بلاگنئون

مذهبي عقيدي جي اوسرَ (باب ڇهون)

(عقيدي جي سائنس جو اختصار)

ليکڪ: جي. اينڊرسن ٿامسن ۽ ڪليَئر اڪوفر

۽ اسان کي شِرَ کان بچاءِ

”جبلت جو جوهر اهو ئي آهي ته ان تي عقل کان مٿاهون ٿي عمل ڪيو ويندو آهي“ ڊارون

مذهب جي حق ۾ ڄاڻڻ واري هڪ ٻي انساني انفراديت اها آهي ته اسان هر شئي تي انساني خاصيتون مڙهي ڇڏيندا آهيون. ائين ڇو آهي ته اسان کي پنهنجي پاڇي تي ئي چور جو شڪ پيدا ٿيندو آهي، پر ڪڏهن چور تي پاڇي جو شڪ پيدا نه ٿيندو آهي؟ اوهان جڏهن در بند ٿيڻ جو آواز ٻڌندا آهيو ته پهريون اهو ڇو سوچيندا آهيو ته در ڪنهن بند ڪيو آهي، توڙي جو ائين به ٿي سگهي ٿو ته هوا سان بند ٿيو هجي؟ ائين ڇو ٿيندو آهي ته ڪوئي ٻار پنهنجي گهر منجهان ڪنهن وڻ جي لڏندڙ لام کي ڏسي ان ڀوَ ۾ ڇو ويڙهجي ويندو آهي ته کيس ڪو جِنُ پڪڙڻ آيو آهي، ۽ پوري دنيا جي ٻارن جو اهو خيال ڇو هوندو آهي ته پلنگ هيٺان جِنُ نڪري ايندو؟ نفسيات جي ماهرن جو خيال آهي ته پلنگ جي هيٺان ظاهر ٿيڻ وارو جن اسان جي ماضيءَ جي ان دور جي يادگار آهي جڏهن انسان پنهنجي ارتقا جي آسٽرالوپيٿيسنز ڏاڪي تي هو. ان وقت اسان وڻن تي رهندا هئاسين، ۽ هيٺان شڪاري جانور اسان جي چوڦير پيا ڦرندا هئا، تڏهن کان اسان جي اندر ۾ ڪنهن به قسم جي امڪاني خطري جو احساس پيدا ٿيو آهي.

انسان جي اندر اهو رجحان پختو ڏٺو ويو آهي ته هو بنا ڪنهن شاهديءَ جي هر عمل کي ڪنهن نه ڪنهن فاعل جي ڪارروائي قرار ڏيندو آهي. گهڻو ڪري فاعل خود انسان جو هٿ ٺوڪيو جوڙيل هوندو آهي. خيالي شڪلين ۽ آوازن کي ڪنهن فاعل سان ڳنڍڻ جي ادراڪي صلاحيت سان اسان جي ان کان پوئين دور جي وڏڙن کي بقا ۾ مدد ملي هوندي، ڇاڪاڻ ته اهڙي نموني هو ڪنهن خطري جي سڃاڻپ ڪري، ان کان بچي سگهيا هوندا ۽ اهڙي نموني هو ڪنهن به قسم جي امڪاني خطري کان چوڪس رهندا هوندا. ڀلو ان ۾ آهي ته توهان پاڇو ڏسي ٻرانگهه لڳايو، ان کان جو پاڇو توهان جي مٿان ٻرانگهه لڳائي.

فاعل جي سڃاڻپ جو ضرورت کان وڌيڪ سرگرم اوزار:

