پرتگال ۾ والد جي لاپرواهي سبب 10 مهينن جي ٻارڙي موت جو شڪار
غير ملڪي ميڊيا مطابق پيءَ پنهنجي 10 مهينن جي ڌيءَ کي گاڏيءَ ۾ وساري هليو ويو ۽ ان وقت گرمي پد 26 ڊگري سينٽي گريڊ هو. پرتگالي اخبار موجب پيءُ يونيورسٽي جو ليڪچرار آهي ۽ 12 سيپٽمبر جي صبح جو هن کي ڌيءَ کي نرسري ڇڏڻ وسري ويو ۽ سڌو پنهنجي نوڪريءَ تي هليو ويو. 7 ڪلاڪن کانپوءِ جڏهن پنهنجي گاڏيءَ جي پٺين سيٽ تي ڌيءَ کي بيهوش ڏٺائين ته حيران ٿي ويو ۽ هن کي کڻي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، ان دوران ايمرجنسي ٽيمن کي به سڏيو ويو جن موقعي تي پهچي ننڍڙي ٻارڙي جي موت جي تصديق ڪئي. رپورٽن مطابق 12 سيپٽمبر تي گرمي پد 26 ڊگري سينٽي گريڊ هو پر چيو وڃي ٿو ته گاڏي بند هئڻ سبب اندر گرمي پد 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي چڪو هو. غير ملڪي ميڊيا مطابق ٻارڙي اندر ستي پئي هئي، ان سبب پيءَ کان ننڍڙي ٻارڙي وسري وئي وڌيڪ حقيقتون پوسٽ مارٽم کانپوءِ سامهون اينديون.

