پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو شنگهائي تعاون تنظيم اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڀارت روانو ٿي ويو
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڀارتي شهر گوا ۾ ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڪراچي کان روانو ٿيو. پرڏيهي وزير خصوصي جهاز ذريعي ڪراچي کان گوا روانو ٿيو جتي سندس جهاز گوا ۾ لينڊ ڪندو. ذريعن موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ٻن ڏينهن تائين ڀارت ۾ ترسندو. ڀارت روانو ٿيڻ کان اڳ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مان گوا ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندس. پرڏيهي وزير جو گوا وڃڻ اهو واضح پيغام آهي ته پاڪستان ايس سي او کي ڪيتري اهميت ڏئي ٿو ۽ پنهنجي ان ميمبر شپ کي ڪيتري سنجيدگي سان وٺي ٿو. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته مان هن تنظيم ۾ شامل ملڪن سان رابطن جو منتظر آهيان.

