ڏوھه جي نفسيات
الله سبحان و تعاليٰ انسان کي اشرف المخلوقات جو رتبو عطا فرمايو، کيس ذھني صلاحيتن ۽ جسماني تندرستي سان نوازيو آھي. انسان جي شخصيت جا ڪيترائي رخ آھن، جن مٿان جبلتن، خواھشن ۽ جذبن جو غلبو رھي ٿو. ھر روز سوشل ميڊيا اسانکي دل ڏاريندڙ ظلم ڏاڍ ۽ دھشتگرديءَ جي واقعن متعلق آگاھ ڪري ٿي، جن ۾ گھڻا واقعا عورتن ۽ ٻارن سان ٿيندڙ جنسي ڏاڍاين، ھڪ انسان جو ٻئي انسان تي وحشيانه تشدد ۽ قتل و غارت متعلق ھوندا آھن. اھڙن واقعن کي ڏسڻ، پڙھڻ ۽ ٻڌڻ کانپوءِ اسان اھو سوچڻ تي مجبور ٿا ٿيون ته آخر انسان ايترو ظالم ۽ جابر ڇو آھي؟ ڇا انسان پيدائشي ظالم ۽ فسادي آھي؟ اسانجي پالڻھار پاڻ ھن ڳالھ جي تصديق سورہ ياسين شريف ۾ ڪئي آھي، ترجمو: ڇا انسان نه ڏٺو ته مان ھن کي پاڻي جي ڦڙي مان ٺاھيو آھي، تڏھن ته ھو صريح جھڳڙالو آھي. دل کي ڏکوئيندڙ لفظن سان ڪنھن جي اکين ۾ لڙڪ آڻڻ کان وٺي، ڪنھن جو قتل ڪري سندس زندگي جو انت آڻڻ. اھي سڀ عمل ڏوھ جي زمري ۾ شامل ٿين ٿا ۽ ڏوھ جا ڪيترائي سبب ٿي سگھن ٿا.
ڏووھ جو ڪارڻ ڏاڍ ٿي سگھي ٿو. ڏاڍ، جيڪو زورآور ڪمزور مٿان ڪندو آھي. ٻار ۽ عورت کي ڪمزور سمجھيو ويندو آھي ۽ سندن مٿان ڏاڍائي ڪئي ويندي آھي. وبا دوران سوشل ميڊيا (Domestic violence) جي وڌندڙ واقعن جي به آگاھي ڏيندي رھي آھي. ڏاڍ ڪيترن ئي قسمن جا آھن. دل کي ڏکوئيندڙ لفظ چئي اکين ۾ لڙڪ آڻڻ نفسياتي يا جذبات جو ڏوھ، ڪنھن جي زندگي ختم ڪرڻ جسماني ڏوھ ۾ شامل ڪري سگھجن ٿا. اھڙي ريت زندگي کي گذارڻ جون گھرجون پوريون نه ڪري سگھڻ، سماجي برابري نه ھجڻ، ڏوھ يا ڏاڍ جو سبب ٿي سگھن ٿا.
ڏوھ جنھن کي انگري ٻولي ۾ (crime) چئبو آھي. تنھن جي ڪنھن ھڪ مفصل وصف تي مختلف مفڪر متفق نه آھن. ڏوهه جي وصف رياست ۾ رائج ۽ مروج قانونن جي ڀڃڪڙي تي منحصر ڪري ٿي ۽ ھر رياست جا پنھنجا قانون آھن. انھن مطابق سزائون به آھن. انسان جي ڪھڙي عمل کي ڏوھ جي زمري ۾ آڻجي. انھي جو انحصار معاشري جي سياسي، سماجي ۽ معاشرتي جوڙجڪ تي ھوندو آھي. جنھن معاشري ۾ ڏوھ يا جرم سڀ کان وڏو مسئلو ھوندو آھي. انھي معاشري جو اھو نظريو ھوندو آھي ته انسان بنيادي طور تي وحشي، ڪاوڙ ڪندڙ ۽ جھڳڙالو آھي، بنسبت انھي معاشري جي جٿي انسان کي پرامن ۽ محبت ڪندڙ سمجھيو ويندو آھي. ٻنھي معاشرن ۾ ڏوھ کي قابو ڪرڻ ۽ ختم ڪرڻ جا طريقه بلڪل مختلف ھوندا آھن. جيڪي معاشرا انسانن کي پيدائشي طور جھڳڙالو ۽ فسادي سمجھن ٿا. اھي بجاءِ غربت گھٽائڻ، ڏوھارين جي تربيت ڪرڻ ۽ اخلاقي سکيا ڏيڻ جي کين سخت سزائون ڏيندا آھن.
