سمرقند
قسط ٻاويهين
ترجمو: زاهده ابڙو
ان شام اصفهان کان ايندڙ هوائن ۾ زردالن جي ڏاڍي تکي مهڪ هئي. پر رستا ڪيڏا بيجان هئاٰ! خيام پنهنجي رصدگاهه ۾ پناهه ورتي عام طور تي سندس لاءِ ايترو ئي ڪافي هوندو هو ته هو اندر داخل ٿئي، آسمان ڏانهن ڏسي ۽ اصطرلاب جي درجه وار دائرن کي آڱرين سان محسوس ڪندي دنيا جون سڄيون پريشانيون ختم ٿي وينديون هيون- پر هن ڀيري نه- تارا گهٽ هئا، ڪا موسيقي نه هئي. ڪو آواز ڪو راز نه هو، عمر کين جلدي ڪرڻ لاءِ نه چيو ڇو ته سندن خاموش رهڻ جو وٽن ڪو نه ڪو سبب ته ضرور هوندو- هن واپس گهر وڃڻ جو فيصلو ڪيو- هو هوريان هوريان هلي رهيو هو. هٿ ۾ لڪڻ جهلي، جيڪو ڪيڏي ڪيڏي مهل ڪنهن گاهه جي ڇُڳي سان وڃي ٿي ٽڪرايو، يا ڪنهن ضدي ٽاريءَ سان-
هاڻي هو خواب گاهه ۾ بتيون وسائي ليٽيل هو، سندس ٻانهون هڪ خيالي جهان جي چوڦير مايوسي جي عالم ۾ ويڙهيل هيون، سندس اکيون ڏک ۽ مئخوريءَ سبب ڳاڙهيون هيون. کاٻي پاسي فرش تي گگيءَ مٿان هڪ چانديءَ جو پيالو رکيو هو. جنهن سان آهستي آهستي ٿڪل ٽٽل هٿ سان سحر زدگي جي عالم ۾ ڊگها ڊگها، فڪر ۾ ٻڏل ڍُڪ ٿي ڀريائين- سندس چپن ۾ ڀڻڪو هو، جهان سان، نظام سان، پر سڀ کان وڌيڪ خدا سان- ان کانسواءِ ڪير هو جو سندس وکرندڙ ڪائنات کي يڪجا ڪري ٿي سگهيو؟
صبح ٿيڻ وقت وڃي، ٿڪل ۽ ڏکويل ذهن سان، عمر پنهنجو پاڻ کي آخرڪار ننڊ حوالي ڪيو- هو ڪيترا ڪلاڪ ستو هوندو؟ پيرن جي آواز تي سندس ننڊ ٽٽي پئي، سج ڪافي چڙهي آيو ۽ ڏاڍو تيزيءَ سان مٿي چڙهندو ٿي آيو، جو عمر کي پنهنجي اکين جي اڳيان ڇانو ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيائين- دروازي جي رستي ۾ هن ماڻهوءَ کي سڃاڻي ورتو، جنهن جي پرشور آمد سندس ننڊ ۾ خلل وڌو هو- هو هڪ مڇن وارو ٿلهو متارو ماڻهو هو. سندس هٿ تلوار کي مياڻ اندر ائين ٿڦڪي ڏئي رهيو هو جيئن ماءُ پنهنجي ٻار کي سمهارڻ لاءِ ٿڦڪي ڏيندي آهي- سندس مٿي تي گهري سائي پڳ ٻڌل هئي ۽ ڪلهن تي ”نظاميه“ جي ڪنهن عملدار وارو بنا ٻانهن جي ننڍڙو بخمل جو ڪوٽ پاتل هئس-
”تون ڪير آهين؟“ خيام اوٻاسي ڏيندي چيو-
”منهنجي ننڊ ۾ خلل وجهڻ جو حق توکي ڪنهن ڏنو؟“
”ڇا سرڪار مون کي ڪڏهن نظام الملڪ سان گڏ ناهي ڏٺو؟ مان سندس محافظ هوندو هئس، سندس پاڇو- مون کي ورطان آرميني چوندا آهن-“