اها صلاحيت سدائين تيزيءَ سان (ضرورت کان وڌيڪ سرگرمي) ۽ سولائيِءَ سان (ضرورت کان وڌيڪ حساس) حرڪت ۾ ايندي آهي. ان کي فاعل جي سڃاڻپ جو حد کان وڌيڪ سرگرم اوزار چيو ويندو آهي. اهو اوزار، عقيدي جي خيالن کي هٿي ڏيڻ ۾ پنهنجي حصي جو ڀرپور ڪم ڪري ٿو، نه رڳو ايترو پر اڻ ڏٺل فاعل کي اجازت به ڏي ٿو ۽ ڀرپور حوصلو به وڌائي ٿو. اهو فاعل، عمومي طور انسان وانگي هوندو آهي. جڏهن اسان جو دماغ ان قسم جو لاڳاپو ٺاهي ٿو ڇڏي ته پوءِ جن، ڀوت، روح ، بدروح، آتما يا ديوتا وغيرهه جو تصور جوڙڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي. اها صلاحيت مطابقتي هئي. اهو ئي سبب آهي ته اسان لاءِ اڻ ڏٺل هستين جي موجودگيءَ کي فرض ڪرڻ ۽ اهو سمجهڻ ته اهي هستيون اسان جي زندگيءَ تي اثر ڇڏين ٿيون، هڪ فطري عمل آهي. ايترو ئي فطري، اهو به فرض ڪرڻ آهي ته جيڪڏهن اهڙي ڪنهن هستيءَ کي پنهنجي زندگيءَ جي التجا ڪجي ته هو اسان جي قسمت تبديل ڪري سگهي ٿي. التجا ڪرڻ، سولائيءَ سان دعا ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي.

اسان جون ارتقائي شناسي خوبيون ۽ انساني شڪل جي باري ۾ ٻين حساس ادراڪي صلاحيتن جي مدد سان اسان جو دماغ لڳ ڀڳ هر جاءِ انسان سان ملندڙ جلندڙ شڪليون ڏسي سگهي ٿو، جيئن چنڊ تي ماڻهو، پٽاٽن جي چپس تي ڪو مسڪرائيندڙ چهرو.

ماڻهو، ڪهڪشاني ڪڪرن جي تصويرن ۾ به ”خدا جي اک“ ڏسي وٺندا آهن. هيءَ اها ئي تصوير آهي، جيڪا ڪتاب جي پهرين پني تي لڳل آهي. هڪ ٻيو مظهر، ان وقت به پيش اچي ٿو، جڏهن اسان ڄاتل سڃاتل غير فاعلن کي به فاعلن جو درجو ڏيون ٿا. مثال: طوفاني ڪڪر يا هوائون. توهان چئو ٿا ته اڄ ”آسمان پوري ڪاوڙ ۾ آهي“ ، يا ”هوا قهر ڪري ڇڏيو آهي“. آڳاٽا يوناني، ان تصور کي هڪ وک اڃا اڳتي کڻي ويا. ”زيوس، آسماني بجليءَ جا گولا وسائي ٿو، پوسائيڊن سامونڊي طوفان آڻي ٿو، ۽ جر جون پريون ملاحن کي موهي، جهازن کي غرق ڪري ڇڏين ٿيون.“

هاڻي اوهان اهو پڇندا ته ٻٽي ادراڪ سان ۽ فعال فاعل سان فطرت کان مٿاهان تصور ڪيئن پيدا ٿين ٿا؟ اسان پنهنجي وڏڙن جي ذهني سطح ۽ پاڇو ڏسي ٻرانگهه پائڻ کان فطرت کان مٿين عقيدن تائين ڪيئن پهچي وياسين؟ اسان عام شين کي فعاليت ڏيڻ تي راضي ٿيندا آهيون ۽ خودڪار طريقي سان اڻ ڏٺل کي قبولڻ سان گڏوگڏ ان کان ڊڄڻ شروع ڪندا آهيون. انهن مطابقتن سان هٿياربند ٿيل سماجي شخصيتن جي حيثيت سان اسان هڪ آسماني هستيءَ تي يقين رکڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهيون. اسان ان هستيءَ ڏانهن فعاليت ۽ پنهنجي روزاني زندگيءَ جا جذبات منتقل ڪري ڇڏيندا آهيون. نتيجي طور، اسان اهو يقين ڪندا آهيون ته اها هستي اسان سان لاڳاپو رکڻ چاهي ٿي، پر اها هستي اڻ ڏٺل ۽ خيالي رهي ٿي ۽ ان جا ڪافي حصا بنيادي طور گم هوندا آهن. اها هستي خدا ۾ ڪيئن تبديل ٿئي ٿي؟

اندازي تي ٻڌل دليل بازي ۽ گهٽ ۾ گهٽ توقع جي ابتڙ دنيائون:

اسان خال ڀريندا آهيون. اهو اندازي تي ٻڌل دليل بازي آهي. بنا سوچي سمجهي خال ڀرڻ ۽ ڪجهه اڻ چيل بنيادي مفروضن تي عمل ڪرڻ گهٽ ۾ گهٽ توقع جي ابتڙ دنيائن جي ميراث آهي. هيٺ ڏنل تصوير ۾ ڏسو، جنهن ۾ لڪيرون ناهن، پر اوهان هڪ چورس ڏسو ٿا، اوهان موجود شاهدين جي بنياد تي چورس جي چونڊ ڪئي آهي، ۽ خالي جاءِ ڀري آهي. جيڪڏهن اوهان برقي پيغام رسايو ٿا ته اندازي تي ٻڌل دليل بازيءَ جا مثال هرروز ڏسو ٿا.

