ادبنئون

ڊائري جا ورق

15 مارچ، 2002

اسان جو خاندان هڪ خالص زراعتي خاندان آهي، ڏاڏا پڙ ڏاڏا هاري هئا، سئو سال اڳ لاڙ مان بُک کان بيزار ٿي حيدرآباد آيا ته هتي به پوکي راهي سان لاڳاپيل رهيا. حيدرآباد جي حسين ترين ۽ اهم ترين علائقو ٻنهي تاريخي وهڪرن، ڦليلي ۽ پڃاري جي ڪنارن سان. ڍولڻ درس پارڪ، ٽنڊو يوسف کان ڪاري موري تائين، باغن، پارڪن ۽ ٻنين جا ساوڪن سان سٿيل سرسبز نظارن وارن علائقن ۾ زندگي گذاري. خوشبوئن ۽ صحت بخش هوائن ۾ هي علائقو اهم تفريحي مقام هوندو هو. اسانجو ڏاڏو هتي جي هڪ وڏي ذات ڀائي زميندار وٽ اول مزدور ۽ پوءِ هاري ٿيو ۽ پوءِ محنت ۽ ايمانداري سان ترقي ڪندو، اول مقاطعي دار ٿيو، پوءِ سرڪار کان زمينون کڻت تي پئي مليون، ان به اهي کڻتون کنيون، قسطون ادا ڪري زمين جا مالڪ ٿيو ۽ زرعي اپت جي ڪري خوشحال ٿيندو ويو. اڄ اسان جو خاندان انهي ئي زمين تي گذر ڪري رهيو آهي، اسان جي خاندان جي موجود پيڙهي جا نوجوان تعليم طرف مائل آهن ۽ نوڪرين ۾ وڃي رهيا آهن، ڊاڪٽر يا انجنيئر ٿي رهيا آهن، ان کانسواءِ اسانجي خاندان ۾ ڪوبه علم و ادب يا فلسفي جي طرف نه ويو آهي، سواءِ ٿورو گهڻو منهنجي، آئون ڪتابن جو شوقين، علم ادب جو شيدائي، قومي تحريڪ ۾ ڪجهه حصو رهيو، سياسي شعور به رهيو، هاڻ فلسفي سان به دلچسپي آهي، پر اسان ۾ هڪ ٻيو به جوان منهنجي پڦيءَ جو پٽ گلزار آهي، جنهن جو چڱو خاصو مطالعو آهي، بهترين انگريزي ٿو ڄاڻي، تاريخ ۽ مذهب تي به وڏي ڄاڻ اٿس، موجوده حالتن تي گهري نظر اٿس، سڄي دنيا جي حالتن جو علم ٿو رکي، بحث يا ڪچهرين ۾ ڳالهائڻ ۽ دليل سان بحث ڪرڻ ۾ ماهر آهي، بي شڪ گلزار هڪ دانشور آهي، بي پناهه صلاحيتن وارو سچو ۽ نيڪ انسان پڻ آهي، مذهبي ماڻهو به آهي، بهرحال مونکي خوشي آهي ته اسان جي خاندان ۾ ذهين، عالم ۽ دانشمند جوان موجود آهي.

***

21 مارچ، 2002

نئوروز وچ ايشيا جو قديم تهوار آهي، نئون سال، نئون ڏينهن. روزيءَ جو ۽ پڻ نين اُميدن، خوشين ۽ نين محبتن جو تهوار آهي، ايڪيهين مارچ تي اسانجي خطي ۾ ڏينهن ۽ رات پنهنجي وقت ۾ ٻئي هڪ جيترا ۽ برابر هوندا آهن، اڄ کانپوءِ ڏينهن وڏا ۽ راتيون ننڍيون ٿيڻ شروع ٿينديون. بهار جي حسين مُند جي شروعات آهي.

هي تهوار ڪنهن مخصوص عقيدي سان وابسته نه آهي. وچ ايشيا ايران ۽ افغانستان ۾ هن تهوار جي تاريخ تمام قديم آهي.

