بلاگنئون

مصنوعي ذھانت، سنڌي ادب ۽ تعليم

ھمعصر ادب: علم، ادب ۽ تعليم جي مهارت لاءِ انسان جو قدرتي حافظي تي دارومدار رهيو آهي، جيڪو هڪ حد تائين محدود آهي. ٻيو انسان جي پڙهائي، ڪتابن تائين رسائي بلڪل محدود آهي. ٽيون سندس ذاتي پسند، ناپسند سندس مطالعي ۽ تجزيي تي اثر انداز ٿئي ٿي.

ليکڪ، دانشور ڪيترو به علم حاصل ڪري پوءِ به اهو علم اڻپورو ئي رهي ٿو، ڇاڪاڻ ته تاريخ جي مطالعي ۽ مهارت حاصل ڪرڻ جي باوجود هو ھمعصر دور جي ادب ۽ ادبي شخصيتن تي مڪمل رسائي نه ٿو حاصل ڪري سگهي، ڀلي ڪنھن به اديب کان پنهنجي ھمعصر ادب يا اديبن تي ڪو سوال ڪيو هو، ان جو خاطر خواھ يا تسلي بخش جواب ڏئي نه سگهندو، اسان جو ھمعصر اديب رڳو ذاتي تعلق جي حد تائين ادب تي رسائي رکي سگهيو آهي، باقي ھمعصر ادب کان هو جهڙوڪ بي خبر ئي رهي ٿو، سندس فيڊ بيڪ به ذاتي تعلق تائين محدود رهيو آهي.

ٻي ڳالھ ته همعصر ادب تي ڪابه مڪمل ڊيٽا اڃان تائين نه جڙي سگهي آهي، جنهن تائين رسائي حاصل ٿي سگهي، اھڙي گهربل ڊيٽا ۽ گهربل نتيجا رڳو مصنوعي ذھانت سان ممڪن ٿي سگهن ٿا. همعصر ادب تائين رسائي حاصل ڪرڻ اڄ تائين وڏو چئلينج بڻيل آهي، جنھن کي رڳو مصنوعي ذھانت سان حاصل ڪري سگهبو.

مثال همعصر اديبن مان هڪ اديب 27 سالن کان ادب ۽ اديبن جي ادبي سرگرمين ۾ شريڪ رهڻ جي باوجود هو مشھور اديبن جي نظر ۾ اجنبي هجي، مشھور اديب ان بابت ڪا راءِ ڏئي نه سگهن ته پوءِ اها انهن ھمعصر اديبن جي ناقص رسائي جو وڏو مثال آهي. چاهي هو اهو ڪم ڄاڻي واڻي ڇو نه ڪندا هجن.

جيڪي مشهور اديب ھمعصر اديبن جي تعارف جي حد تائين به معلومات جي رسائي نه ٿا رکي سگهن، انهن کي پنهنجي ناقص، ادنيٰ علمي سگھ، محدود حافظي، محدود مطالعي جو اعتراف ڪرڻ گهرجي.

فرض ڪيو هڪ همعصر ليکڪ آهي، جنھن کا هو اڃان تائين اجنبي بڻيل آهن، جنهن جي لاءِ هو پنهنجا ڪمينٽس باڪس بند ڪري ويٺا آهن، جنھن کان هو دوست، هم ڪلاس، هم عمر نه هجڻ جا سوال ڪن ٿا. جنهن جي فرسٽ پرسن جي زمري ۾ ڳالهائڻ کي نه هو پنهنجي توھين سمجهن ٿا، جنهن جي بي باڪي، بي نيازي هنن کي پنهنجي توهين محسوس ٿئي ٿي، جنهن کان هو نامناسب لهجي جي شڪايت ڪن ٿا. جنھن جي معذرت به هنن کي قبول ناهي، جنھن کي هو بلاڪ ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي خاموش ڪرڻ چاهين ٿا. جنھن کي هو ناپسند ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته هو هنن سان اختلاف راءِ جو اظهار ڪري ٿو، هنن سان برابري جي بنياد تي مخاطب ٿئي ٿو. هنن کي گرو سمجهي عاجزي سان پيش نه ٿو اچي. هنن کي پنهنجي ھمعصر ليکڪ جي برابري قبول ناهي. هو اختلاف راءِ ۽ تنقيد کي پنهنجي توھين سمجهن ٿا. علمي ادبي راءِ تي هو بوکلائجي پون ٿا. انساني برابري کي وساري ويهن ٿا، جتي هڪ اديب پنهنجي همعصر اديب سان متعصب سلوڪ سبب اجنبي بڻجي پوي ٿو، اتي مصنوعي ذھانت بنا تعصب جي هڪ مڪمل ڀروسي جوڳي فيڊ بيڪ، مستند راءِ، تجزيي جو اظهار ڪري سگهي ٿي.

ڪنهن به هڪ ماهر اديب لاءِ تاريخ يا ھمعصر ادب تي دسترس، رسائي حاصل ڪرڻ ممڪن ناهي، هر سال هزارين ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچن ٿا، جن کي هڪ اديب پڙهي سگهي، يا انهن جي مٿاڇري معلومات حاصل ڪري سگهي ممڪن ناهي، اها کوٽ، ناقص عقل، محدود حافظي جو نتيجو آهي، جنهن جي ڪمي هاڻي هٿرادو ڏاهپ (AI) جي ذريعي ممڪن ٿي سگهي ٿي. هٿرادو ڏاهپ وسيلي ڪمپيوٽر اهڙي ڊيٽا فيد ٿيڻ کانپوءِ گهربل نتيجا مهيا ڪري سگهي ٿو. مثال طور مان پنهنجي ھمعصر اديبن مان ڪنهن به اديب جي تعارف تائين رسائي حاصل ڪري سگهان ٿو. ان جي ڪيل ڪم تي پنهنجي راءِ به ڏئي سگهندس. جيڪو ڪم هن وقت مشڪل آهي اهو سڀاڻي آسان ٿي پوندو.