ڏوھ جي نفسياتي سببن متعلق ماضي ۾ ٿيل تحقيق تي نظر وجھڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ڪيترن ئي علم نفسيات جي ماھرن ۽ محققن مطابق انسان بنيادي طور تي جانور آھي. جنھن مٿان بي تحاشا مادي خواھشن، گھرجن ۽ ضرورتن جو غلبو آھي. جيڪڏھن کيس قدرت جانورن وانگر تکا ڏند، چنبا ۽ ننھن نه ڏنا آھن ته ھنن پاڻ ٻين انسانن کي نقصان پھچائڻ لاءِ خطرناڪ ھٿيار ٺاھيا آھن. چارلس ڊارون (Charles Darwin 1809-1882) English naturalist, geologist and biologist مطابق انسانن ۽ جانورن جو حياتاتي نسب ساڳيو آھي. ارتقا جي عمل دوران انسان ۽ جانور جي وچ ۾ درجن ۽ قسمن جو تفاوت ظاھر ٿيو آھي. انسان جانور کان پنھنجي دماغي صلاحيتن جي ڪري مٿانھون آھي. ڊارون Darwin کانپوءِ جن محققن پنھنجا نظريا ڏنا، اھي پڻ ڊارون Darwin سان متفق ھئا، پر ھنن سندس نظرئي ۾ ڪجھ نون پھلوئن کي شامل ڪيو. جن مطابق انساني دماغ جانورن جي دماغ کان وڌيڪ پيچيدہ ۽ قابل آھي. اھو ئي سبب آھي جو انساني سوچ ۽ انھي تي ٿيندڙ عمل جانورن جي عمل کان بھتر آھي. باوجود انسانن جي دماغي صلاحيتن کي مڃڻ جي چارلس ڊارون آخر تائين پنھنجي نظرئي تي قائم رھيو ته انسان بنيادي طور جانور آھي.
پنھنجي نفساني خواھشن جي پورائي ڪرڻ لاءِ انسان وحشت ۽ درندگي ۾ جانورن کي به پوئتي ڪري ڇڏيو آھي. جانور پيٽ جي پورت ڪرڻ ۽ ساھ بچائڻ خاطر ويڙھ ڪري ٿو ۽ انسان پنھنجي نفساني خواھشات ۽ جنسي لذت جي پوارئي لاءِ ايترو ته انڌو ٿي ويندو آھي، جو معصوم ٻارن کي به نه ڇڏيندو آھي. انسان جيڪڏھن پنھنجي نفساني خواھشن کي قابو ڪري عقل کان ڪم وٺي ته انسان نه ته جانور کان به ابتر آھي. ڏوھ جا سڀ کان گھڻا ڪارڻ نفس ۽ ڪاوڙ آھن ۽ سڀ کان وڏي جنگ ڪاوڙ ۽ نفس تي قابو پائڻ آھي.
