بلاگنئون

اسان جون اوطاقون، اسان جي مسئلن جو حل

جڏهن اسان ننڍا هوندا هئاسين ته ان وقت اسان جي ڳوٺ ۽ اسان جي ٻين ڀر وارن ڳوٺن ۾ اوطاقن تي گڏجي ويهڻ ۽ حال احوال ڏيڻ ۽ وٺڻ جو رواج عام هوندو هو. جڏهن اوطاق جي اندر ڪنهن به ڳوٺ واري جو ڪو پري جو مهمان ايندو هو ته ان رات جو سمورو ڳوٺ جنهن ۾ وڏا ۽ ننڍا شامل هوندا هئا، اها ڪچهري رات جو دير تائين هلندي هئي.
جڏهن اوطاق ۾ اڪثريت ڪچهري ڪرڻ وارن جي پهچندي هئي ته مهمان کي سٺي ماني کارائي پوءِ ان کان حال احوال پڇيو ويندو هو. جنهن ۾ سڀ کان پهريان ان جي اولاد ۽ گذر سفر جو پڇيو ويندو يعني سماجي ۽ معاشي معاملن تي ڳالهه ٻولهه شروع ٿي ويندي هئي ۽ جنهن ۾ ننڍي عمر جي ٻارن کي سکڻ جو موقعو ملندو هو.
مون کي چڱي طرح ياد آهي ته اوطاقن ۾ جيڪا ڪچهري ٿيندي هئي، ان ۾ حال احوال جو محور اوهان جو اولاد، مال متاع، فصل ۽ ثقافت اهي اهم نڪتا هوندا هئا.
ڪچهري دوران اولاد جو تعداد ۽ انهن جي ڪهڙن ڌنڌن سان وابستگي آهي ۽ اهي پنهنجن ٻين مٽن مائٽن جو ڪيترو خيال ڪندا آهن، پر جيڪڏهن انهيءَ فرد جو اولاد ان وقت اوطاق ۾ موجود آهي ته ان کي ڳوٺ جا نيڪ مرد يا مهمان پنهنجن غريب مٽن مائٽن ۽ دوستن جي خيال ڪرڻ جون هدايتون ڪندا هئا، پر جيڪڏهن ڪو ڳوٺ جو ماڻهو بيمار هوندو هو ته ان کي انهن سان گڏجي پڇڻ ويندا هئا ۽ وس آهر ان جي مدد پڻ ڪئي ويندي هئي.
جڏهن مال جو ذڪر ٿيندو هو ته ان جي کاڌ خوراڪ، واڌ ويجهه سان گڏ بيمارين جو ذڪر به ٿيندو جيڪڏهن ان وقت ڪا مال جي اندر وبائي بيماري هوندي هئي ته ان لاءِ وري ڳوٺاڻن مان ڪي مال جي بيمارين ڄاڻو پڻ هوندا هئا ۽ اهي ان مال جي بيماري جي بچاءَ لاءِ دوائون ۽ ديسي ٽوٽڪا ٻڌائيندا هئا ۽ ان سان گڏ اها به ڪوشش ڪئي ويندي هئي ته مال جو علاج مڪمل ڪيو وڃي. مون کي ته اهو به ياد آهي ته اسان جي ڳوٺ ۾ بچل نالي مال جي بيمارين جو ماهر هوندو هو ۽ اهو مال جو علاج پنهنجن پيسن سان ڪندو هو، ڇا ته زمانو هو جنهن ۾ سهپ ۽ هڪ ٻئي جو خيال رکيو ويندو هو. اوطاق ۾ ويهڻ سان هڪ ٻئي جا سماجي مسئلا حل ڪيا ويندا هئا، ناراضگين جا فيصلا ڪيا ويندا هئا، ٺاهه ۽ هڪ ٻئي سان گڏجي هلڻ جي تلقين ڪئي ويندي هئي ۽ ان هدايت تي اڪثر نوجوان هلڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.
اوطاق ۾ فصل جو ذڪر ضرور ڪيو ويندو هو ڇو جو اسان جو ٻهراڙي جو سماج مڪمل زرعي سماج آهي ۽ ان سماج جي سونهن وري اوطاق آهي. اوطاق ۾ فصلن جي موسم، ٻج ۽ فصل جي بيمارين جو ذڪر ۽ حل ڳوليو ويندو هو.
مون کي ياد آهي ته ڪڻڪ ۾ رتي جي بيماري، چڻن ۾ سيءَ يا سردي جو ساڙ، اونهاري ۾ وونئڻن جي بيماري جي بچاءَ لاءِ اوطاق ۾ مختلف قسم جون تدبيرون يا بچاءَ جا طريقا ٻڌايا ويندا هئا.
سٺي فصل لاءِ اهو عام هوندو هو ته ”ٻج هجي نج“ ٻني کي هر، پاڻي ۽ ان فصل کي ضرورت مطابق خوراڪ وقت سر ڏيڻ گهرجي. اهي سڀ عقلمندي جون ڳالهيون اوطاقن ۾ ٿينديون هيون، پر افسوس اهي مقامي ڏاهپ ۽ گڏجي ويهڻ جي روايت هاڻي اسان کان موڪلائي وئي آهي. جنهن جي ڪري اسان هاڻي نقصان ۾ وڃون پيا.
هتي آئون اهو به بيان ڪندو هلان ته اسان جون اوطاقون، اسان جي ثقافت ۽ ٻولي جي واڌ ويجهه جو اهم مرڪز رهيون آهن، جنهن ۾ اڪثر ڪري سياري جي موسم ۾ راڳ رنگ، ڏور بيت، ڳجهارتون، شاعري جون محفلون سجايون وينديون هيون. جنهن ۾ اسان جا مقامي يعني ثقافتي کاڌا پيش ڪيا ويندا هئا. جنهن سان اسان جي کاڌن جي باري ۾ اسان جي نئين نسل کي به ڄاڻ ملندي هئي. هن وقت اسان جي ثقافتي کاڌن جي باري ۾ تمام گهٽ ڄاڻ آهي، جيڪي اسان جي ثقافتي سڃاڻپ آهن، جنهن ۾ ماکي مکڻ، ساڳ، لسي، جوئر ۽ ٻاجهري جي ماني شامل آهن. اسان کي اها ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته اسان پنهنجيون اوطاقون آباد ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ۽ پنهنجي ثقافت، ٻولي، سماجي، معاشي طور تي هڪ ٻئي سان گڏجي هلون ۽ انهن سمورين شين کي بچائي ايندڙ نسلن تائين پهچايون.
***