هاڻي عمر کي ياد آيو، پر کيس ذري به تسلي نه ٿي- کيس ائين لڳو ڄڻ سندس ڪنڌ کان وٺي پيٽ تائين ڪا ٻوري وٽي پئي وڃي- ان جي باوجود، جيڪڏهن هو خوفزده هو، ته هو ظاهر نه پيو ڪرڻ چاهي-
”تو چيو سندس محافظ ۽ پاڇو- ته کيس قاتل کان بچائڻ تنهنجو ڪم هو؟“
”پاڻ مون کي پري رهڻ جو حڪم ڏنو هئائين- هر ماڻهو کي خبر آهي ته هن ائين مرڻ ٿي چاهيو-
”مان هڪ قاتل جو قصو ختم ڪري ڇڏيان هان ۽ ان جي جاءِ تي ٻيو اچي پهچي ها- پنهنجي آقا ۽ ان جي قسمت جي درميان منٿ ميڙ ڪرڻ وارو مان ڀلا ڪير ٿي ٿي سگهيس؟“
”توکي ڇا گهرجي؟“
”ڪلهه رات، اسان جا سپاهي خاموشي سان اصفهان ۾ داخل ٿي ويا شهر جي حفاظت لاءِ جيڪا فوج متعين هئي، اُها اسانجي تائيد ۾ اسان سان شامل ٿي وئي- سلطان برڪيارُق کي آزاد ڪرايو ويو آهي ۽ اڄ کان هي شهر هن جو آهي-“
خيام تير وانگر سڌو ٿي ويٺو-
”جهان!“
اها هڪ رڙ ۽ درد سان ڀريل سوال ٻئي هئا- ورطان هڪ لفظ به نه ڪڇيو- سندس پريشان ڪيفيت سندس سپاهياڻي ڏيک ويک جي ابتڙ نظر اچي رهي هئي- عمر کي محسوس ٿيو ته هو سندس اکين ۾ هڪ جناتي اعتراف پڙهي ٿي سگهيو- آفيسر ڀڻڪيو:
”مان سچ پچ کيس بچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ ٿي چاهي- مان عالي مقام خيام جي خدمت ۾ پيش ٿي ڪيترو فخر محسوس ڪيان هان، سندس اهليه کي وٽس صحيح سلامت پهچائي! پر اتي دير سان پهتس- سپاهين سڄي محل وارن جو قتلِ عام ڪري ڇڏيو هو-“ عمر مٿس اُلر ڪري هڪ زوردار ٺونشو هنيو، پر هو کيس چورڻ کان به معذور رهيو-“
”۽ تون مون کي اهو ٻڌائڻ جي لاءِ هتي آيو آهين!“
آفيسر هٿ تلوار تي ئي رهڻ ڏنو، پر اُن کي بي مياڻ نه ڪيو- هن ڏاڍو سڪون سان چيو:
”مان ته بلڪل ٻئي سبب کان آيو هئس- ”نظاميه جي عمال توهان جي موت جو فيصلو ڪيو آهي- جڏهن ماڻهو شينهن کي زخمي ڪري ته چوندا آهن، بهتر اهو ئي آهي ته سندس ڪم تمام ڪجي- اوهان جي قتل جي ذميواري مون پنهنجي سِر کنئي-“
خيام ڪنهن قدر پُرسڪون ٿي ويو- هو آخري گهڙيءَ تائين پنهنجي عزت ۽ احترام قائم رکندو- ڪيترن عارفن ۽ داناءَ ماڻهن انساني ڪيفيت جي ان بلنديءَ تائين رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجون سڄيون زندگيون وقف ڪري ڇڏيون هيون!
هن پنهنجي لاءِ جيئندان نه گهريو، ان جي برخلاف کيس هر پل پنهنجي خوف ۾ گهٽتائي محسوس ٿي ۽ هن هر شئي کان بالاتر ٿي جهان جو تصور ڪيو- کيس ذرو برابر به شڪ نه هو ته هن به پنهنجي عزت قائم رکي هوندي-
”مان پنهنجي زال کي مارڻ وارن کي ڪڏهن معاف نه ڪيان هان- مان پوري زندگي سندن دشمن رهان ها، ۽ کين سڄي زندگي ان جا چار ٽڪر ڪرڻ جو خواب ڏسان ها! تون مون کان پنهنجي جان ڇڏائڻ ۾ حق تي آهين!“
”اها منهنجي راءِ ناهي، آقا- اوهانجي قسمت جو فيصلو پنجن عمالن جي ذمي هو- منهنجا سڀ ساٿي اوهان جي موت جا خواهان هئا، اڪيلي مون ئي ان جي مخالفت ڪئي-“
”تو غلطي ڪئي- تنهنجا ساٿي وڌيڪ عقلمند ٿا لڳن-“
”مون اڪثر اوهان کي نظام الملڪ سان گڏ ڏٺو هو- اوهان ٻئي ويهي پيءُ پٽ وانگر گفتگو ڪندا هئا، اوهان وٽ سندن محبت ۾ ڪا ڪمي نه آئي، اوهان جي اهليه جي سازشن جي باوجود- جيڪڏهن اڄ هو هتي هجي ها، ته هو اوهان کي اها سزا هرگز نه ڏئي ها- هو کيس معاف ڪري ڇڏي ها، اوهان جي خاطر“
خيام پنهنجي ملاقاتيءَ تي هڪ گهري نظر وڌي، ڄڻ بس هاڻي هاڻي کيس سندس موجودگي جو احساس ٿيو هجي-
”جيڪڏهن تون منهنجي موت جي خلاف هئين، ته انهن تو کي منهنجي قتل ڪرڻ لاءِ هتي ڇو موڪلرايو؟“
”مون خود پنهنجو پاڻ کي پيش ڪيو- ٻين اوهان کي واقعي قتل ڪري ڇڏيو هجي ها، پر مون اوهان کي زنده ڇڏڻ جو ارادو ڪيو هو- ائين نه هجي ها ته مان ائين بيٺو اوهان سان ڳالهيون نه ڪيان ها؟“
”۽ تون پنهنجن ساٿين کي ڇا ٻڌائيندين؟“
”مون کي ڪجهه ٻڌائڻ جي ضرورت ئي ناهي- مان فرار ٿي ويندس- مان اوهان جي پٺيان پٺيان ايندس-“
”تون اهو سڀ ايتري سڪون سان چئي رهيو آهين ڄڻ اهو ڪو پراڻو فيصلو هجي-“
”اها ئي حقيقت آهي، مان جذبات ۾ اچي عمل ناهيان ڪندو، مان نظام الملڪ جو سڀ کان وفادار خادم هئس- منهنجو مٿس اعتقاد هو- جيڪڏهن خدا جي مرضي هجي ها، ته مان کيس بچائڻ لاءِ پنهنجي جان قربان ڪري چڪو هجان ها- انهيءَ جي باوجود، زمانو پهرين مون فيصلو ڪيو هو ته جيڪڏهن منهنجو آقا نه رهيو ته نه مان سندن پٽن جي خدمت ڪندس، نه وري سندس وارثن جي ۽ هميشه هميشه لاءِ تلوار بازيءَ جو پيشو ڇڏي ڏيندس- سندس موت وارين حالتن مون کي انهيءَ کي هڪ ڀيرو ٻيهر استعمال ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي- ملڪ شاهه جي قتل ۾ منهنجو هٿ هو ۽ مون کي ان تي ڪو پڇتاءُ ناهي: هن پنهنجي اطاليق سان، پنهنجي ”اَتا“ سان، ان ماڻهوءَ سان، جنهن کيس بلندين تائين رسايو، غداري ڪئي، ان لاءِ هو ان قابل ئي هو ته کيس ماريو وڃي- مون کي قتل ڪرڻو ئي پيو، پر ان