ماضي جي سماجياتي محققن پنھنجي تحقيق سان اھو ڄاڻايو ته ڏوھ جا ٻه ڪارڻ آھن، اڏاوتي (structural) ۽ عملي (processual) اڏاوتي نظريو ڏوهه کي معاشرتي اڏاوت سان منسوب ڪيو آھي. ھي نظريو بنيادي طور تي معاشري ۾ موجود انھن حالتن کي پڌرو ڪرڻ چاھي ٿو، جيڪي مجرمانه روين جي ٺھڻ جو سبب ٿين ٿيون. اڏاوتي نظرئي جو مقصد اھو معلوم ڪرڻ آھي ته مجرمانه رويو ڪھڙن معاشرتي عنصرن جي ڪري عمل ۾ آيو؟ ھو انھي سوال جو جواب گھڻو ڪري مجرمن جي جاگرافيائي ۽ سماجي پس منظر ۾ ڳوليندا آھن. مجرماڻن روين جو ٻيو ڪارڻ سماجيات جا ماھر عملي عنصرن مان معلوم ڪندا آھن. سندن تحقيقي جستجو جي پويان اھو سوال ھوندو آھي ته انسان مجرم ڪيئن ٿئي ٿو؟ مجرمانه ۽ غير مجرمانه روين جي سکيا ڪھڙي طريقي سان وٺي ٿو؟
ٻئي طرف علم نفسيات جي ماھرن ڏوھ جي ڪارڻ متعلق پنھنجي تحقيق کانپوءِ ھن نتيجي تي پھتا ته معاشرتي سبب نه بلڪه انسان جا پنھنجا رويا ھن کي مجرم ٺاھن ٿا. نفسيات جي ماھرن ڏوھي روين کي سمجھڻ لاءِ پنھنجي توجهه انھي تي مرڪوز ڪئي ته ڏوھي رويا ڪيئن ڌارجن ٿا، ڪيئن ڪيا وڃن ٿا، ۽ ڪيئن قائم رھن ٿا؟ ماھر نفسيات مطابق روين جي ٺھڻ ۾ سکيا جو وڏو ڪردار آھي. مجرمانا رويا غير مجرمانه روين روين وانگر سکيا وڃن ٿا. سکيا جي نفسيات جي ماھر (B. F. Skinner) مطابق ڪنھن رويي جو ٺھڻ ۽ قائم رھڻ انھي ڳالھ تي منحصر ڪري ٿو ته انھي رويي ظاھر ڪرڻ کانپوءِ کيس انعام ((reward مليو يا سزا (punishment). ساڳئي ريت adventure جي طور تي پھريون ڀيرو چوري ڪندڙ نوجوان کي جيڪڏھن چوري ڪرڻ کانپوءِ سزا نه ملي ته يقينن اھو نوجوان چوري ڪيل پئسن کي سندس رويي جو انعام سمجھندو ۽ ٻيھر به چوري ڪندو. ان جي ابتڙ پھريون ڀيرو ئي چوري ڪندڙ کي جيڪڏھن سخت سزا ملندي ته ھو انھي عمل کي سزا جي خوف کان بلڪل به نه دھرائيندو.
سماجي سکيا جي نفسياتي نظرئي مطابق انساني رويا ماحول مان ملندڙ سکيا جو نتيجو آھن. (Albert Bandura) 1973 ۾ پنھنجي سکيائي نظرئي ۾ (observational learning or modelling) جي سکيا جي عمل ۾ اھميت متعارف ڪرائي. (Albert Bandura) مطابق ھر انسان جي زندگي ۾ ننڍپڻ کان ڪي پسنديدہ شخصيتون والدين، استاد يا سوشل ميڊيا تي ڪم ڪندڙ اداڪار، گلوڪار وغيرہ ھوندا آھن. جيڪڏھن ڪو ٻار پنھنجي آئيڊيل شخصيت کي ڪاميابي سان چوري ڪندي ڏسندو ته يقينن ھو به ائين ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، پر اھو رويو مستقل رھندو يا نه انھي جو فيصلو انھي رويي جي انجام تي انحصار ڪري ٿو. (reward or punishment) اھا پسنديدہ شخصيت جيڪڏھن اھڙو عمل نه ڪري ۽ صرف پنھنجن لفظن سان ڪنھن عمل جي صحيح ھجڻ جي تصديق ڪري ته به قوي امڪان آھي ته سندن مداح اھو عمل ضرور ڪندو. مثال طور ڪنھن ٻار جو والد ٻار اڳيان ڪنھن کي اھو چئي ته دوکو ڏيڻ ھڪ صحيح عمل آھي ته ٻار به دوکي ڏيڻ کي جائز ۽ صحيح عمل سمجھندو.
