خاص

ملڪ ۾ يوم شهادت حضرت علي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي

يوم علي جي موقعي تي سنڌ سميت سڄي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ جلوس ۽ مجلسون منعقد ڪيون پيون وڃن. ان دوران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن. ڪراچي ۾ يوم علي جو مرڪزي جلوس نشتر پارڪ کان اڄ ٻنپهرن جو برآمد ٿيندو، جلوس جي گذر گاهن طرف ايندڙ رستن کي بند ڪيو ويو آهي جڏهن ته جلوس جي گذرگاهن وٽ موبائل فون سروس به معطل رهندي. يوم علي جي موقعي تي سڄي سنڌ جا تعليمي ادارا اڄ بند رهندا.