ڳالهه مون کي قاتل ناهي بڻايو- مون ڪڏهن ڪنهن عورت جو خون ناهي وهايو، ۽ جڏهن منهنجن ساٿين خيام کي مجرم قرار ڏنو، ته مون سمجهي ورتو ته کانئن جدا ٿيڻ جو وقت اچي ويو آهي، پنهنجي زندگيءَ کي تبديل ڪرڻ جو، هڪ راهب يا هڪ معمولي شاعر ٿيڻ جو- آقا، اگر اوهان چاهيو ته ڪجهه شيون جمع ڪري وٺو، ۽ اسان ٻئي هن شهر کان جيترو جلد ممڪن ٿي سگهي، نڪري هلون-“
”ڪيڏانهن وڃڻ لاءِ؟“
”جيڪا راهه اوهان چاهيندا، ان تي نڪري پونداسين مان هر جاءِ تي اوهان جي پٺيان پٺيان هوندس، هڪ چيلي وانگر، ۽ منهنجي تلوار اوهان جي حفاظت ڪندي- جڏهن هي هنگامو ختم ٿيندو، اسين واپس موٽي اينداسين-“
جڏهن آفيسر سواريون تيار ڪري رهيو هو، عمر جلدي جلدي پنهنجا قلمي ڪتاب جمع ڪيا، پنهنجو قلمدان، گگي ۽ سونن سڪن سان ڀريل ٿيلهي-
اهي گهوڙن تي سوار سڌا اصفهان جي نخلستان مان ”مربين“ جي اوسي پاسي ۽ اتان کان اوڀر طرف ويا، متعدد سپاهين جي دخل اندازي کان بي فڪر- ورطان جو هڪ لفظ ئي ڪافي ٿي ٿيو ۽ دروازو کلي ٿي ويو ۽ پهري تي بيٺل سپاهي با ادب هڪ طرف هٽي ٿي ويا، ورطان کي پيش ٿيندڙ اها غلامانه عطا عمر جي تجسس کي اڀارڻ کان بغير رهي نه سگهي، جنهن بهرحال پنهنجي ساٿيءَ کان پڇا ڳاڇا ڪرڻ کان پرهيز ڪئي، في الوقت مٿس ڀروسو ڪرڻ کانسواءِ هن وٽ ٻيو ڪو حيلو نه هو-
کين نڪرندي مشڪل سان اڃا ڪلاڪ ٿيو هوندو ته هڪ بي قابو هجوم خيام جي گهر ڦُرلٽ ڪرڻ لاءِ ۽ باهه لڳائڻ لاءِ پهچي ويو- ٻنپهرن جي ختم ٿيڻ تائين هنن سندس رسدگاهه کي تهس نهس ڪري ڇڏيو هو، ٺيڪ انهيءَ وقت جهان جي مرده جسم کي توت جي وڻ هيٺان جيڪو محل جي باغ جي پاسي ۾ دفن ڪيو ويو-
هن تي ڪوبه ڪتبو نه هوندو جيڪو ايندڙ نسلن کي سندس مدفن جو پتو ڏئي سگهي-
مخطوطهءِ سمرقند مان تمثيل:
”ٽي دوست ايران جي بلند زمين واري حصي تي چهل قدمي ڪري رهيا هئا، هڪ چيتي پنهنجي سڄي خونخواريءَ سان مٿن ٽپ ڏنو-“
”خونخوار چيتو گهڻي دير تائين ٽنهي کي ڏسندو رهيو پوءِ انهن ڏانهن وڌيو-“
”پهريون سڀ کان وڏو سڀ کان مالدار ۽ سڀ کان وڌيڪ طاقتور هو- هن رڙ ڪري چيو: مان هنن علائقن جو مالڪ آهيان، مان هڪ جانور کي به هيءَ زمين تباهه ڪرڻ نه ڏيندس، جيڪا منهنجي ملڪيت آهي،“ ساڻس گڏ ٻه شڪاري ڪتا هئا- هن انهن کي چيتي مٿان کولي ڇڏيو- ڪتا ڪنهن نه ڪنهن طرح چيتي کي زخمي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، پر ان سان سندس طاقت وڌي وئي. اهو مٿن غالب اچي ويو. سندن مالڪ مٿان اُڇل ڏئي آيو ۽ چيري ڦاڙي سندس آنڊا ٻاهر ڪڍي ڇڏيائين-
”سو اهڙي نظام الملڪ جي قسمت هئي-“
