خاص

ٽيڪس ريٽرن فائل نه ڪرڻ تي ڏنڊ لڳائڻ جي تجويز

حڪومت پاران اڄ پيش ٿيڻ واري بجيٽ ۾ ٽيڪس ريٽرن فائل نه ڪرڻ تي ڏنڊ هڻڻ جي تجويز غور هيٺ آهي. ذريعن مطابق ٽيڪس ريٽرن دير سان فائل ڪرڻ تي به ڏنڊ هڻڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. سيڪشن 165 تحت ود هولڊنگ اسٽيٽمينٽ فائل نه ڪرڻ تي 2 هزار رپيا ۽ ٽيڪس ڊيفالٽ ڪرڻ تي روزانو 2 سئو رپيا اضافي ڏنڊ جي تجويز آهي. ٽيڪس ريٽرن فائل نه ڪرڻ تي وڌ ۾ وڌ ڏنڊ 25 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي.