داستانِ گل (داستان ايڪويهون)
”مان ۽ سئنيما جي جادو نگري“ مان اقتباس
ضياءُالحق جي دور ۾ جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، محمد احمد خان ڪيس ۾ لاهور ۾ گرفتار هو ته اداڪار محمد علي روزانو ڀُٽي صاحب کي گهران ماني پهچائيندو هو. شهيد بينظير صاحبه جي دور ۾ پيپلز پارٽيءَ وارن، محمد عليءَ سان اهڙي رُکائپ رَوا رکي، جو هُو وڃي نواز شريف جي حلقهءِ احباب ۾ شامل ٿيو، جنهن هن کي صوبائي وزيرِ ثقافت ڪيو. اسان سنڌ وارا ان معاملي ۾ اڃا تائين هٿ ٺوڪين موروثي ”زميندار ۽ جاگيردار وزيرن جي ثقافتي داداگيري ۽ غير ادبي“ حلقه بگوشيءَ ۽ غلاميءَ ۾ ڦاٿل آهيون. ڪنهن به سنڌي فنڪار کي، پوءِ هُو کڻي ڪيڏو به عظيم ڇو نه هُجي، وري به سرڪار نامدار جي سرپرستيءَ جي هميشه ۽ ابدي اُميد رهي ٿي. ڇا مصطفيٰ قريشي، سنڌ جو يا پاڪستان جو وزيرِ ثقافت نٿو ٿي سگهي؟ ڇو ته هُو چونڊيل نه آهي. ڇا محمد علي چونڊيل ايم پي اي هو؟ ڇا هي وزيرن، صلاحڪارن جي فوج سڀ صحيح جمهوري طرح قانون قاعدي مطابق چونڊيل آهي؟ اهي ۽ ڪجهه اهڙا ٻيا تلخ سوال به آهن، انهن کي في الحال اتي ئي ڇڏي ڪري وري اَچون ٿا، مُنهنجي پسنديده ڊائريڪٽر وي شانتا رام ڏي.

