ادبنئون

ڊائري جا ورق

اسان جنهن سماج ۾ ساهه کڻون ٿا، اُن ۾ هاڻي ائين ٿو محسوس ٿئي ته ڪنهن به ڳالهه جي خبر چار ۽ آگاهي کان ماڻهو اڻڄاڻ ئي بهتر آهي.

***

اڻڄاڻائي ڪيترن ئي اذيتن کان بچائي ٿي. ڄاڻ ۽ علم اذيت جو سبب آهي. تڏهن ته ڀٽائيءَ سائين به چئي ڏنو ته الا ڏاهي م ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن.

***

اسان رڳو ڪجهه ڏينهن اڳ ايندڙ سامونڊي طوفان جو ئي مثال وٺون ته ان بابت ڪهڙي طرح سان خبرون هلايون ويون. ڪجهه نام نهاد موسمياتي ماهرن جو چوڻ هو ته ڪجهه به نه بچندو، سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويندو. ڪنهن چيو ته ايڏي برسات ۽ ايڏي تيز هوا ايندي جو سڀ ڪجهه تهس نهس ٿي ويندو. ڪنهن کي رونشو لڳو، ان چٿر ۽ مذاق ڪيا. گهڻن کي پنهنجي يوٽيوب چئنل جا ڏسندڙ وڌائڻا هئا، گهڻن کي سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڌيڪ لائيڪس جي لڳل هئي… مطلب معلومات ۽ آگاهي جي نالي ۾ هر ڪنهن کي پنهنجو دڪان چمڪائڻو هو.

***

ڪنهن کي به اِهو احساس نه ٿيو ته ماڻهو بي گهر ڪيئن ٿيندو آهي؟ دربدريءَ جو درد ڇا ٿيندو آهي؟ پنهنجا اجھا ڇڏڻ جو ڏک ڇا ٿيندو آهي؟ بُک ۽ بيماري ڇا ٿيندي آهي؟

***

پيٽ ڀريل ماڻهن کي ڪهڙو احساس… سو پيٽ ڀريل ماڻهن، مسڪينن کي ايذائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي…

***

مون جيئن ئي هن طوفان جي خبر ٻُڌي ته منهنجي ذهن جي اسڪرين تي 1999ع وارو سامونڊي طوفان هلڻ لڳو. جنهن تمام وڏي تباهي ڪئي هئي. منهنجي ذهن تي ان وقت پاڙان پٽيل وڻ، پاڻي تي مئل حالت ۾ ترندڙ پکي ۽ جانور، غريب جون ڪريل جهوپڙيون، پاڻي ۾ لڙهي ويل پيارا ۽ قيمتي سامان…

***

ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته آئون گهڻو حساس ٿي ويو آهيان يا سماج بي حسي جي انتها کي پُهچي ويو آهي… انهن مان ڪا هڪ ڳالهه ضرور آهي، يا اهي ٻئي ڳالهيون درست آهن!

***

هن ڀيري ته سوشل ميڊيا سميت مختلف ٽي وي نيوز چينلز به اهڙيون خبرون هلايون جو توبهه…

***

بريڪنگ نيوز جي ڊوڙ ۾ اهو سڀ ڪجهه ٿئي ٿو… اسانجي سماج ۾ گهڻن ماڻهن کي نفسياتي مريض ڪرڻ جو وڏو سبب اها بريڪنگ نيوز جي ڊوڙ ئي آهي… جنهن ۾ اهو نٿو سوچيو وڃي ته هي خبر نشر ٿيڻ کانپوءِ ڪيترن ماڻهن جي ذهن ۽ نفسيات تي انهيءَ جو ناڪاري اثر پوندو..!

***

اهي حالتون ڏسي، مونکي اڪثر ذهن ۾ اهو خيال ايندو آهي ته اڻڄاڻائي ۾ ئي عافيت آهي. ذهني طور ڪيڏو نه پُرسڪون آهي اُهو ڌراڙ جيڪو گهمندو ڦرندو مال چاريندو رهي ٿو. کيس اِها خبر ئي ناهي ته ڪهڙي تباهي ٿي اچي، دنيا ۾ ڪهڙا طوفان ۽ مصيبتون ٿيون اچن…. اُهو ئي ڌراڙ رات جو ٿڪي ٽُٽي گهر پهچي سمهي ٿو رهي ۽ ننڊ کيس پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ٿي وٺي…

***

ترقي احساسن، جذبن ۽ رشتن کي تيزي سان کائڻ لڳي آهي. لڳي ٿو انهي ترقيءَ جو پيٽ نه ڀربو.

***

ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن کي ويجهو هوندي به پري هوندو آهي ۽ ڪنهن کان پري هوندي به ويجهو هوندو آهي.

***

بس ڪوشش اِها هئڻ گهرجي ته احساس مرڻ نه گهرجن!

***