منھنجا محبوب ڏاڏا سائين
22 آڪٽوبر منھنجي ڏاڏا ڊاڪٽر حبيب الله صديقي جي وڇوڙي کي ٻارنھن مھينا گذري ويا ۽ سندن پھرين ورسي آھي، دل به گهڻي اداس آھي. اڄ مون سوچيو پئي ته ڪجھ يادون جيڪي ذھن جو آشيانو آباد ڪري ويٺيون آھن، انھن يادن جي باري ۾ لکان جيڪي پنھنجي حبيب سان گڏ گذريون آھن، وفات کان ٽي ڏينهن پھريان، مون کي ڏاڏا سائين پاڻ وٽ سڏيو. مان ويس ته مون کي چيائون ته رات منھنجي خواب ۾ مخدوم زمان طالب المولا صاحب آيا ھئا ۽ انھن کي مون چيو ته: مخدوم صاحب! اڄ ڏسو ته صبح ڪيڏي سڌوري آ ته مخدوم صاحب وراڻيو ته: اي حبيب! اوھانجي ته ھر صبح سڌوري آهي!، پوءِ مون کي مسڪرائيندي مخدوم صاحب جو ھڪ ڏاڍو خوبصورت شعر ٻڌايائون.
وئي عمر گذري خطائون ڪندي ڪندي
ماڻھن ڪين گھٽايو دغائون ڪندي ڪندي
علم جي باري ۾ ھميشه اھو چوندا هئا ته علم ۾ ڪا به پارٽي بازي ڪانه ٿيندي آ، جي اعتبار آ، تاريخ اعتبار جي نالي ڪندؤ ته ھڪ غلط تاريخ به اوھان کي درست لڳندي نه ڪندؤ ته سچي تاريخ به اوھان کي غلط لڳندي. ڏاڏا سائين جو ھڪ مختلف انداز ھو، ھر شيءِ کي بيان ڪرڻ جو، مون کي ياد آھي ته جڏھن ڪورونا وائرس جو وقت ھو ته ڪورنٽائن جي وقت ڏاڏا سائين ۽ مان گڏ ويهي شعر و شاعري جا ملاکڙا ڪندا ھئاسين منھنجا بھترين ڏينھن ھئا. ڏاڏا سائين ھڪ شعر لکيو ڪورونا وائرس تي؛
اي ڪورونا تنھنجو احسان ٿيو آ
جو اڄ انسان کان پري انسان ٿيو آ!
ڏاڏا سائين سان گهڻا ئي ماڻھون ڏاڍو پيار ڪندا ھئا، ڏاڏا سائين جو اخلاق انھن جي شخصيت جو ھڪ وڏو مثبت پھلو ھو، ڪجھه شخصيتون اھڙيون ھونديون آھن، جن جي باري ۾ جيڪڏهن ھڪ انسان ڳالھائي ته ڏاڍو سوچي سمجھي ڳالھائي ۽ لفظن جي چونڊ ۾ به ڪافي سوچي، منھنجو ڏاڏا سائين انھن شخصيتن مان ھڪ ھو، مون جڏھن به انھن کي ڏٺو آهي، سو ھميشه مسڪرائيندي ڏٺو. ڏاڏا سائينءَ جي خوش مزاجي جي ھڪڙي وجهه اھا به ھئي ته انھن جي الله سائين تي توڪل ھئي، ھر مسئلي جو حل انھن وٽ پھريان ئي ھوندو ھو! ڏاڏا ۾ شخصيت جي مضبوطي ڏٺي ھئي. مون پنھنجي محبوب، پنھنجي ڏاڏا کي ڪڏھن به پريشان ٿيندي نه ڏٺو. ڏسي دل ۾ اھو سوچيندو ھيم ته خدا منھنجي ڏاڏا کي ڏاڍي سھڻي نموني ٺاھيو، ڏاڏا سائين جي مسڪراهٽ تي مان قربان وڃان!، انتھائي معصومانه مسڪراهٽ ھئي، ڏاڏا جا ٽي شاعري جا ڪتاب ڇپيا ھڪڙو وارداتون، ٻيو رچنائون ۽ ٽيو تازو ڪلام، ۽ ان کان پوءِ ڏاڏا سائين وارداتون ۽ رچنائون کي گڏائي ڇڏيو ۽ ان کان پوءِ تازو ڪلام جنھن ڏاڏا ۾ سائين جي شاعري انتھائي بھترين لکيل آھي ۽ ان ۾ لفظن جو استعمال به ڏاڍي سھڻي نموني ٿيل آھي ۽ ان کان پوءِ ڏاڏا سائين ھڪڙو ٻيو شاعري جو ڪتاب پي لکڻ چاھيو، پر ڏاڏا جي ھٿ جي تڪليف سبب نه لکي سگھيا جنھن جو نالو پاڻ ”قصو مختصر“ ٻڌائيندا ھئا، ۽ ڏاڏا سائين مون کي چوندا ھئا ته تون پنھنجي ٻي ڪتاب جو نالو اھو رکجان، منھنجي شاعريءَ ۾ دلچسپي مون کي ڏاڏا سائين کان ملي، منھنجو پھريون شاعريءَ جو ڪتاب مون پنھنجي ڏاڏا جي رھنمائي ۾ لکيو، جنھن جو عنوان ”ڪلامِ عمر“ ھو، ڏاڏا سائين منھنجي ڏاڍي ھمٿ افزائي ڪئي ۽ منھنجا شاعريءَ جا پاڻ استاد به رھيا، ايئن ئي صرف منھنجي