ايڊيٽوريل

چيف سيڪريٽري پنجاب طرفان ڪامورا شاهي ۾ ڪلاس سسٽم متعارف

ملڪ ۾ ڪامورا شاهي يا نوڪر شاهي جو ڪردار هميشه حاڪميت وارو رهيو آهي. حڪومت ڀلي ڪنهن جي به هجي، پر هنن جي حڪم کانسواءِ انتظام جو ڪوبه ڪم نه ٿيندو آهي. بظاهر ته هنن کي سول سرونٽ عوامي نوڪر چيو ويندو آهي، پر انهن جو رويو حاڪمانه هوندو آهي. انهيءَ ۾ به ڪو شڪ نه آهي ته سول سرونٽ ملڪ جي انتظامي سسٽم جو Back Bone هوندو آهي، انهيءَ ڪري انهن کي مراعات، پگهارون ۽ اختيار ملڪ جي باقي ملازمن کان وڌيڪ هوندا آهن. هنن جي لاءِ امتحان جو طريقيڪار به مختلف هوندو آهي، پر هيءَ ڪامورا شاهي انگريز حڪمران جي باقيات آهي. انگريز آفيسرن کي مقرر ڪري حڪومت ڪندو هو، جنهن کي صاحب بهادر چيو ويندو هو. اهو ئي لفظ صاحب آهي، جنهن کي سپريم ڪورٽ ختم ڪري ڇڏيو آهي. انگريز سرڪار هيٺين ليول تي ڪجهه ديسي آفيسر به ڪامورا شاهي ۾ مقرر ڪيا هئا. جڏهن انگريز سرڪار جو خاتمو ٿيو، پاڪستان آزاد ٿيو ته گڏيل هندوستان جو وڏو حصو جيڪو هن وقت ڀارت ملڪ آهي، انهن ڪامورا شاهي کي هڪ حد ۾ رکيو، انهن جا اختيار ته محدود نه ڪيا، پر انهن جون مراعتون گهٽ ڪيون ۽ احتساب جو سرشتو رائج ڪيو ته جيئن اهي آفيسر ڇڙواڳ نه ٿي وڃن. افسوس سان پاڪستان ۾ ائين نه ٿي سگهيو. انهن آفيسرن پاڻ کي ملڪ جي عوام جي مٿان حڪمران طور برقرار رکيو. جڏهن ملڪ ۾ آمر آيا ته به هي انهن سان گڏجي حڪمراني ۾ حصيدار رهيا. پنهنجي لاءِ الڳ ڪلب جيمخانه جي روپ ۾ هر ضلعي ۾ ٺاهيا ويا. ان جيمخانه جي فنڊنگ عوام جي ٽيڪس تي حاصل ڪيل ناڻي مان هوندي آهي، پر ان وقت جي حڪمرانيءَ جي نشي جو تسلسل ديسي آفيسرن کان اڄ به ختم نه ٿيو آهي، ان ڪري ملڪ بجاءِ ترقي ڪرڻ جي تنزلي طرف وڃي رهيو آهي. هن وقت اهڙي ڪلاس سسٽم جي نشي جو اظهار چيف سيڪريٽري پنجاب طرفان جي او آر لاهور ۾ قائم ٿيل سول سرونٽ ڪلب ۾ ٿيل تبديلين جي ذريعي ڪيو آهي، جنهن ۾ هن ڪامورا شاهي جي ڪلاس کي 3 ڪلاسن ۾ ورهايو آهي. ڪلب جيڪا سڀني مرڪزي سول سرونٽ ۽ پراونشل سول سرونٽ جي لاءِ دستياب هوندي هئي، ان ۾ ميمبر ٿيڻ لاءِ 3 ڪئٽيگري رکيون ويون آهن. هڪ پلاٽينم ميمبر جنهن جي ميمبرشپ في تمام گهٽ آهي، ان کي ڪلب جي هر شعبي ۾ رهائش کان وٺي کاڌي تائين، جنهن ۾ گيمز پڻ شامل آهن، سبسيڊي ڏني وئي آهي، ان ۾ صرف پاڪستان ائڊمنسٽريٽر