم جي ورهاست جو مظاهرو ڪيو، ته ان جو مطلب اهو نڪتو ته فطرت کان مٿاهين ڪنهن شئي تي يقين ڪرڻ اهڙي شئي ناهي جيڪا اسان ٻاروتڻ ۾ پرورش دوران پنهنجي ماحول مان سکندا آهيون. اهو هڪ ٺهيل ٺڪيل اوزار آهي، جنهن لاءِ ڪنهن سماجي ترغيب جي ضرورت نه پوندي آهي.
ٻارن ۾ مذهبي بنياد جو هڪ ٻيو رخ به موجود هوندو آهي. چئن ورهين جي عمر جي ٻارن تائين اڌ جا ته فرضي دوست هوندا آهن. تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته جن ٻارن جا فرضي دوست هوندا آهن، اهي اڳتي هلي سماجي طور تمام گهڻو بُرجستا نظر ايندا آهن. ڪيترن ئي لحاظن کان خدا اسان جو فرضي دوست آهي.
اسان جو ڪلچر اسان کي ڪهڙي به فطرت کان مٿاهين هستيءَ سان روشناس ڪرائي، پر ان جو واسطو هڪ اهڙي ذهن سان پوندو، جيڪو پهريان ئي اهو قبول ڪري وٺندو ته انسان جي ذهني زندگي ۽ صلاحيتون زندهه يا فنا ٿيل جسم کان مٿاهيون هونديون آهن.
فطرت کان مٿاهان مذهبي عقيدا اسان جي ذهنن ۾ اڳ ئي کاٽ هنيون ويٺا آهن، جيڪي پهريان ئي ٻين ماڻهن، انهن جي خيالن ۽ ارادن کي جاچڻ تي راضي هوندا آهن. ذهن، ۽ جيڪو ان جي اندر موجود آهي، جسم کان الڳ رهندو آهي. لاڳاپي جو نظام ۽ جسم ۽ ذهن جي ورهاست کي سمجهڻ اهو ابتدائي عمل آهي، جنهن جي مدد سان اسان اهي طريقا ڄاڻي سگهون ٿا، جن ذريعي اسان جي ذهنن کي مذهبي عقيدا مڃڻ لاءِ ورغلائي سگهجي ٿو.
(هلندڙ)