***

2 اپريل، 2002

امان جي طبيعت اڃا ٺيڪ ناهي ٿي. معدي جو سور بيٺو آهي. ڊاڪٽر عالماڻي وڏو پنج هزار وارو ايڪسري ڪرايو آهي، اهو عالماڻي صاحب کي ڪراچي ۾ وڃي ڏيکارڻو آهي، هتي ڊاڪٽر نوشاد شڪ ڏيکاريو آهي ته ڪا خطرناڪ ڳوڙهي وغيره ٿي سگهي ٿي. ان امڪان سڀني کي پريشان ڪري ڇڏيو. منصور ۽ اسان پروگرام ٺاهيو ته ”صبح جو ڇهين وڳي“ آئون ڪراچي نڪري وڃان. هارون چيمبر مان ڊاڪٽر رب جو نمبر وٺان ۽ پوءِ ڊاڪٽر عالماڻي جو به ٽائيم وٺان، شام ڌاري منصور امان کي وٺي ڪراچي ايندو ته ٻنهي ڊاڪٽرن کي ڏيکاريون. آئون صبح جو پنجين بجي تيار ٿي حيدرآباد مان نڪتس سارنگ مونکي بس تي ڇڏيو. اٺين بجي ڪراچي صدر پهتس ته معلوم ٿيو ته ڊاڪٽر رب ملڪ کان ٻاهر آهي… پوءِ ڊاڪٽر عالماڻي جو نمبر ورتم، منصور کي فون تي احوال ڏنم. منصور امان کي وٺي شام جو ڪراچي پهتو، ڊاڪٽر عالماڻي کي ايڪسري ۽ رپورٽ ڏيکاري. اسان بس ڊپ ۾ هئاسين ته ڪا خطرناڪ ڳوڙهي وغيره نه هجي، پر ڊاڪٽر عالماڻي چيو ته ڪابه ڳوڙهي وغيره ڪونهي، ڪوبه خطرو ڪونهي، صرف معدي تي ٿوري سوڄ آهي، جنهن جي دٻاءَ سان هانوَ ۾ سور ٿو ٿئي ۽ بس ڪابه ضرورت ناهي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ جي. گهر ۾ رهي علاج ڪريو. ٺيڪ ٿي ويندي سچ ته اسان ۾ به ساهه پيو. امان جنهن کي ٻن ٽن ڏينهن کان اهو چيو ۽ ٻڌايو پي ويو ته خطرناڪ ڳوڙهي آهي، آپريشن ٿيندو وغيره. تنهن امان کي به ڊيڄاري ۽ مايوس ڪري ڇڏيو هو. امان ٻن ٽن ڏينهن کان سخت مايوس ۽ خوف ۾ ورتل هئي، امان جو رنگ پيلو ٿي ويو هو ۽ وجود ۾ مايوسي لهي آئي هئي. جڏهن اسان امان کي اچي ٻڌايو ته ڪجهه به ڪونهي. ڇا جي ڳوڙهي ڇا جو آپريشن. ڪجهه ڪونه ٿيندو. معمولي سوڄ آهي جلد ٺيڪ ٿي ويندئين ته امان جي مرجهايل چهري تي رونق اچڻ لڳي، بلڪل مايوس ۽ غمگين امان ۾ نئين سر زندگيءَ جي رمق اچڻ لڳي. ڊاڪٽر عالماڻي صاحب دوائون لکيون جن جو هڪ وزن پندرنهن سئو رپين جو هو، منصور هڪدم وٺي آيو، دوائن ۾ ڊرپ به هئي، پوءِ اسان احتياطن هڪ رات لاءِ امان کي مڊايسٽ ۾ داخل ڪرائي دوائون، انجيڪشن ۽ ڊرپ اسپتال ۾ لڳرائي آهي.

منصور ۽ زيبو مڊايسٽ ۾ ويٺل آهن، امان کي ڊرپ لڳل آهي، آرام ۾ آهي، ٽن ڏينهن جي خوف مايوسي ۽ پريشاني ۾ هن ننڊ نه ڪئي هئي. هاڻ سڪون واري ننڊ ۾ ستل آهي. رات جا ٻه پيا ٿين آئون هاڻي واپس ادي شاهه جي گهر آيو آهيان.

***