نئون

هاڻي روبوٽ ميز ۽ ڪرسيون ٺاهيندا

ميسا چوسيٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي ايم آءِ ٽي جي هڪ ماهر واڍن کي خطرن کان بچائڻ لاءِ ڪاٺ مان ميز ۽ ڪرسيون ٺاهڻ وارو روبوٽ ٺاهيو آهي، جيفري لپٽن کي اهو خيال تڏهن آيو جڏهن هو هڪ واڍي وٽ ڪم سکڻ لاءِ ويو ته ان واڍي ڪم دوران پنهنجي آڱر حادثي ۾ وڍي ڇڏي. ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي جيفري پنهنجي ٽيم جي مدد سان روبوٽ ٺاهيو آهي جيڪو ميز ۽ ڪرسيون ٺاهي سگهي ٿو. جيفري لپٽن جو چوڻ آهي ته هن روبوٽ جي مدد سان ماڻهن کي حادثن کان بچايو ويندو. وڊيو ۾ توهان ڏسي سگهو ٿا ته روبوٽ ڪاٺ جي تختي جي ماپ وٺي ان کي احتياط سان ڪٽي ٿو. روبوٽ جو سافٽ ويئر مختلف طريقن سان ان جي مدد ڪري ٿو. هن روبوٽ جو نالو Auto saw رکيو ويو آهي. هن روبوٽ سان ڪوبه اناڙي ماڻهو پنهنجي پسند جو ڪاٺ جو فرنيچر ٺاهي سگهي ٿو. هن وقت اوائلي ڊزائن هئڻ سبب روبوٽ صرف ڪاٺ جي ٽڪرن کي کڻي انهن جي ماپ ڪري ۽ ڪٽي سگهي ٿو. جڏهن ته انهن ٽڪرن ۾ سوراخ ڪرڻ ۽ ڪوڪا هڻڻ جو ڪم ماڻهو کي پاڻ ڪرڻو پوي ٿو. جيفري هن روبوٽ کي ٺاهڻ کانپوءِ تمام خوش آهي ۽ هاڻي هو ان روبوٽ کي وڌيڪ بهتر بنائڻ تي ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ روبوٽ هڪ ٽيبل يا ڪرسي ٺاهڻ جو مڪمل ڪم پاڻ ڪندو.