سروس گروپ جا 20 گريڊ ۽ ان کان مٿي وارا ملازم حاضر سروس يا رٽائر يا هاءِ ڪورٽ پنجاب جا جج شامل آهن ياد رهي ته هن ۾ پوليس گروپ جو ڪوبه سول سرونٽ نٿو اچي سگهي، ڀلي اهو 21هين گريڊ ۾ ڇو نه هجي. ٻئي نمبر تي گولڊ ڪارڊ جنهن جي فيس وڌيڪ ۽ رعايت گهٽ ۽ ٽئين نمبر تي سلور ڪارڊ جنهن ۾ باقي بچيل مرڪزي توڙي صوبائي نوڪر شاهي جا آفيسر ميمبر ٿي سگهن ٿا، جن جي فيس تمام گهڻي آهي ۽ انهن جون مراعتون پڻ مهانگيون آهن. ٿيڻ ته ائين کپي سڀ آفيسر برابر آهن، انهن کي مراعتون گريڊ وائز ملن ٿيون ۽ هر هڪ جون پنهنجيون پنهنجيون ذميواريون آهن. انهي ذميواريءَ جي ڪري ڪوبه آفيسر ڪمتر يا بالاتر نه هوندو آهي، سڀئي آفيسر عوام جي ٽيڪسن مان پگهارون کڻن ٿا، انهن کي عوام جي فائدي لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ کپن، پر عوام چيف سيڪريٽري پنجاب جي هن سوچ مان ڇا سمجهي، اها حڪمراني واري سوچ آهي، جنهن عوام کي رعيت سمجهي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي، جنهن جي ڪري اڄ به ملڪ ڏتڙيل حالتن ۾ ڦاٿل آهي. عوام سوچي ٿو ته پوري دنيا جڏهن برابري طرف وڃي رهي آهي. ان دور ۾ چيف سيڪريٽري پنجاب کي ڪهڙو خيال آيو جو انگريز دور ۾ ڪلبن لاءِ ٺاهيل قانون واپس لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جڏهن انگريز دور ۾ آفيسرز ڪلب ۾ انگريز آفيسرن جا حصا الڳ هوندا هئا ۽ اتي ڪوبه ديسي آفيسر داخل ٿي نه سگهندو هو. ايستائين جو ريلوي ۾ سفر ڪرڻ جي دوران انگريز آفيسر جو ڪلاس الڳ هوندو هو ۽ ديسي آفيسر جو ڪلاس الڳ هوندو هو. چيف سيڪريٽري پنجاب ان دور کي ملڪ ۾ واپس آڻڻ چاهي ٿو، بجاءِ ڪامورا شاهي ۾ بهتر تبديليون آڻي، جنهن سان ڪامورا شاهي پاڻ کي عوام آڏو جوابده محسوس ڪري ۽ ان جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري. اسانجو ملڪ هڪ آزاد ملڪ آهي، اهي سڀ آفيسر عوام جي ٽيڪسن تي پگهارون کڻن ٿا. انهن کي ڪوبه حق نه آهي ته ڪلاس سسٽم جي ذريعي متڀيد جو هڪ نئون سسٽم متعارف ڪرائن، جنهن سسٽم جي ذريعي عوام پهرين ڀوڳي رهيو آهي. ڏسئون ته هن وقت جو نگران وزيراعليٰ پنجاب انهيءَ ڏس ۾ ڪهڙي ڪوشش ڪري ٿو، ڇا هو ان تفريق کي برقرا رکندو يا ان کي في الفور ختم ڪندو. عوام چاهي ٿو ته پوري ملڪ جي ڪامورا شاهي عوام جي ڀلي لاءِ پنهنجون ذميواريون بخوبي ادا ڪري.