بلاگ

ٻيو ڪنارو

مانوارا دوستو!

مون کي جڏهن هن پروگرام ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ”فوٽوگرافر جي آتم ڪٿا“ جي ليکڪ طرفان هڪڙو فوٽوگرافڪ دعوت نامو ۽ مهانگي پني تي ڇپيل سندس 320 صفحن تي ٻڌل نئون ڪتاب ”ٻيو ڪنارو“ مليو ته مون سوچيو: ههڙي ڏڪر جي زماني ۾ هيڏو خوبصورت ڪتاب ڇپجڻ يقينن خوشي جي ڳالهه آهي. ڇو ته 2022 ۾ جڏهن هي ڪتاب ڇپجي رهيو هو ته ملڪ ۾ ٻوڏ جي صورتحال هئي ۽ ٻيو ته ٺهيو، پر ٽماٽا به ساڍا چار سئو رپيا ڪلو ۽ ساوا مرچ چار سئو رپيا ڪلو ٿي ويا هئا، ڏيوالو نڪتل ملڪ جنهن ۾ هڪڙو سائو مرچ ڏهين رپئين جو ٿي وڃي ۽ هڪڙو ٽماٽو ٻائيتاليهن روپين جو ۽ هڪڙو بصر چاليهن روپين جو ٿي وڃي، مون کي اهو ڪتاب ڏسي رشڪ ٿيو.

مان ڪالهه ئي ملڪ جي سابق وزير خزانه مفتاح اسماعيل صاحب واري Re-imagining Pakistan نالي ڪراچيءَ ۾ ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ ويو هئس، جتي ملڪ جا وڏا وڏا سياستدان ڏيوالو نڪتل ملڪ کي Re-Imagine ڪرڻ لاءِ تجويزون ڏيئي رهيا هئا، ڪانفرنس کان پهرين مون مفتاح صاحب کان پڇيو: ”پاڪستان جو ٻيڙو ڪنهن ٻوڙيو آهي؟“ ته هن چيو سمورن سان گڏ عمران خان. هونئن هن کي چوڻ کپي ها: اسحاق ڊار! ته مون پڇيو مانس: پوءِ عمران خان جو ٻيڙو ڪنهن ٻوڙيو؟ چيائين: ”عمران خان کي آڻڻ وارن“ ته مون چيو مانس: پاڪستان جو ٻيڙو لياقت علي خان کان وٺي عمران خان تائين سمورن، آءِ ايم ايف ۽ عمران خان کي آڻڻ وارن ٻوڙيو! جڏهن کان وٺي پاڪستان ۾ ڳالهائڻ ۽ لکڻ تي پابنديون لڳيون آهن، (۽ اهي دراصل پهرئين ڏينهن کان ئي لڳيون آهن) ۽ جڏهن کان وٺي ڪارا شيشا لڳل گاڏين ماڻهو اغوا ڪرڻ شروع ڪيا آهن، بلوچستان ۾ ماڻهن ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي ۽ سنڌ ۾ ڪتاب گهڻا ڇپجڻ لڳا آهن، جڏهن ماڻهن کي ڌرتي، پاڻي، وڻن، جانورن ۽ خدا سان گڏ زندگي بسر ڪرڻ کان روڪيو وڃي ته پوءِ ائين ئي ٿيندو آهي! جنهن ملڪ ۾ خدا جي مخلوق پنهنجي تڪليف ۽ اضطراب تي روئي نه سگهي ۽ جنهن ملڪ ۾ خدا جي مخلوق پنهنجي خوشيءَ تي نچي ۽ ڳائي نه سگهي، اهڙي ملڪ مان خدا به نڪري ڪنهن ٻئي پاسي هليو ويندو آهي! ۽ سچ ته پاڪستان مان به خدا نڪري ڪنهن ٻئي پاسي هليو ويو آهي!

خير ڳالهيون ته کٽڻ جون ناهن سو اچون ٿا ڪتاب ”ٻيو ڪنارو“ ۽ ان جي ليکڪ تي ڇو ته هيءَ تقريب کوساڻي صاحب جي ڪتاب بابت آهي، پاڪستان بابت نه!