جيڪڏهن ڪو ٿورڙو حصو، معمولي مختلف آهي ته اسان پوءِ به ان کي قبول ڪري، تصوير ۾ مڪمل ڪري وٺندا آهيون. خالي جايون ڀرڻ جي صلاحيت ٻين مطابقتن سان ملي ڪري اڻ پوري تصور کي پورو ڪري ٿي. اهو پوءِ به گهٽ ۾ گهٽ توقع جي ابتڙ آهي. اها اسان جي گهٽ ۾ گهٽ توقع جي ابتڙ جهانن جي ميراث آهي، جيڪا دلچسپ ۽ امڪاني جي وچ ۾ هڪ ٺهڪندڙ سمجهوتو آهي.

انساني دماغ جي هڪ نرالپ اها به آهي ته گهٽ ۾ گهٽ توقع جي ابتڙ دنيائون ڌيان لائق ۽ يادگار هونديون آهن. جيڪڏهن، توهان کي چيو وڃي ته توهان جي گهر ويجهو باغ ۾ هڪ وڏو وڻ آهي، جيڪو ڪپڙا به ڌوئي ٿو، اوهان جي ڪار جي سروس به ڪري ٿو، ۽ توهان جي مستقبل جو حال به ٻڌائي ٿو، ته توهان ان ڪهاڻيءَ تي يقين ڪرڻ جي تڪليف نه ڪندا. ڇو؟ اهو انڪري جو اسان وٽ ”وڻ-پڻ“ جون ڪيتريون ئي ڀڃڪڙيون ٿينديون رهيون آهن.

۽ جيڪڏهن توهان کي اهو چيو وڃي ته چنڊ جي چوڏهين رات، اهو ئي وڻ، اوهان جون دعائون ٻڌي ٿو، ته ممڪن آهي، توهان ان ڳالهه تي يقين ڪريو. اهو، وڌيڪ ياد رهڻ وارو بيان آهي. ڇو؟ ڇاڪاڻ ته حقيقت کان رڳو وار جيتري مفاصلي تي آهي. جيتوڻيڪ وڻ سان ڪجهه انساني خوبيون ڳنڍيون ويون آهن، مثال طور: انساني آواز ٻڌڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت ۽ ان بابت ردعمل ڏيکارڻ، پر ان باوجود وڻ، وڻ ئي رهندو آهي. ان جي خاص خوبي وڻ جي ئي رهندي آهي، جيڪو باغ ۾ بيٺو آهي ۽ ان ۾ اهي سڀ شيون موجود آهن، جيڪي ڪنهن وڻ ۾ ئي هونديون آهن. وري به ٿورو جادوگريءَ جو واڌارو دلچسپيءَ جو سبب بڻبو آهي.

ٿورو انهن جادوئي ڪهاڻين جو تصور ڪريو، جيڪي اوهان ٻاروتڻ ۾ ٻڌي آهن: هڪ سهڻي راڻي جيڪا ڏائڻ جو روپ وٺندي آهي ۽ آخر ۾ وري راڻي بڻجي ويندي آهي، اها ڏائڻ جنهن جي جهوپڙي مٺائيءَ سان ڀريل هوندي آهي، جيڪا ٻارن کي ريجهائيندي آهي، ماٽيلي ڌيءُ جيڪا اوچتو حَسِينُ بنجي ويندي آهي ۽ ڳڀرو شهزادي سان پرڻو ڪري ڇڏيندي آهي.

اسان جي انهن گهٽ ۾ گهٽ توقع جي ابتڙ دنيائن کي تخليق ڪرڻ جي صلاحيت ئي آهي، جيڪا مذهبي خيالن کي جنم ڏي ٿي، قبول ڪرڻ ۽ شڪ کي رد ڪرڻ جو بنياد بڻجي ٿي. جيئن ٻارن لاءِ جادوئي ڪهاڻين تي يقين ڪرڻ سولو هوندو آهي، تيئن ئي مذهبن جو مرڪزي ڍانچو ڪنهن بنيادي شئي جي جسماني، حياتياتي، يا نفسياتي خوبين تي ٻڌل هوندو آهي، جيڪو باقي اعتبار سان جڙيل هوندو آهي.