”ٻئي ماڻهو خيال ڪيو: ’مان علم جو صاحب آهيان هر شخص منهنجي تعظيم ۽ تڪريم ڪري ٿو- منهنجي قسمت جو فيصلو ڪتا ۽ چيتو ڪيئن ڪندا؟ هن پنهنجو پڇ اندر ويڙهيو ۽ ويڙهه جو خاتمو ڏسڻ بنا ئي اتان وٺي ڀڳو، اهو ڏينهن ۽ اڄ جو ڏينهن آهي هو هڪ غار کان ٻئي ۾، هڪ جهوپڙيءَ کان ٻي جهوپڙيءَ ۾ گهمندو وتي، انهيءَ يقين سان ته وحشي جانور هميشه سندس پٺيان لڳو پي آيو-
”سو عمر خيام جي قسمت ائين هئي“
”ٽيون هڪ اعتقاد وارو مرد- هو چيتي ڏانهن خالي هٿن سان وڌيو حاڪماڻي انداز ۾ ۽ ڏاڍي بلاغت وارن لفظن سان چيائين، ”هي علائقا توکي ڀليڪار چون ٿا- منهنجا ساٿي مون کان وڌيڪ امير هئا، ۽ تو انهن کي ڦُري ۽ لُٽي ڇڏيو- هو مون کان وڌيڪ مغرور هئا ۽ تو کين ذليل ۽ خوار ڪري ڇڏيو-“ جانور ٻڌندو رهيو، خوشامد تي نرم ٿي ويو- انسان کي چيتي تي فوقيت حاصل ٿي وئي، ۽ هن کيس رام ڪري ورتو- ان وقت کان وٺي ڪنهن چيتي ان طرف پيش قدمي جي جرئت نه ڪئي ۽ ماڻهو به کانئس پري ئي رهندا هئا-“
مخطوطو (هٿ سان لکيل ڪتاب) انهن لفظن تي ختم ٿو ٿئي: ”جڏهن هنگامن جو وقت آيو ته ڪوبه سندس رستو نه روڪي سگهيو، ڪوبه کانئس ڀڄي نه سگهيو، پر ڪن ان جو فائدو ورتو- حسن صباح، ڪنهن ٻئي جي مقابلي ۾، دنيا جي خونخواريءَ کي وڌيڪ بهتر انداز سان تربيت ڏيڻ ڄاڻندو هو- پنهنجي الاموت واري قلعي ۾ پنهنجي لاءِ ٿورڙي سڪون خاطر، هن پنهنجي چئني طرفن خوف ۽ هراس پکيڙي ڇڏيو-
قلعي کي پنهنجي قبضي ۾ وٺندي ئي حسن صباح اهي قدم کنيا جن سان اطمينان ٿي وڃي ته ٻاهر جي دنيا سان سندس سڀ رابطا ڪٽجي چڪا آهن. سڀ کان وڏي ضرور ان ڳالهه جي هئي، ته قلعي تائين ٻاهر وارن جي رسائي کي ناممڪن بڻايو وڃي. ٿورڙي تعمير جي هنرمنديءَ سبب ٻن پهاڙين جي وچ ۾ ننڍن ننڍن غارن جي ناڪابندي ڪري هن غير معمولي صلاحيت واري جڳهه کي اڃا وڌيڪ سازگار بڻائي ڇڏيو-
ان جي باوجود اهي سڄا مضبوطيءَ وارا قدم سندس خيال کان ناڪافي هئا، جيڪڏهن حملو ڪرڻ ناممڪن هو تڏهن به گهيرو ڪرڻ وارا کيس بُک ماري ۽ پاڻي بند ڪرڻ جي توقع ڪري سگهن پيا. ڪيترائي گهيراءُ اهڙيءَ ريت ختم ٿي ٿيا، الاموت خاص طور تي انهيءَ سلسلي ۾ نقصان رسائڻ قابل هو، ڇو ته وٽس پيئڻ جي پاڻي جا وسيلا تمام محدود هئا- حاڪمِ اعليٰ بهرحال ان جو حل به ڪڍي ورتو هو، ويجهن ندين کان پاڻي حاصل ڪرڻ بجاءِ، هن جبلن جي زمين هيٺ حوض ۽ نهرن جو هڪ وڏو ۽ موثر ڄار کوٽرايو هو، جنهن ۾ مينهن ۽ پگهرندڙ برف جو پاڻي جمع ٿي سگهي- ان کنڊر ۽ ٽُٽل ڦٽل جاءِ جو سير ڪرڻ وارو اڄ به ان ڪشادي ڪمري کي جيڪو حسن جو مسڪن هو، اڄ به ان طلسماتي پاڻيءَ جي حوض کي تحسين آميز تعجب سان ڏسي سگهي ٿو. جيڪو خود بخود ايتري پاڻيءَ سان ڀرجي ويندو هو، جيترو ان مان خرچ ڪيو ويندو هو ۽ ان ذهانت کي داد ڏيڻ گهرجي، جو اهو پنهنجي ڪنارن کان ڪڏهن به نه ڇلڪندو هو-