320 صفحن جو اوچي پني تي خوبصورت ٽائيٽل سان ڇپيل هيءُ ڪتاب جنهن ۾ ڊائري، سفرناما، ڪهاڻيون ۽ بلاگس ڪٺا ڪيا ويا آهن، جنهن مان نيلم احمد بشير جو بلاگ ته مون ڪٿي پڙهيو هو، پر ڇا ته ڪمال جي چونڊ آهي جن جي چونڊ مصنف ڪئي آهي، مون کي ته بس سڄي ڪتاب ۾ بس يوناني ناول نگار نڪوس ڪازان زاڪس جو ناول“Zorba the Greek” نظر آيو، جيڪو عشق ڪرڻ، شراب پيئڻ، سٺو کاڌو کائڻ، عورت سان بستري تي سمهڻ، گهمڻ، نچڻ، ڳائڻ ۽ پنهنجي سنتوري وڄائڻ ٿو چاهي ۽ بس!

منهنجي نظر ۾ زندگي به اها ئي آهي.

مے کدے کی راہ سے ہوکر نکل گیا!

ورنہ سفر حیات کا کافی طویل تھا!

*

دیکھا کتاب عشق کے اوراق کھول کر

اول بھی تیرا نام تھا، آخر بھی تیرا نام!

ڪير کڻي ڪيترو به انقلابن، نظرين ۽ مذهبن جون ڳالهيون ڪري، پر زندگيءَ جي حقيقت اها ئي آهي ۽ ان کان مٿي ڪجهه به نه!

منهنجي دوست غلام نبي سومري ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکيو آهي: ته خواجه غلام علي کوساڻي سان سندس تعلق 2016ع ۾ جڙيو جنهن کي اٽڪل ست سال کن ٿيا آهن، پر منهنجي غلام علي کوساڻي سان لڳ ڀڳ 45 سالن کان ڄاڻ سڃاڻ رهي آهي، پر ته به منهنجو هن سان اهو تعلق جڙي نه سگهيو آهي، جيڪو غلام نبي سومري صاحب جو ستن سالن ۾ جڙيو!

اهو 78-1977ع جو زمانو هو جڏهن اسان سنڌي شاگرد تحريڪ جو بنياد رکيو هو. مان ان جو مرڪزي پريس سيڪريٽري هئس ۽ غلام علي کوساڻي وري سنڌي عوامي تحريڪ ۾ هو. اسين پارٽيءَ جي ڪانفرنس ۾ ملندا هئاسين، پر رڳو پري کان هڪ ٻئي کي ڏسندا رهندا هئاسون. دوستيءَ جو تعلق نه جڙي سگهيو هو. مون کي خبر ئي نه هئي ته فوٽوگرافر جي اندر ۾ هڪڙو آرٽسٽ ويٺو هو، فوٽوگرافر به دراصل هڪڙو آرٽسٽ ئي هوندو آهي.

اهو اُهو دور هو جڏهن رسول بخش پليجو صاحب مون کي سندس پوڻي پنجين نمبر واري جاءِ تان روزانو سندن ڪرونا گاڏيءَ ۾ کڻي گاڏي کاتي تائين ايندو هو، سفر دوران اسين جيڪي ڳالهيون ڪندا هئاسين سي به لکڻ جهڙيون آهن. پٺاڻ ڪالوني جي هڪڙي گهٽيءَ ۾ ڪوارٽر نما جاءِ جتي هڪڙي ڀيري پنجاب جو امتياز عالم پليجي صاحب سان ملڻ آيو. جنهن جي ڀتين تي پلستر بجاءِ چن ٿيل هوندو هو، اتي واڍن جي پڙ وارو خدا بخش ابڙو پنهنجي ننڍڙي نڪ تي بار بار چشمو ٺاهيندو رهندو هو ۽ ڪتابن جا ٽائيٽل ٺاهي روزگار ڪندو هو ۽ جڏهن ڪم ڪري ٿڪبو هو ته مون کي چوندو هو: ”يار! هل ته هلي ريشم گلي جو چڪر ڏيئي تازا ٿي اچون“ مان سنڌي شاگرد پبليڪيشن رسالي جا ٽائيٽل ٺاهيندو هئس، جيجي زرينه بلوچ اسان کي چوڏهن پندرنهن سئو روپيا ڏيندي هئي، جنهن مان رسالو ڇپبو هو، جنهن جو مرتب اسلم پرويز بلوچ هوندو هو. اهو گرفتار ٿي ويو ته خليل قاضي ان جو مرتب ٿيو ۽ اهو به گرفتار ٿيو ته مان ان جو مرتب ٿيس ۽ اياز لطيف پليجو ڪڏهن ڪڏهن ڄاڙيءَ تي هٿ ڏيئي مون کي ۽ خدا بخش ابڙي کي چترڪاري ڪندي ڏسندو رهندو هو.