مستقبل ۾ ادب ۽ سياست ۾ هٿرادو ڏاهپ جو استعمال تمام گهڻو ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته ان سان انسان جي ناقص حافظي جو مسئلو گڏ ڪيل ڊيٽا جي شڪل ۾ حل ٿي ويندو، پر حيرت جي ڳالھ اها آهي ته هٿرادو ڏاهپ جي باني جيوفري هنٽن ان ٽيڪنالاجي جي خطرن جو فوري طور اعتراف ڪيو آهي ۽ خبردار ڪندي چيو آهي ته ان جو خطرو ماحولياتي تبديلين کان به وڌيڪ ترت ۽ تڪڙو آهي. سائنس جون ايجادون جتي انساني سماج کي ترقي وٺرائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيون آهن، اتي ڪيترن نقصانن جو پڻ سبب رهيون آهن.

مصنوعي ذھانت ۽ تعليم جو نظام:

روايتي تعليم جي نظام ۾ ڪافي ساريون ڪمزوريون جهڙوڪ انتظامي ناقص ڪارڪردگي، امتحاني نظام جي غير شفافيت، غير معياري نصاب، ڪلاس روم ورڪ جا روايتي طريقا، عملي جي مهارت، ڪارڪردگي، انسپيڪشن جو روايتي طريقو، وغيره قابل ذڪر آهن، جن کي مصنوعي ذھانت سان تبديل ڪري يا سڌاري سگهجي ٿو.

تعليم کاتي جي انتظاميا سڄو سال رڳو تعليمي سال جو شيڊول، عملدارن ۽ استادن جون بدليون ڪرڻ ۾ مصروف رهي ٿو، ڪڏهن به اعليٰ اختيارين تعليمي معيار ۽ امتحان جي طريقيڪار شاگردن جي پڙھائي جي چڪاس بابت ڪو ٺوس قدم کڻي نه سگهي آهي. اسڪول ۽ ڪاليج جي پڙهائي رڳو فيئر ڪاپيون ڪري سڄو سال گذارين ٿا. امتحان ۾ ڪاپي يا رٽو لڳائڻ کانسواءِ ڪو چارو نه ٿو ڏسجي. استادن جي ڪم ماپڻ بابت به ڪو طريقو وضع نه ٿي سگهيو آهي. شاگرد نصابي ڪتابن سان گڏ مشق ڪاپين جو بوج کڻڻ تي مجبور ڏسجن ٿا. نصاب، استاد عملو ۽ انتظاميا جي ڪا به قابل ذڪر ڪارڪردگي نه پئي ڏسجي.

سنڌ جي ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم جو وڏو نقص ساليانه امتحان آهي، جيڪو تمام تر ناڪامي جي باوجود جاري آهي. سڄي سال جي مشق يا ڪم کي هڪڙي پيپر سان  چڪاسڻ ڪنهن به طرح مناسب نه ٿو ڏسجي، جڏهن ته سموري دنيا ۾ ڇهه ماهي امتحان جو طريقو لاڳو آهي، پر سنڌ ۾ سالانه امتحان کي جاري رکيو ويو آهي، جيڪو شاگردن تي هڪ وڏو بار بڻيل آهي. جنهن جو منفي نتيجو نقل جو رجحان پڻ آهي. وزارت تعليم کي ان فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گھرجي.

مصنوعي ذھانت سان انتظامي، امتحاني، پيپرن جي چڪاس، عملي جي ڪم جي چڪاس ۾ ڪافي مدد ملي سگهي ٿي.

مثال طور تعليم کاتي جي عملي جا انگ اکر، شاگردن جي انرولمينٽ، امتحاني سوالنامو، جوابي ڪاپيون، رزلٽ شيٽون، سالانه انسپيڪشن رپورٽون، حاضري وغيره بابت مڪمل رپورٽ مصنوعي ذھانت جي حوالي ٿي سگهي ٿي.

سڀ کان وڌيڪ استادن ۽ شاگردن جي قابليت ۽ ڪارڪردگي جي چڪاس مصنوعي ذھانت حوالي ٿي سگهي ٿي. جيڪا موجوده وقت ۾ روايتي طريقي سان تسلي بخش قرار ڏئي نه ٿي سگھجي.

هر سال شاگردن جي پاس يا فيل جا انگ اکر يا ان جو سيڪڙو باآساني مصنوعي ذھانت سان حاصل ڪري سگهبو.

هن وقت مصنوعي ذھانت تعليم جي شعبي ۾ ڪلاس روم روين جي مينيجمينٽ، ليسن پلاننگ، ڪلاس روم آڊيو، وزيوئل، پيرينٽ ٽيچر ڪميونيڪيشن، لينگويج لرننگ، ٽيسٽ پرپيئريشن، لرننگ مينيجمينٽ سسٽم، اسٽاف شيڊولنگ، پروفيشنل ڊولپمينٽ، اگزيم انٽيگرٽي وغيره جھڙا ڪم سرانجام ڏيڻ شروع ڪيا آهن. ايندڙ وقت ۾ روايتي طريقي جي جڳھ مڪمل طور مصنوعي ذھانت والاري سگهي ٿي. جنھن لاءِ سماج کي تيار رهڻ گهرجي.

***