گهٽ ۾ گهٽ توقع جي ابتڙ دنيائن ۾ فطرت کان مٿاهان خيال روزاني دنيا جي وهنوار سان ڳنڍيل هوندا آهن. اهو پاسو، انهن کي نه رڳو يادگار بڻائي ڇڏي ٿو، پر موت جهڙي انساني وجودي مسئلن جي هلڪائيءَ لاءِ به ڪتب اچي ٿو، جيڪو عقل جي رسائيءَ کان ٻاهر هوندو آهي.

قديم مصري ٻلي-ديوي ”باستيت“ جي پوڄا ڪندا هئا. اهو تصور ڪرڻ ڪا وڏي ذهني ٻرانگهه ناهي ته اها مخلوق جيڪا ڏينهن جو اناج جي ڀانڊن مان نقصانڪار ڪوئن ۽ ڪرڙين جو خاتمو آڻيندي هئي اها حقيقت ۾ هڪ ديوي آهي، جيڪا سج-ديوتا ”را“ سان گڏ آسمانن جو سفر ڪري ٿي ۽ انسانن کي بيمارين ۽ بدروحن کان بچائي ٿي ۽ سج-ديوتا را جي دشمن ”سرپينٽ اپاپ“ سان وڙهي ٿي. بنيادي طور باستيت هڪ ٻلي ئي آهي، جيڪا مرض ڦهلائيندڙ ڪوئن ۽ زهريلي ڪرڙين جو خاتمو ڪري ٿي.

عقيدن جو خدا، هر جاءِ جسماني طور موجود رهي ٿو. هو منهنجين سوچن کان واقف آهي، هو ڄاڻي ٿو ته مان پنهنجين سوچن ۾ نيڪ آهيان يا بد، پر ان کانسواءِ خدا جي باري ۾ هر شئي انساني آهي. اها هڪ اهڙي هستي آهي، جنهن تي اهي سڀ شيون لاڳو ٿين ٿيون، جيڪي ڪنهن به هستيءَ تي لاڳو ٿي سگهن ٿيون. هو بدمزاج، بي صبرو ۽ انتقام وٺندڙ ٿي سگهي ٿو، بلڪل عام انسان وانگر.

اسان بنا سوچي سمجهي، خالي جايون ڀريندا وڃون ٿا.

عقيدا سدائين ساديون انساني خوبيون، خدائن سان منسوب ڪن ٿا. عيسائي سمجهن ٿا ته حضرت عيسيٰ عليه السلام انسان به هو ته خدا به. تمام انساني خوبيون اتي موجود آهن، ۽ اسان خدا سان ان جي وسيلي لاڳاپو قائم ڪريون ٿا. اسان کي ان وقت تائين سندس احساس نه ٿيندو آهي، جيستائين اسان ان بابت نه سوچون ۽ انهن ابتڙن تي ويچار نه ڪريون، جيئن ذهن پڙهڻ واري کان طلبڻ جي ضرورت.

خدائن جي باري ۾ تصور ڪيو ويندو آهي ته اهي عام انسانن وانگر، سوچيندا، محسوس ڪندا ۽ عمل ڪندا آهن. خدائن بابت اهو مفروضو سدائين قائم آهي ۽ هر عقيدي لاءِ پيڙهه جي پٿر جهڙو ڪم ڪري ٿو.

ماڻهو دعائون ڇو گهرندا آهن؟ جيڪڏهن خدا اسان جي سوچن کان واقف آهي ته پوءِ ان کي التجا ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڇو ٿي ٿئي؟ بائيبل ۾ ان سوال جو جواب موجود آهي ته خدا رڳو ان وقت ٻڌندو آهي، جڏهن ان کان گهريو وڃي.

خود فريبي:

جيڪڏهن اسان پنهنجو پاڻ کي دوکو ڏيون ته تمام سولائيءَ سان ٻين کي به دوکو ڏئي سگهون ٿا. پرعزم سياستدان پوري سچائيءَ سان يقين رکي ٿو ته هو ڪنهن خاص مقصد لاءِ چونڊون وڙهي رهيا آهن. حقيقت ۾ هو پنهنجي ارادن ۽ اقتدار جي حوس کي پنهنجو پاڻ کان به لڪائي رهيو آهي.

