بلاگنئون

ڪراچي شهر کي حڪمرانن جي روپ ۾ لٽيرن لُٽي ڦُري تباهه ڪيو آهي

ڪراچي شهر جي اهميت ٽن حوالن سان تمام گهڻي آهي، هڪ ته صوبي سنڌ جو گادي وارو شهر آهي، ان ڪري اهم آهي، ٻيو پوري ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيندڙ شهر هجڻ جي ڪري ملڪ جو معاشي حب آهي. ٽئين نمبر تي ڪراچي شهر کي بندرگاهه ۽ سندس جاگرافيائي بيهڪ جي ڪري پوري دنيا جي لاءِ اهميت حاصل آهي. توڙي جو انگريز غاصب هئا. ان جي باوجود جڏهن هنن 1843 ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو ته هنن ڪراچي شهر جي جاگرافيائي بيهڪ ۽ بندرگاهه جي ڪري ان کي اوليت ڏني ۽ ان جي ترقيءَ ۾ پورو پورو ڪردار ادا ڪيو. ريلوي لائين جي ذريعي ڪراچي جي بندرگاهه کي پوري ملڪ سان ڳنڍيو ويو. بندرگاهه جي ڪري سامونڊي رستي ڪراچي کي پوري دنيا سان ڳنڍي ڇڏيو. هڪ طرح سان ڪراچي جي تعمير ۽ ترقي انگريز راڄ ۾ ئي ٿي. انهن غاصبن جي دور ۾ ڪراچي شهر کي برِ صغير جو پئرس چيو ويندو هو. هي آهي ڪراچيءَ جي شاندار تاريخ جنهن جي گواهي بندرگاهه، بهترين رستا، بهتر طرزِ تعمير، سرڪاري توڙي خانگي عمارتون اڄ به ڏسڻ وٽان آهن، پر 75 سالن ۾ بظاهر ته حڪومت هتان جي حڪمرانن جي رهي آهي، پر محسوس ائين ٿيو آهي ته اهي سڀ حڪمران پنهنجي پنهنجي وقت ۾ ڄڻ لُٽيرا ۽ ڦورو رهيا آهن، جن جي خراب طرز حڪمراني هن شهر کي موجوده حالت تائين پهچايو آهي. سرڪاري انگن اکرن مطابق ڪراچي شهر جي تازي آدمشماري 2 ڪروڙ 4 لک کان وڌيڪ آهي، جنهن تي پڻ سوال آهي. اصل ۾ اها آدمشماري 3 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي. ڪراچي کي غريب پرور شهر چيو ويندو آهي. ڇو ته نه صرف پوري ملڪ جا غريب ماڻهو، پر خطي جا ايراني، افغاني، برمي، ڀارتي ماڻهو به هتي اچي جائز ۽ ناجائز طريقي سان رهي پنهنجو پيٽ گذر ڪن ٿا. ڪراچي کي روشنين جو شهر به چيو ويندو هو، جيڪو هاڻي چوڻ اجايو آهي. ڪراچي شهر سان پهرين ناانصافي 1948 ۾ ٿي، جڏهن ڪراچي کي تعمير ڪندڙ ماڻهن کي مجبور ڪيو ويو ته اهي شهر ڇڏي وڃن. اها لڏپلاڻ به افسوسناڪ آهي. انهيءَ جاءِ تي ايندڙ اسانجا ڀائر، انهن جي جاءِ ڀارت مان لڏي ايندڙ ماڻهن والاري. ان کانپوءِ 1960 واري ڏهاڪي ۾ پٺاڻ آبادي وڏي تعداد ۾ ڪراچي کي پنهنجي ڪاروبار ۽ رهائش لاءِ چونڊيو. ڪراچي جي آبادي ۾ لاقانونيت، هٿيار ۽ نشي جو وهنوار غير قانوني افغانين جي ڪراچي اچڻ جي ڪري ٿيو. ان جي ڪري شهر جي اصلي آبادين جو اقليت ۾ اچڻ لازمي هو. ۽ سڀ کان اهم ته