نئون

ڪراچي ۾ کير مهانگو ٿي ويو

ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾ کير جي قيمت 90 رپيا ٿي وئي. ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾ کير 60 کان 80 رپين ۾ وڪامجندو رهيو آهي جڏهن ته ان جي ڪنٽرولڊ قيمت 85 رپيا آهي، تنهن باوجود ڪجهه علائقن ۾ کير جي قيمت 90 رپيا ٿي وئي آهي. واضح رهي ته کير جي گهٽ قيمت ان جي معياري هجڻ تي هڪ شڪ وڃي ٿو. جڏهن ته ڪجهه گراهڪن جو چوڻ آهي ته وڌيڪ قيمت به معيار جو ثبوت نه آهي ڇاڪاڻ ته دڪاندار مهانگائي جو بهانو ڪري کير مهانگو وڪڻي رهيا آهن. ڪراچي جي ملڪ رٽيلر ويلفيئر ايسوسئيشن جي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر هن بابت چيو ته ڪراچي ۾ کير جي ڪاروبار سان لاڳاپيل هول سيلر کير 83 رپين ۾ وڪڻي رهيا آهن. جڏهن ته رٽيلر ان کي 85 رپين ۾ کپائي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته رٽيلر مهانگائي باجود کير کي 85 رپين ۾ وڪڻي رهيا آهن. 85 رپين کان مهانگي کير بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪجهه دڪاندار عوام ۾ مونجهارو پيدا ڪري رهيا آهن.