آمريڪي مصنف آرٿر ملر جو 1947ع ۾ لکيل مشهور ڊرامو ”آل ماءِ سنز“ هڪ سچي ڪهاڻيءَ تي ٻڌل آهي. ڊرامو، خود فريبيءَ جي طاقت تي روشني وجهي ٿو. ان ڊرامي ۾ هڪ فيڪٽريءَ جو مالڪ ڄاڻي واڻي خراب پرزن جو وڪرو ڪندو آهي، جنهنڪري ايڪويهه پائليٽ مارجي ويندا آهن. سمورو الزام جيل ۾ قيد پنهنجي ڀائيوار تي هڻي، هو پاڻ کي ۽ ٻين کي، پورن ٽن سالن تائين دوکو ڏيندو رهيو. جڏهن سچائي سامهون آئي ته ساڳيو شخص دعويٰ ڪرڻ لڳو ته هو اهو سڀ ڪجهه پنهنجي خاندان ۽ فيڪٽريءَ جي ڀلائيءَ لاءِ ڪري رهيو هو ۽ ان تي پوري طرح يقين به ڪري رهيو هو. ڊرامي جو موضوع ئي اهو آهي ته ڪيئن نه ان جي خود فريبي پڌري ٿئي ٿي ۽ کيس ان حقيقت سان منهن ڏيڻو پوي ٿو. انسان جي خود فريبيءَ جي صلاحيت عقيدي لاءِ لازمي آهي. جيڪڏهن عقيدو رکندڙ ماڻهو، پنهنجن ذهنن کي ڏسي سگهن ته کين پتو پئجي ويندو ته خود فريبي، انهيءَ جي قبوليت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.

شايد اهي مورچي بند دُهريا آهن. جيڪڏهن ماڻهو، هڪ محافظ تي يقين رکن ٿا ته پوءِ هو گوليون هلندي پنهنجو پاڻ کي بچائڻ لاءِ مورچن ۾ ڇو ٿا لڪن؟ انهن جي ذهنن جو هڪ حصو سٺي نموني سمجهي ٿو ته جيڪڏهن هو پنهنجو پاڻ کي نه بچائيندا ته گوليون، عقيدي وارن ۽ بي عقيدا ماڻهوءَ ۾ فرق نه رکنديون. هو چئي سگهن ٿا ته هو يقين رکن ٿا، پر سندن جبلت، ان ڪوڙ جو پردو ڦاڙي ٿي.

عقيدو رکندڙ ماڻهو، صحت جي انشورنس ڇو ٿا ڪرائن؟ گهر جي انشورنس، گاڏيءَ جي انشورنس ڇو ٿا ڪرائن؟ ڪيترائي ماڻهو پنهنجون زندگيون ائين پيا گذارن ڄڻ خدا موجود ئي ناهي. اسان ڳاڙهي بتيءَ وٽ رڪجي وڃون ٿا، پنهنجن ٻارن کي ڪار جي محفوط سيٽن ۾ ويهاريون ٿا، ۽ اسان پنهنجو ۽ پنهنجن پيارن جو، پوري ذميواريءَ سان بچاءُ ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪريون ٿا. هڪ ڪار جي پٺيان چنبڙيل اسٽيڪر تي غور ڪريو: ”خبردار: هيءَ گاڏي بيهوشيءَ جي عالم ۾ بنا ڊرائيور جي هوندي“. ان وقت به اهو ڊرائيور، ٻين ڊرائيورن کي ساڳي تنبيهه ڪري ٿو. جيڪڏهن ڪوئي ماڻهو، ڪو خاص عقيدو رکي ٿو ته ٻين عقيدن جي ماڻهن جي سوچ وٽان هو دهريو آهي.

اسان ٻين مان به توقع رکون ٿا ته هو دهرين وانگي زندگي گذارين. اسان ڳاڙهين بتين تي رڪجون ٿا ۽ اهو فرض نه ٿا ڪريون ته اسين امان ۾ آهيون. اولهه جي دنيا ۾ اسان ان ڳالهه جا عادي ٿي ويندا آهيون ته عقيدي وارن ماڻهن جي ان ڳالهه تي ڪو ڌيان نه ڏيون ته هو عقيدي موجب زندگي گذارن ٿا. اهوئي سبب آهي ته 9/11 يا اهڙي ڪنهن واقعي دوران اسان ڪجهه اهڙن ماڻهن سان منهن مقابل ٿيندا آهيون جو واقعي مذهب تي يقين رکن ٿا ته وڏي حيراني ٿيندي آهي.

