نئون

دل جي مرمت ڪرڻ وارو اسپري ايجاد

اٽلي جي ماهرن ڪيلشم فاسفيٽ تي مشتمل نينو ذرڙن وارو اسپري ٺاهيو آهي جيڪو دل جي دوري کانپوءِ ان جي مرمت ڪري سگهندو. دل جي دوري (هارٽ اٽيڪ) کانپوءِ دل جي ڏورن کي سخت نقصان پهچندو آهي، جنهن سان دل جي ڪارڪردگي متاثر ٿيندي آهي. هاڻي ماهرن پاران نينو ذرڙن تي مشتمل هڪ اسپري ٺاهيو آهي جيڪو ڦڦڙن مان ٿيندو دل تائين ويندو آهي جتي نينو ذرڙا پنهنجي دوا خارج ڪندي دل کي پهچندڙ نقصان کي ٺيڪ ڪندا آهن. اسپري ۾ ساهه کڻڻ سان دل جي مرمت ٿي ويندي آهي ۽ جڏهن ان کي جانورن تي آزمايو ويو ته ان جا بهترين نتيجا سامهون آيا. هڪ تجربي ۾ اهڙن ڪوئن تي هن اسپري جو تجربو ڪيو ويو جنهن جي دل ۾ تجربي خاطر اهڙي خرابي ڪئي وئي هئي جيڪا هارٽ اٽيڪ کانپوءِ ٿيندي آهي. تجربي ۾ ان ڪوئي جي دل ۾ بهتري اچي وئي. اهڙن 15 ڪوئن ۾ رت جي مقدار 15 سيڪڙو وڌي وئي. اٽلي جي يونيورسٽي جي پروفيسر مائيڪل ميراگلي جي نگراني ۾ ٿيندڙ هن ڪم ۾ هڪ ڪوئي جي صحت ۾ مڪمل بهتري کي انقلابي قدم قرار ڏنو ويو.