کائڻ پيئڻ جي سامان جي ذخيره اندوزيءَ لاءِ حاڪمِ اعليٰ کائڻ وارو تيل، سِرڪي ۽ ماکيءَ جا ڌار ڌار کڏا ٺهرايا، ان کان سواءِ رِڍن جي چرٻي ۽ سُڪل ميوو ڪافي ۽ شافي مقدار ۾ ذخيرو ڪيو ته جيئن مڪمل رسد جي قطع ٿيڻ جي صورت ۾ به کائڻ پيئڻ جي سامان ۾ ڪمي نه اچي ۽ اهو سڀ ڪنهن به محاصري ڪرڻ واري جي صلاحيت کان وڌيڪ هو، خاص طور هڪ اهڙي علائقي ۾ جتي سيءَ ڏاڍا ظالم ٿي ٿيا-
ائين حسن وٽ فتح نه ٿيڻ جهڙي ڍال تيار ٿي وئي- ائين چئي سگهجي ٿو ته وٽس آخري دفاعي هٿيار هو- ۽ پنهنجن جانباز قاتلن جي شڪل ۾ اوترا ئي حتمي جارحانه هٿيار به هئا- اهڙي ماڻهوءَ خلاف، جيڪو پنهنجي جان ڏيڻ جي لاءِ تيار هجي، آخر ڪهڙي حفاظتي تدبير اختيار ڪري سگهجي ٿي؟ هر حفاظتي تدبير جو دارومدار روڪٿام تي هو، ۽ اسان کي خبر آهي ته اهم شخصيتن جي اوسي پاسي ڏاڍو بارعب حفاظتي دستو هوندو آهي، جنهن جو ڪم ان ممڪنه قاتل جي دل ۾ اٽل موت خلاف خوف پيدا ڪرڻ هو- پر هاڻ ان جو ڇا ڪجي جيڪو حملا آور مرڻ کان خوفزده ئي نه هجي، ۽ ان ڳالهه تي يقين رکندو هجي ته شهادت جنت جي حاصل ڪرڻ جو تمام ننڍڙو رستو آهي؟ جيڪڏهن هن پنهنجي ذهن ۾ پنهنجي واعظ جا اهي لفظ ته ”تون هن دنيا لاءِ نه پر ايندڙ دنيا لاءِ ٺهيو آهين- ڇا ڪنهن مڇيءَ کي ان ڳالهه جو خوف ٿيندو ته کيس ڪو سمنڊ ۾ اڇلائڻ جي ڌمڪي ڏئي؟“ نقش ڪري ڇڏيا هجن ته پوءِ؟ ۽ ان سبب قاتل شڪاريءَ جي ساٿين ۾ وڃي ويٺو هجي ته پوءِ؟ کيس باز رکڻ لاءِ ته ڪجهه به نٿو ڪري سگهجي- ”مان سلطان جي مقابلي ۾ گهٽ طاقت رکان ٿو، پر مان توهان کي ان کان وڌيڪ نقصان پهچائي سگهان ٿو،“ حسن هڪ ڏينهن هڪ صوبي جي واليءَ کي خط لکيو هو-
جيتوڻيڪ جنگ جا ايترا ڪارگر هٿيار ٺاهڻ کانپوءِ جن جو رڳو تصور ڪري سگهجي ٿو، حسن صباح پنهنجي قلعي ۾ مضبوطيءَ سان ويهي رهيو ۽ ڪڏهن ٻاهر نه نڪتو، سندس زندگيءَ جو احوال لکڻ وارا ته ايستائين چون ٿا ته زندگي جي آخري ٽيهن سالن ۾ هو صرف گهر کان ٻاهر ٻه دفعا نڪتو ۽ ٻنهي ڀيري ڇت تي چڙهڻ لاءِ! صبح شام هو اتي ئي هوندو هو، تڏي تي گوڏا کوڙيو ويٺو هوندو هو، جيڪو گهڻي استعمال سبب گسي ويو هو، پر جنهن کي ڇڏڻ جي يا مرمت ڪرائڻ جي به ڪڏهن سندس خواهش نه ٿي- هو پڙهائيندو هو، لکندو هو، پنهنجن قاتلن ۽ پنهنجن دشمنن کي پٺيان لڳائندو ۽ ڏينهن ۾ پنج ڀيرا ان تڏي