نه، پر الائي ڪيترن ئي ماڙھن جي جيڪي اڳتي وڌڻ لاءِ ڪجھ ڪري رھيا ھئا، انھن سڀن جي رھنمائي ۽ ھمت افزائي ڪئي، ڏاڏا سائين پاڻ ھڪ اھڙي شخصيت ھئا جنھن کان ھر ماڙھو سکندو ھو، ڏاڏا سائين رات جو 8 يا 9 وڳي تائين سمھي رھندا ھئا، پوءِ نماز تھجد لاءِ اٿندا ھئا ۽ تھجد کان پوءِ قرآن شريف جي تلاوت ڪندا ھئا ۽ پوءِ پنھنجي روزمره جي ڪمن کي شروع ڪندا ھئا، انتھائي انمول تحفو ھو، منھنجو حبيب منھنجو ڏاڏا سائين، الائي ڪيترا ماڻھون ساڻس گڏجاڻي لاءِ ايندا ھئا ۽ انھن سان روح رهاڻ ڪندا ھئا، پوءِ ھڪ علمي ادبي ڪچھريءَ جو سلسلو جاري رھندو ھو، ۽ مون کي خوشي آھي انھيءَ ڳالھ جي ته مان به انھيءَ ادبي ۽ علمي گڏجاڻي جو حصو رھيس، ڏاڏا سائين جڏھن دعوتن تي نه وڃي سگهندا ھئا ته پاڻ مون کي سڏيندا ھئا ۽ موڪليندا ھئا، اھا دعوت علمي ۽ ادبي ڪچھريءَ جي صورت ۾ ھوندي ھئي يا ته وري ڪنھن ٻئي طرح جي دعوت معنيٰ شادي وغيره. ڏاڏا سائين جي ھر ننڍي وڏي ماڻھون لاءِ دل ۾ ڏاڍي عزت ھئي، ھر ڪنھن جو خيال رکندا ھئا، ھر ڪنھن جي ٻڌندا ھئا، ڪو به ماڻھون جڏھن مجبوري سبب ايندو ھو ته ڪوشش ڪري ان کي خالي ھٿ نه موٽائيندا ھئا، ۽ پاڻ ڪوشش ڪندا ھئا ته ھن جو مسئلو حل ڪري. پاڻ گھٽ ڳالھائيندا ھئا ۽ ٻڌندا وڌيڪ ھئا. ڏاڏا سائين جھڙا عالم ھن ڌرتي تي ھڪ خزاني وانگر ھوندا آھن، انسان جي تاريخ پھريون جلد ۽ ٻيو جلد، تاريخ بابل اسلام سنڌ، ايجوڪيشن ان سنڌ پاسٽ اينڊ پريزنٽ، دي سن آف ڊيزرٽ جھڙا ڪتاب ڪو عام ماڻهو نه ٿو لکي سگهي، هڪ وڏو دانشور ۽ اديب ئي لکي سگھي ٿو.! پر ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، منھنجا حبيب ڏاڏا سائين، ھو ھميشه مون سان گڏ آھن، ڏاڏا سائين جون دعائون منھنجي لاءِ قيمتي تحفا آھن، اھو ڏينھن شايد ڪوئي گذريو ھجي، جنھن ۾ مون کي پنهنجي حبيب ڏاڏا سائين جي ياد نه آئي ھجي، يادن کي ياد ڪري خوش ته ٿيندو آھي انسان، پر اوترو ئي ڏکارو به ٿيندو آھي، ڏاڏا سائين مون کي ياد جي باري ۾ ھڪڙو شعر ٻڌائيندا ھئا جيڪو ھن ريت ھو؛
یاد ماضی عذاب ہے یارب؛ چھین لے مجھ سے حافظہ میرا!
الله تعاليٰ منھنجي حبيب سائين کي جنت الفردوس ۾ ھڪ وڏو مقام عطا فرمائي، آمين. يارب العالمين، ڏاڏا سائين سان محبت ڪندڙن جي دل ۾ ڏاڏا سائين جا درجات ھميشه بلند رھندا، مان پنھنجي خدا جو شڪر ادا ٿو ڪيان ته مون کي ھڪ وڏي عالم ڊاڪٽر حبيب الله جي صحبت نصيب ٿي! ھي ڪجھه شعر آھن جيڪي مون پنھنجي محبوب ڏاڏا حبيب سائين لاءِ لکيا آھن؛
عالمي اوھان جي صحبت رھي
عاجزي اوھان جي طبيعت رھي
روحاني اوھان جي ڪيفيت رھي
لازمي اوھان جي تربيت رھي
ھن دل ۾ رھندي ياد اوھان جي
ھن دل ۾ ياد آباد اوھان جي حبيب سائين
حياتي خوب گذري جا گذري سا گذري شاد اوھان جي
جنھن دل جا تارا روشن رھيا زندگي اوھان جي رھنمائي ۾ گذري
ھن دل جو آئون بنياد اوھان جي علم و شعور جي ڪمائي ۾ گذري
اسان جو نصيبن وارا رھياسين صحبتِ حبيب! چڱائي ۾ گذري
اوھان جي بغير مشڪل زندگي، اوھان سان گڏ مڪمل زندگي
دل جي دنيا ويران ٿي وئي اوھان تي ھئي مشتمل زندگي
اوھان جي ياد ٿي اچي ڏاڍي ڪيئن گذرندي مستقل زندگي
***

