ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ادرڪ ۾ ڪينسر خلاف اهم جزا دريافت
ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن خاص طور انڊونيشيا ۾ ڪينڪر نالي ادرڪ عام جام ملي ٿي. هاڻي معلوم ٿيو آهي ته ان ڀاڄيءَ ۾ ڪيترائي اهڙا جزا آهن، جن سان ڪينسر کي روڪي سگهجي ٿو يا ان جي پکيڙ کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. اها ادرڪ ڏسڻ ۾ اروي جهڙي لڳي ٿي. ڪينڪر ادرڪ ۾ ايٿائل پي ميٿو ڪيسيمينٽ (ايم ايم سي) گهڻي مقدار ۾ ملن ٿا. ان جز جي باري ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ڪينسر جي رسولين کي وڌڻ کان روڪي ٿو ۽ ان عمل ۾ مائي ٽو ڪوڊريئل ٽرانسڪرپشن فيڪٽر اي اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.