تي نماز پڙهندو هو. انهن ماڻهن سان به جيڪي ان وقت ساڻس ملڻ آيا هوندا هئا- انهن جي اطلاع لاءِ جن کي الاموت جي شرابخانن جو سير ڪرڻ جو ڪڏهن موقعو نه مليو، اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته ان مقام کي ايتري تاريخي اهميت حاصل نه ٿئي ها، جيڪڏهن اهو ايترو ناقابل پهچ نه هجي ها، يا جيڪڏهن پهاڙ جي چوٽيءَ جي سطح ايتري ڪشاده نه هجي ها جو هڪ شهر، يا گهٽ ۾ گهٽ هڪ وڏي ڳوٺ جي ضرورت جي ڪفالت ڪري سگهي- حشاشين جي زماني ۾، ان تائين پهچڻ جو رستو اوڀر طرف هڪ سوڙهي سُرنگ جيڪا هيٺ قلعي ۾ کُلي ٿي، جتي منجهائيندڙ رستن جو سلسلو به ۽ ڀت سان لڳو لڳ ننڍا ننڍا گاري جا ٺهيل گهرڙا، مٿي قلعي تائين رسائيءَ لاءِ ميدان، هڪ ڊگهي چوڪ کي پار ڪرڻو ٿي پيو، جيڪو سڄي جماعت لاءِ واحد اجتماع جي جاءِ هئي- هي هڪ بوتل جي شڪل وانگر هو، جيڪا پاسيري پيل هجي، اهڙيءَ ريت جو سندس ويڪرو هيٺيون حصو اوڀر طرف ۽ ان جي ڳچي اولهه طرف جيستائين ان جي سوڙهي ڳچي جو تعلق آهي، اها هڪ راهداري هئي، جنهن تي تمام سخت پهرا هوندا هئا، ۽ ان جي سِري تي حسن جي قيام گاهه هئي، جنهن جي واحد دري هڪ کسڪندڙ لاهي جهڙي پهاڙي تي کُلي ٿي، هي هڪ قلعي اندر قلعو هو. انهن ڏسڻ جهڙن قتلن ذريعي جيڪي سندس حڪم تي عمل ۾ آيا، ۽ انهن راويتن جي ذريعي جو سندس فرقي وارن ۽ سندس قلعي بابت پکڙيون، حاڪمِ اعليٰ اوڀر ۽ اولهه کي هڪ ڊگهي عرصي تائين دهشت ۾ گرفتار رکيو، هر مسلمان شهر ۾ بلند مرتبي وارا آفيسر ماريا ويا، ۽ خود صليبي جنگين کي به پنهنجي هڪ ٻن اعليٰ آفيسرن جو ماتم ڪرڻو پيو- ان هوندي به گهڻو ڪري اهو وساريو ٿي ويو ته اهو دهشت جو گهر اصل ۾ الاموت هو-
تشدد پسند نيڪوڪاريءَ جي راڄ کان بدتر راڄ ڪهڙو ٿو ٿي سگهي؟ معلمِ اعليٰ پنهنجي پوئلڳن جي زندگيءَ جي هر هر لمحي تي نگرانيءَ واري اک رکڻ ٿي چاهي- هن موسيقيءَ جي سڀني اوزارن جي جهل ڪري ڇڏي، کيس جيڪڏهن حقي جو نڙ به نظر ٿي آيو ته هن سڀني جي سامهون ان کي باهه ۾ ساڙي ٿي ڇڏيو، اصول ڀڃڻ وارن کي زنجير ٿي وڌائين، ۽ چهبڪن سان چڱي خاصي تواضع ٿي ڪيائين- نشيدار شين ۽ شراب جي سزا ان کان به ڪڙي هئي- حسن کي جڏهن پنهنجو پٽ هڪ شام مدهوش نظر آيو ته اتي بيٺي بيٺي کيس موت جي سزا ڏئي ڇڏيائين، ٻئي ڏينهن صبح ماءُ جي لک منٿن باوجود سندس سِر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويو ته جيئن ٻيا عبرت حاصل ڪن- ڪڏهن ڪنهن شراب جو هڪ ڍُڪ پيئڻ جي همت نه ڪئي-