شهر ڄڻ مافيائن جي حوالي ٿي ويو. ايم ڪيو ايم جيڪا خود ساخته ڪراچي جي مالڪي ڪري پئي، انهيءَ جي زماني ۾ ڪراچي شهر جي پارڪن ۽ گرائونڊن کي چائنا ڪٽنگ ڪري پلاٽنگ ڪئي وئي ۽ شهر جي اصل شڪل بگاڙي وئي، جنهن شهر ۾ ٽرام هلندي هئي، جنهن شهر ۾ سرڪيولر ريلوي هلندي هئي، اڄ ان شهر ۾ ڀڳل بسون ۽ چنگچي رڪشائن جو راڄ آهي. مافيائون شهري ادارن ۾ پنهنجا ماڻهو رکرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون ۽ انهن شهري ادارن اهڙين عمارتن کي منظور ڪيو، جنهن ۾ اعليٰ عملدارن رشوت وٺي اکيون پوري اهڙن منصوبن تي صحيحون ڪيون، جنهن جي ڪري ڪراچي شهر جي سونهن وارو چهرو بدصورت چهري ۾ بدلجي ويو. انهيءَ طرف ڪنهن به حڪمران ڌيان نه ڏنو آهي. اهي گهڻ منزلا عمارتون حفاظتي اپائن وٺڻ کان بغير ٺاهيون ويون. انهن ۾ ايمرجنسي گيٽ ڪونهن، انهن ۾ جيڪڏهن باهه لڳڻ جو واقعو ٿئي ٿو ته باهه وسائڻ لاءِ ايمرجنسي پاڻي جي لائن نه آهي، باهه وسائڻ جا اوزار جيڪي انهن گهڻ منزلا عمارتن لاءِ تمام ضروري آهن، اهي بلڪل نظر نٿا اچن. گذريل 11 ڏينهن ۾ ڪراچي شهر جي ٻن عمارتن ۾ باهه جي واقعن سبب 15 کان وڌيڪ ماڻهو سڙي مري چڪا آهن، ڪيترائي زخمي ٿيا آهن، ماڻهن جون اربين رپين جون جائدادون سڙي رک ٿي ويون آهن. گورنر سنڌ ميئر تي ڏوهه رکي ٿو. شهر جو ميئر چوي ٿو ته جيڪا پهرين عمارت گلستانِ جوهر ۾ هئي، ان ۾ اسانجو ڪوبه عمل دخل ڪونهي ڇو ته اها ڪينٽ جي حدن ۾ اچي ٿي ۽ انهيءَ عمارت جي منظوري نقشي کان وٺي ٺهڻ تائين ڪينٽ وارن ڏني آهي. هاڻي ڪينٽ وارن کان ڪير پڇي؟ پر جيڪو تازو ڪالهه وارو واقعو ٿيو آهي، اهو ته ميئر جي اختيار ۾ اچي ٿو، اتي فائر برگيڊ جون گاڏيون 40 کان 50 منٽ دير سان پهتيون، فوم جا دڪان هئا، فرنيچر ۽ ڪپڙي جا دڪان هئا، اهي سڀ سڙي ويا، انهن دڪانن جي تعمير جي اجازت ڪراچي شهر جي ميئر جي آفيس جي هٿ وس هوندي آهي، انهن جي چڪاس ڪرائڻ انهن کي لائسنس ڏيڻ اهو سڄو ڪم ميئر جو آهي، پر افسوس اهو آهي ته ميئر به چاهي جماعت اسلامي جو هجي، چاهي ايم ڪيو ايم هجي يا پيپلز پارٽي جو. حقيقت اها آهي ته شهر سان محبت گهٽ آهي، پنهنجن ذاتي مفادن سان محبت وڌيڪ آهي، جنهن جي ڪري هي خوبصورت شهر ڏينهون ڏينهن تباهه ٿيندو پيو وڃي. هر محبِ وطن شهري جو پرزور مطالبو آهي ته ڪراچي شهر جي سونهن واپس ڪئي وڃي ۽ جيڪي به قانون ٺهيل آهن، انهن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي جيئن اهڙي قسم جي انساني المين کي مستقبل ۾ روڪي سگهجي.