اسلم پرويز بلوچ (جيڪو اياز لطيف جو ڀاءُ به ٿئي) منهنجي لاءِ پاسي واري ٻئي گهر مان ماني کڻي ايندو هو. اڪثر تريل پٽاٽا، تريل ساوا مرچ ۽ ڪڻڪ جون تازيون پڪل گرم گرم مانيون، جوانيءَ جي ان دور ۾ کاڌل ان مانيءَ جو ڇا ته مزو ۽ سواد هو، جيڪو پوءِ فائيو اسٽار هوٽلن جي ڪوفتن ۽ ڪوابن ۾ به ڪڏهن ڪونه آيو!

غلام علي کوساڻي جو ڪتاب ٻيو ڪنارو ۾ سندس لکيل ڊائري ۽ ڪهاڻيون دراصل مون کي ته سندس بايوگرافي ئي معلوم ٿي. جنهن ۾ هن جا ڪردار هيٺئين عام طبقي جا ماڻهو آهن. گهرن ۾ ڪم ڪندڙ ماسيون، ڪتر جي مشين تي ڪم ڪندڙ مزدور، پنڻ واريون عورتون، هاري ۽ هارياڻيون وغيره آهن. ڪهاڻي ”ٽانگارو“ هڪڙي شاهڪار ڪهاڻي آهي جيڪا ڪهاڻيءَ جي فن جا سمورا لوازمات پورا ڪري ٿي.

ڪهاڻين ۾ انسان زندگيءَ جي غربت، مايوسي، محرومي، ماڻهوءَ جو ماڻهوءَ سان ڌوڪو، فريب، نفرت اهو ئي انساني سُڀاءُ جيڪو روز اول کان انسان جو وڙ رهيو آهي ۽ ماحول ۽ ٻولي پڻ عام وهنوار ۾ اچڻ واري يا بازار ۾ هلندڙ آهي.

سندس هڪ ڪهاڻي ڪيڙو ۾ هو لکي ٿو: (1) ڇا ته خوبصورت ڇوڪري آئي آهي، ڄڻ آسمان مان حُور پري لٿي آهي. شاگرد ۽ استاد سڀ منڊا ٿي پيا. (2) سيمي صاحبا جي وڏي لئه هئي. (3) چانهه پاڻي ۽ لنچ جا دور هليا، جيڪي منهنجي مالي حيثيت کان وڌيڪ هُئا، پر عاشق مجبور آ. (4) يه مونهه اور مسورڪي دال ۽ وري ڪهاڻي ”پيار“ ۾ هي جملو ته اڙي بيغيرت! تون هي ڇاپيو ڪرين؟ پراين نياڻين تان به نٿو ٽرين؟ غلام علي کوساڻي جي لکڻين ۾ ڏک هڪڙي خواب جيان آهي ۽ زندگي وري ڪو دلفريب الميه داستان!

ڪتاب جو خاص حصو منهنجي نظر ۾ چئن بلاگس جي ڪيل چونڊ آهي جنهن ۾ ”ڦڙ ٿيل شهر جي ڌوڙ“ ”ياسين“ ”يااستاد“ ۽ نيلم احمد بشير جو ”محبت، جنگ ۽ واپسي“ شامل آهن. جيڪي کوساڻي صاحب ترجمو ڪري ڏنا آهن. انهن چئن ئي بلاگن ۾ چار اهم ڪردار آهن. (1) مُرينا لزاريا، جنهن جي ناني يا ان جي به نانيءَ کي پورچوگال جي ڌاڙيلن ٺٽي تي حملو ڪري، شهرين کي ذبح ڪيو هو، شهر کي باهه ڏيئي ساڙيو هو ۽ اتان سنڌي ڇوڪرين کي اغوا ڪري کڻي ويا هئا، جنهن اجرڪ کي پنهنجي سيني سان لڳائي رکيو هو.