الاموت جو عدل ۽ انصاف، رعايت ۽ گهٽتائيءَ سان به جيڪڏهن چيو وڃي، گهٽ درجي جي ڳالهه به ڪئي وڃي ته: تمام جلد يا عجلت وارو- چيو وڃي ٿو ته هڪ ڏينهن قلعي ۾ ڪنهن ڏوهه جو ارتڪاب ڪيو ۽ هڪ شاهد حسن جي ٻئي پٽ تي ان جي تهمت لڳائي- حقيقت جي تصديق جي ڪوشش ڪرڻ بنا ئي حسن سندس سِر به ڌڙ کان ڌار ڪرائي ڇڏيو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اصلي مجرم جرم جو اعتراف ڪيو، ان جو به ڌڙ سِسي کان ڌار ڪيو ويو-
سندس زندگي جو احوال حاڪمِ اعليٰ جو پنهنجن پٽن سان ان سلوڪ جو ذڪر، زن سختي ۽ غير جانبداري جي مثال طور ڪن ٿا، اهي ڌيان ڇڪرائڻ چاهين ٿا ته جيڪڏهن الاموت نيڪي ۽ اخلاقيات جو مقام بڻجي ويو ته ان جو سبب اهي ئي مثالي اصول هئا، ۽ انهن تي آساني سان يقين ڪري سگهجي ٿو، ان هوندي به ڪيترن ذريعن کان اسان کي ان ڳالهه جو پتو پوي ٿو ته موت جي سزا کان ٻئي ڏينهن حسن جي واحد زال ۽ ڌيئرون سندس اقتدار جي خلاف دعوت ۾ اٿي بيٺيون ۽ هن کين الاموت کان ٻاهر ڪڍڻ جو حڪم ڏنو ۽ صلاح ڏني ته سندن وارث به مستقبل ۾ ائين ئي ڪندا ته جيئن عورتن کي پنهنجن صحيح فيصلن مٿان دٻاءُ وجهڻ کان محفوظ رکي سگهن-
پنهنجو پاڻ کي دنيا کان غائب ڪري ڇڏڻ، پنهنجي اردگرد خلا پئدا ڪرڻ، پٿر ۽ خوف جي ديوارن ۾ قيد رهڻ- حسن صباح جي ديوانه خوابن جو ڪجهه اهو ئي رنگ هو-
تڏهن به ان خلا آهستي آهستي سندس ساهه گهُٽڻ شروع ڪيو- بيحد طاقتور بادشاهه مسخرا ۽ سٺي شڪل صورت وارا ڇوڪرا رکندا آهن ته جيئن ان ڳنڀير ماحول جي جان وٺندڙ شدت کي ڪجهه گهٽ ڪري سگهن، جيڪي کين گهيريو ويٺي هوندي آهي- دوڏن نڪتل ماڻهو ناقابل علاج طور اڪيلو هو، پنهنجي قلعي جي ديوارن ۾ قيد، پنهنجي گهر ۾ قيد، خود پنهنجي لاءِ به بند- ڳالهائڻ لاءِ وٽس ڪير به نه هو، جيڪڏهن هو ته سندس مطيع رعايا، بي زبان خادم ۽ هيبت زده شاگرد هئا-
هو جيترن به ماڻهن کان واقف رهيو هو انهن مان بس هڪ ئي اهڙو هو جنهن سان هو اڃا به ڳالهائي ٻولهائي سگهيو پي، دوست جي حيثيت سان نه صحيح گهٽ ۾ گهٽ انسان جي حيثيت سان ته ڳالهه ٻولهه ڪري سگهيو ٿي، ۽ اهو عمرخيام هو، جيتوڻيڪ هن هڪ خط لکيو هو جنهن ۾ مايوسي گهمنڊ جي پردي پٺيان لِڪل هئي: ”هڪ مفرور وانگر زندگي گذارڻ بجاءِ تون الاموت ڇو نٿو هليو اچين؟ تو وانگر مان به جبر جو نشانو بڻيو آهيان، پر اڄ مان آهيان جو ظلم ۽ ستم ڪيان پيو- تون هتي محفوظ رهندين، تنهنجو خيال رکيو ويندو ۽ عزت ڪئي ويندي- ڪو امير تنهنجو وار ونگو نه ڪري سگهندو- مون هڪ تمام وڏو ڪتب خانو جمع ڪيو آهي، جتي توکي تمام ناياب ڪتاب ملندا ۽ آرام سان لکي پڙهي سگهندين- هن جاءِ تي توکي سُڪون ميسر ايندو-“
***

