ڪهاڻي: ننڍو پُڇ
راڄ جي رڇ جڏهن چڱي مڙس مداري واتان پنهنجي لاءِ گِدڙ هجڻ جهڙا لفظ ٻڌا، تڏهن هو سمجهي ويو،”مداري پٽيل وٽ ڀولن جي عزت ته آهي، پر ڪنهن رڇ، هاٿي، ڇيلي، ٻڪر ۽ ڍڳي جي ڪا اهميت رهي ڪانهي!“
صدمي ۾ رڇ پنهنجو راڄ ڇڏي شهر واري جهنگ منهن ڪري ويو، پر شهر جي گهاٽي جهنگ ۾ اڪيلائي هن کي تڪڙو ئي ورائي وئي ۽ هو اٻاڻڪو ٿي پيو، ڏينهون ڏينهن ڳڻتيون ۽ ڳاراڻا رڇ کي بي حال ڪندا ويا، سمجھ ۾ ڪجھ نٿي آيو، حالتون ناسازگار هيون، پر رڇ جي نراسائي به اجائي ته نه هئي.
جنهن ڏينهن بيزار ٿي رڇ وري واپس موٽيو، ان ڏينهن راڄ جا گهڻا ٻلا، ٻليون، گهوڙا، خچر ۽ گڏھ مداري ڀوتار جي کيل تماشي ۾ ويل هئا، پنهنجي راڄ جون خالي گهٽيون ڏسي رڇ ويچارن ۾ پئجي ويو، سوچن ۾ ساڻو ٿيندو هو، جڏهن مداري سردار جي کيل تماشي وٽان گذريو، ان مهل هن پنهنجا اهي سڀ ساٿي رئيس مداري جي بنگلي جي در تي قطار ۾ ويٺل ڏٺا ۽ حيران ٿي پيو. رڇ کي پنهنجي اکين تي اعتبار نه آيو، هن بيٺي پير اکيون مچڪايون ۽ وري ڏسڻ لڳو، پر پوءِ هڪدم وري هو اهي سڀ سڃاڻي نه سگهيو!
رڇ کي پنهنجي اکين تي عجب لڳو ۽ خود تي ڪو اعتبار نه آيو، هن ڀيري هن پنهنجي هٿ جي ترين سان اکين کي زور ڏنو، ڪنڌ ڌوڻي ڇنڊيو ۽ اکيون بند ڪري وري کوليون ۽ ٻيهر هنن کي نهارڻ لڳو، پر وري به هن کي ڪجھ نظر نه آيو، انهن ۾ ڪو خچر، گهوڙو، ڪتو، ٻِلو نه هو! ڪي شڪرا ۽ باز پھري تي بيٺا هئا، باقي باندرن جي ڊگهي قطار مداري اڳيان موجود هئي!
”هي ايڏا ڀولا باندر ڪٿان آيا؟“، رڇ پنهنجي منهن ڀڻڪي پيو، ”راڄ ۾ ته ڪو هڪ باندر به نه هو!؟ هي ڪتا، ٻلا ۽ جيت جڙا سڀ گم آهن، مٿان وري هي باندر باندر جي ذات……
”هل هل نڪر هتان! ڪٿي چيرجي ڦاڙجي، مارجي نه وڃين.“
هڪ چوڪيدار بگهڙ رڙ ڪئي ته رڇ جا خيال ٽٽي پيا ۽ هن جيڪو سوچيو پئي اهو اڌ ۾ رهجي ويو.
”وڃ ڙي خدايا…!“
رڇ اونهو ساھ کنيو، ”هتي ته بگهڙ به محافظي لاءِ اچي پڳا آهن.“
رڇ جو هانءُ لهي پيو، هن جي من چاهيو بگهڙن سان گڏ ڪو شينهن به ڏسي پر رڇ کي ياد آيو، ”شينهن ته سڀن خودڪشي ڪري ڇڏي آهي، رهيل نسل سرڪس جي پنڃرن ۾ واڙيو ويو آهي.“
”هل نڪر! “ بگهڙ چنبو اڀو ڪيو ۽ اڳتي وِک کڻندي رڇ چپن ۾ چيو ”مداري سرڪار کي ضرور سمورن جانورن جي هڪجهڙي عزت ڪرڻ گهرجي!“، رڇ سوچيو، ”پر مداري جي ڍيٻڪي تي هي ڀولا ۽ بندر جهڙو ناچ نچن ٿا، اهڙو ناچ ته ڪو ٻيو ڳوڀ جانور ڪڏهن نچي ڪُڏي نه سگهندو! ها شايد عزت نه هجڻ جي رئيس مداري وٽ اِها وجهه آهي.“
بگهڙ رڇ کي پختو بيٺل نهاري ڌِڪا ڏيڻ لڳو، رڇ چاهيو ٻک وجهي بگهڙ کي ڏسي وجهي ۽ گهوگهو ڏئي نپوڙي وٺيس، پر بگهڙ دهمان ڪري هل ڪرڻ لڳو.
ايتري هُل شور تي مداري پنهنجي کيل تماشي مان اٿي آيو ۽ رڇ سان بگهڙن جا دهمان ڏسي چوڻ لڳو، ”اي سُست ڪاهل وجود! وري ڪهڙا پيو اسان تي اعتراض وارين؟“
مداري ڀوتار ايندي ئي رڇ جي بي عزتي ڪري ورتي، بگهڙن جي گهيري کان نڪرندي رڇ چيو، ”اي مداري! تو وٽ عزتدارن جي ڪابه عزت ڪونهي رهي!“
رڇ نراس ٿي پيو هو، سامهون سڀ باندر نچي ڪڏي رهيا هئا.
”مون وٽ ته عزت آهي، پر انهن جي جن ۾ اڳواڻي جو ڪو جوهر آهي! جيڪي منهنجي اشارن تي نچي ڪا حڪمراني ڪري سگهن.“، مداري اک ڀڃندي چيو ”ها باقي بس تنهنجي عزت ان ڪري ڪونهي، جو تو ۾ ليڊر ٿيڻ جي اهڙي ڪا خوبي نٿو ڏسان!“
رڇ مست الست ميڙ کي نهاريو، مداري وچ ۾ بيهي طنزيا مرڪ مرڪڻ لڳو، بگهڙ مِڙي آيا ۽ هن کي ٻاهر ڌڪڻ لڳا، ڪتا سڀ لوسي ٿي پيا ۽ پڇ لوڏڻ پئجي ويا، ٻلا ٻليون خالي ٿانءُ سنگهي ڦيريون پائڻ پئجي ويون، پڇ لوڏيندڙ ڪتا اچي ھڏن کي چهٽي پيا ها، ڳجهون ماس پٽي رهيون هيون، ڪوليون سڀ سُري رهيون هيون، گوشت سڙي ٻري ڌپ ڪري رهيو هو.
”هاڻ ڪيڏانهن وڃجي!؟“، رڇ سوچيو، ”راڄ ته کاڄ ٿي ويا سڀ ۽ شهر به هاڻ شهر رهيا ڪونهن.“
جهنگ منهن ڪرڻ کان پهرين رڇ سوچيو ”وڏا پُڇ چاپلوسي جا اهڃاڻ آهن ۽ ننڍا پُڇ بزدلي ليکيا وڃن ٿا.“
اونهو ساھ کڻي رڇ اڳتي وڌندي چپن ۾ چيو، ”پر مون کي بزدلي عزيز آهي، چڱو جو منهنجي قسمت ۾ پُڇ ننڍو آهي.“
***