سکيا کان علاوہ ڪو عمل، يا ڪا مادي شيءَ جيڪا انسان يا حيوان لاءِ تمام گھڻي اھم آھي ۽ ماضي ۾ جنھن عمل سان کيس انعام حاصل ٿيو ھجي. انھي کي ادا ڪرڻ ۾ رڪاوٽ يا حاصل نه ڪري سگھڻ به ڪنھن انسان کي اھا مايوسي (frustration) مجرم ٺاھڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي. اھڙي صورتحال ۾ سندن رويو وڌيڪ طاقتور ۽ ڪاوڙ وارو ٿي ويندو آھي. جانور نتيجي طور چڪ ۽ رھنڊو پائيندا آھن ۽ انسان ڪاوڙ ۾ بلڪل بي قابو ٿي ويندو آھي. ڪيترائي قتل ۽ خوني حملا انھي جي نتيجي ۾ ظاھر ٿيندا آھن. اڪثر سوشل ميڊيا ذريعي اسانکي معلوم ٿيندو آھي ته ڦورن سان مزاحمت دوران ڪو شخص قتل ٿي ويو. دراصل انھي چور يا ڦورو جي خواھش انھي شخص کي قتل ڪرڻ نه بلڪه اھو مال پئسا يا سون وغيرہ ھو جنھن کي حاصل ڪرڻ جي رستي ۾ ايندڙ کي ھن قتل ڪري ڇڏيو. ماھر نفسيات ھن عمل کي ھن ريت سمجھايو آھي. خواھش ۾ رڪاوٽ-مايوسي= ڪاوڙ.
ڪاوڙ (Aggression) ڪنھن به اھڙي عمل کي چئجي ٿو، جنھن ۾ ڪو انسان ٻئي انسان کي جسماني يا سماجي نقصان پھچائڻ، يا ڪن صورتن ۾ تباھ ڪرڻ چاھيندو آھي. ڪاوڙ جا ٻه قسم آھن. قسمن جي ورڇ انھي ڪاوڙ سان لاڳاپيل مقصدن ۽ انھن سان وابسته انعامن جي بنياد تي ڪئي وئي آھي. ڪاوڙ جو سبب ڪن مادي شين مثال طور زيور يا پئسن وغيرہ حاصل ڪرڻ جي راھ ۾ رڪاوٽ جي ڪري ايندي آھي. ھن ڪاوڙ کي ھٿياربند جارحيت (Instrumental Aggression) چئبو آھي. ڪاوڙ جو ٻيو قسم ڪنھن انسان جي ٻئي انسان سان ذاتي يا سماجي دشمني جي ڪري ٿيندي آھي، ڪاوڙ ڏياريندڙ اھڙيون حالتون جنھن ۾ ڪنھن انسان کي پنھنجي بيعزتي تذليل، جسماني تشدد يا ڪا ذاتي ناڪامي محسوس ٿئي. ھن قسم جي ڪاوڙ جنھن کي دشمني جي جارحيت (Hostile Aggression) چئبو آھي. تنھن جو سبب ٿي سگھن ٿيون. ڪاوڙ جو مقصد انھن حالتن جي ذميدار کي نقصان پھچائڻ ھوندو آھي. قتل، زنا ۽ ٻين ڪيترن ئي بي رحمانا ڏوھن جو سبب انھي قسم جي ڪاوڙ ھوندي آھي. انسان جيڪڏھن پنھنجن منفي جذبن گھڻي ڪاوڙ، نفرت، وڏائي ۽ نفساني خواھشن کي قابو ڪري، درگذر ڪري، پيار ۽ محبت ڪرڻ وارو ٿئي ته ھيءَ دنيا امن جي دنيا ٿي ويندي. رياستن جا امير ڏوھ کي عدل ۽ انصاف سان ۽ مادي شين جي برابري سان ورڇ ڪرڻ سان ختم ڪري سگھن ٿا. ڪو به انسان پيدائشي مجرم ناھي ھوندو. زندگي جون ذاتي، معاشي ۽ سماجي حالتون انسان کي رحمدل کان بي رحم ٺاھن ٿيون.
***

