نئون

پاڪستان کي ڏنل مالي امداد دهشتگردن خلاف جنگ ۾ مددگار ثابت ٿيندي: آمريڪا

ٽرمپ انتظاميه آمريڪي ڪانگريس کان گهر ڪئي آهي ته اها پاڪستان جي 336 ملين ڊالرن جي مالي امداد کي جاري ڪري ڇاڪاڻ ته اها القائده، داعش سان وڙهڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. هن دفعي گهربل امداد جو انگ گذريل سال کان 10 ملين ڊالر گهٽ آهي پر هن سال آمريڪا اها شرط به رکي آهي ته پاڪستان کي هي امداد ان صورت ۾ ڏني وڃي ته اهو دهشتگردن جي ٺڪاڻن خلاف جوڳا اپاءُ وٺي. گذريل سال جي امداد 100 ملين ڊالرن جي مقابلي ۾ هن سال 80 ملين ڊالر جي امداد گهري وئي آهي جيڪا فارين ملٽري فنانسنگ فنڊ جي نالي ۾ ڏني ويندي. ان کان علاوه 242 ملين ڊالرن جي امداد الڳ آهي. واضح رهي ته گذريل سال جي امداد واري منظور ڪيل 242 ملين ڊالر جي امداد پاڪستان کي نه ڏني وئي هئي. ڇاڪاڻ ته ٽرمپ انتظاميه پاران پاڪستان تي القائده کي ملڪ اندر پناهه گاهون ڏيڻ جي الزامن تي ان امداد کي روڪيو ويو هو. هن وقت امداد کي جاري ڪرڻ سان اها پراڻي رقم به ادا ڪئي ويندي. هن وقت اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ پاران چيو ويو آهي ته پاڪستان جي مالي امداد خود آمريڪا لاءِ هن خطي ۾ مددگار ثابت ٿيندي ڇاڪاڻ ته پاڪستان آمريڪا جي دشمنن خلاف قدم کڻي رهيو آهي. ٽرمپ انتظاميه اهو به چيو آهي ته هن امداد ذريعي پاڪستان جي دهشتگردي خلاف طاقت کي به وڌائي سگهجي ٿو. اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ اهو به چيو ته پاڪستان جي قبائلي علائقن ۾ پاڪستان جي طاقت کي وڌائڻ جي خاص ضرورت آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي دهشگردي خلاف جنگ ۾ مدد وٺي سگهجي ٿي.