نيت سمجهڻ ۾ غلطي:

ان مڙس وانگر جيڪو سمجهي ٿو ته سندس بوريت جو شڪار گهر واري ڪنهن ٻي مرد سان دل پشوري پئي ڪري، اسان انساني ارادن ۽ مقصدن کي پڙهڻ ۾ غلطي ڪري ويهندا آهيون. ظاهر آهي، اسان کي مشڪل سان ئي ڪا سڌ پوندي آهي. مثال طور اسان چئون ٿا ته اڄ ان ڪري مينهن پيو آهي جو مان پنهنجي ڇٽي گڏ نه آندي آهي. توڙي جو دهريا به اها دعويٰ ڪندا آهن ته سندن زندگين ۾ ايندڙ واقعن پٺيان ڪو نه ڪو مقصد هوندو آهي.

ان جاءِ مقصد ۽ نيت فرض ڪرڻ جتي اها هجي ئي نه ٻارن ۾ عام آهي. جيڪڏهن اوهان ڪنهن ٻار کان پڇو ته ڍنڍون ڇا لاءِ هونديون آهن ته ممڪن آهي ته هو چوي، ان لاءِ جو مڇيون ان ۾ ترنديون آهن. پکي ڇا لاءِ هوندا آهن؟ گيت ڳائڻ لاءِ. پٿر ڇا لاءِ هوندا آهن؟ جانورن جي کنهڻ لاءِ. لکين والدين ان وقت ششدر ٿي ويندا آهن، جڏهن سندن ٽن سالن جو ٻار، ڪروڙين ڀيرا پڇندو آهي ته ”ڇو؟“.

ٻارن لاءِ چيو ويندو آهي ته هو ”وجداني دهريا“ هوندا آهن. ٻارن ۾ هڪ شئي هوندي آهي، جنهن کي پروميڪس ٽيليلاجي چيو ويندو آهي. اها هڪ اهڙي بنيادي اوليت آهي، جنهن ۾ ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته دنيا کي ڪنهن مقصد جي خيال کان سمجهيو وڃي. ان سان اسان کي ٻارن جا خيال سمجهڻ ۾ مدد ملندي آهي. حقيقت ۾ عقيدي جي تعريف ۾ ئي مقصد جي ڳولا جو عنصر موجود آهي. مثال طور، لغت ۾ مذهب جي تعريف هينئن ٿيل آهي: ”ڪائنات جي سبب، نوعيت ۽ مقصد بابت عقيدن جو مجموعو، خاص طور ڪائنات کي جڏهن فطرت کان مٿاهين قوت جي تخليق سمجهيو وڃي“.

بائيبل تي اکر به اکر يقين رکڻ وارا سمجهن ٿا ته جانورن جو واحد مقصد انسانن جي خدمت ڪرڻ آهي. هو اهو وساري ٿا ڇڏين ته جانورن انساني ارتقا ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ زمين جي ماحول کي برقرار رکڻ ۾ انهن جو وڏو هٿ آهي.

مقصديت جي ڪري ئي اسان کي قدرتي چونڊ جي عمل کي سمجهڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ ته اسان سمجهون ٿا ته هر شئي جي پويان ڪوئي مقصد آهي، تنهنڪري اسان کي اهو سمجهڻ ۾ ڏکيائي ٿي ٿئي ته زندگيءَ جي ارتقا ڪيئن ٿي؟ اسان لاءِ اهو قبولڻ ڏکيو آهي ته ارتقا جينس ۾ ڏاڪي به ڏاڪي ۽ اتفاقي تقليب سبب ٿئي ٿي. غير ضروري طور مقصد ڳولڻ جي خواهش ۽ زندگيءَ جي انڌي ۽ بي مقصد ارتقا کي سمجهڻ ۾ ناڪاميءَ ڪري عقيدي جي واٽ وڌيڪ سولي لڳي ٿي. اسان جي اندر هڪ پيدائشي ضرورت هوندي آهي ته زندگيءَ ۾ نظم ۽ ضبط هجي ۽ عقيدو ان ضرورت کي پورو ڪري ٿو.

***