ٻيو ياسين، جنهن پٺاڻي خان کي روڪيو ته هن جو قد جنرل ضياءَ کان وڏو هو، ان ڪري هن کي سندس وظيفي لاءِ درخواست نه ڪرڻ گهرجي، پٺاڻي خان جي ضد جي ڪري ياسين وڃي چادر اوڍي ستو ۽ وري نه اٿيو! (3) گورنمينٽ ڪاليج جو پرنسپال ڊاڪٽر نذير به تمام خاص ماڻهو هو، جنهن سندس نوڪريءَ دوران خاص ڪردار ادا ڪيو ۽ (4) محبت جنگ ۽ واپسيءَ ۾ اولڊ هوم ۾ منڊڪائي هلندڙ اميريڪن سپاهي بروس جنهن سان زندگيءَ بار بار ڌوڪو ڪيو ۽ پوءِ هن ٻلي ڌاري پنهنجي ڪٿا رس جو خاتمو ڪيو. In the desert, you do not remember your name. (منڊڪائي هلندڙ سپاهي جيڪو ويٽنام ڪوريا ۽ افغانستان جي جنگين دوران پنهنجيون انساني محبتون وڃائي ويٺو هو، سو پنهنجي گهر وڃڻ واري ڏينهن تي ڏاڍو خوش هو، ڇو ته اتي سندس زال بجاءِ ٻلي انتظار ڪري رهي هئي، جيڪا هن کان سواءِ اداس ٿي ويندي هئي، اهو پڙهي مون کي ياد آيو ته منهنجي ٻلي پڻ جنهن کي صبح جو سويل اٿي مان Cat food ڏيندو آهيان، منهنجي استنبول وڃڻ واري ڏينهن ايئرپورٽ وڃڻ بعد سڄو ڏينهن اداسيءَ ۾ منهنجي چپل جي مٿان ويٺي رهي هئي، جنهن جو فوٽو ڪڍي منهنجي پٽ مون ڏانهن موڪليو هو، اهو بلاگ پڙهي مونکي هڪ دفعو ٻيهر نڪوس ڪازان زاڪس جو ناول ياد اچي ويو، جنهن ۾ سندس ڪردار زوربا چوندو آهي ته منهنجي ڏاڏي مون کي چيو: پٽ! عورتن کان هوشيار رهجانءِ، جڏهن خدا آدم جي پاسراٽيءَ مان عورت پيدا ڪرڻ لڳو ته شيطان ازدهي جي روپ ۾ آيو ۽ آدم جي پاسراٽي ڳهي ڀڄي ويو ته خدا ان ازدهي جي پويان ڀڳو ۽ وڃي کيس پڪڙيائين، پر ازدهو وري خدا جي آڱرين مان ترڪي نڪري ويو ۽ خدا جي هٿ ۾ شيطان جو سڱ رهجي ويو! ته خدا چيو: ”خير ڪا ڳالهه ناهي، مان شيطان جي سڱ مان عورت پيدا ڪندس ۽ هن ان مان عورت ٺاهي.

پٽ اليڪسي تون عورت جي جسم جي ڪنهن به حصي کي ڇُهي ڏس اهو شيطان جو سڱ هوندو آهي! هن عدن جي باغ مان صوف چورايو هو، توهين اهو صوف کائو ٿا ۽ ڪٿي جا به نٿا رهو! هڪ ئي هنڌ زوربا سندس مالڪ کي چوي ٿو: آقا! عورتون ڏاڍيون ڪمزور ٿينديون آهن، عورتون ته چيني جي ٿانون جيان نازڪ ٿينديون آهن، توهان کي ڏاڍي احتياط سان ساڻن گذارڻو پوندو آهي! ٻيو ڪنارو ۾ انساني تعلقات جي ڀرپور عڪاسي ڪيل آهي، جنهن ۾ انسان انسان کي ڌوڪو ڏئي هڙپ ٿو ڪري ۽ اها ئي اسانجي دنيا ۽ زندگيءَ جي ڪهاڻي پڻ آهي.

(13 مارچ 2023 تي ڪتاب ”ٻيو ڪنارو“ جي مهورت واري تقريب ۾ ڪيل تقرير)

***