نئون

پي آءِ اي جا 49 سيڪڙو شيئر وڪرو ڪرڻ جو فيصلو

پاڪستان جي قومي ايئر لائين پي آءِ اي جا 49 سيڪڙو شيئر وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ پي آءِ اي جي ري اسٽرڪچرنگ جي منظوري ڏني وئي. ميڊيا رپورٽ مطابق پي آءِ اي جو خسارو 100 ارب رپين کان وڌي ويو آهي. فيصلي مطابق پي آءِ اي جا 49 سيڪڙو شيئر وڪرو ڪيا ويندا جڏهن ته 51 سيڪڙو شيئر حڪومت وٽ رهندا. واضح رهي ته پي آءِ اي جو خسارو ڪير برداشت ڪندو ان جو فيصلو اڃان ڪرڻ باقي آهي. خبر موجب ري اسٽرڪچر پلان مطابق جهازن ۽ فلائيٽ آپريشنز کي الڳ ڪرڻ، ٽڪيٽنگ ۽ زميني آپريشنز کي الڳ ڪري هلايو ويندو.